• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪامياب ازدواجي زندگيءَ جو راز

نثارابڙو

نائب منتظم
525810_10150974640878948_1954487864_n.jpg

ڪامياب ازدواجي زندگيءَ جو راز

هڪ دوست پڇيو ٻي دوست کان ته يار! تنهنجي ڪامياب ازدواجي زندگيءَ جو راز ڇا آهي؟ ٻي دوست جواب ڏنو ته اسين هڪٻئي جي فيصلن ۾ مداخلت ناهيون ڪندا ..!!!
پهرين دوست چيو کولي سمجهاءِ
ٻي دوست وراڻيو؛ وڏا وڏا فيصلا آءُ ڪندو آهيان ۽ ننڍڙا ننڍڙا فيصلا مون واري زال ڪندي آهي، مثال؛
فرنيچر ڪهڙو وٺڻو آهي، ڪار ڪهڙي رکڻي آهي، ٻار ڪهڙي اسڪول ۾ پڙهندا، ڪهڙي مائٽ سان کائڻو آهي ڪهڙي سان نه، ڪپڙا ڪهڙا وٺڻا آهن، ساماڻ ڪهڙو رکڻو آهي، ڪڏهن ۽ ڪيڏانهن گهمڻ وڃڻو آهي... وغيره وغيره اهي سڀ فيصلا منهنجي زال ڪندي آهي ...
ڪرڪيٽ ڪير کٽندو؟ ايندڙ اليڪشن ۾ آمريڪا جو صدر ڪير ٿيندو؟ آمريڪا ۽ ايران جي جنگ لڳندي يا نه، سائنسدان چنڊ تي پهتا يا نه، هن سال ٻوڏ ايندي يا نه ، قيامت ڪڏهن ايندي... وغيره وغيره اهي سڀ فيصلا آءُ ڪندو آهيان ...
 
توهان جو ساڳيو ليک 2010 ۾ به پڙهيو۔۔۔ وري هن ئي سال مارچ ۾ به پڙهيو ۽ وري هن موضوع کي پڙهيو پر هر دفعي پڙهي اصل ڏاڍو لطف آيو۔۔۔
رازن تا جي پردو اٿيو ته سڀ سور ظاهر ٿي پوندا۔۔۔ ;)
ابا سمجهندا ڪريو ۔۔۔ اهو مسئلو هر سال جو آهي ۔۔۔ صرف هڪ سال جو ناهي ۔۔۔ ٻيو هن دفعي ڳالهه کي ٿورو مختصر ڪري ڪم هلايو اٿم ۔۔۔ ههههههههههههه
 
اڇا!

اسان ته اهو سالن کان ڪندا به اچون ٿا پر هاڻي خبر پئي ته اها ڪاميابي آهي؟ ادا هوندو۔ سٺو ٿيو جو ٻڌايؤ۔
 
هاهاهاها ۔۔۔۔۔

سائين نثار مطلب ته گذريل سال اوهان لاء هيو ۽ هن سال مون لاء آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هاهاهاها ، مون پاڻ ئي وضاحت ڪري ڇڏي اوهان ڪنهن امتحان ۾ نه پئو ۽ رشيد کي ٻڌائي ڇڏيو،
 
Back
Top