سنڌ ڄائي لنڊن اولمپڪس ۾!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏24 جون 2012۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    [​IMG]



    هڪ انگريزي اخبار جي 23 جون 2012ع جي اشاعت ۾ ”Pakistani girl to be torch-bearer“ جي عنوان سان شايع ٿيل رپورٽ پڙهڻ کان پوءِ محسوس ٿيو ته لنڊن اولمپڪس ۾ سنڌ ڄائي زينب عمران جو ”مشعل بردار“ طور چونڊجڻ ان ڳالهه جي نشاني آهي ته اسان جو نوجوان نسل پنهنجي ذهانت ۽ محنت سان جاکوڙ ڪندي عالمي برادري ۾ شاندار مقام ماڻڻ جي صلاحيت رکي ٿي، سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ سان واسطو رکندڙ 16 سالن جي هن شاگردياڻي جنهن تازو ئي ميٽرڪ پاس ڪئي آهي انهن 21 ماڻهن ۾ شامل آهي، جن کي مشعل بردار طور مختلف ملڪن مان سندن سماجي، علمي ۽ صحتمند خدمتن آڌار چونڊيو ويو آهي، زينب جي چونڊ انٽرنيشنل انسپائيريشن پروگرام ذريعي ٿي آهي، سنڌ جي گاديءَ واري شهر جي هي نياڻي 28 جون تي برطانيه جي شهر ناٽنگهم ۾ جڏهن لکين ماڻهن جي وچ ۾ مشعل کڻي هلندي تڏهن هن منظر کي ڏسي اميد ته سنڌ جو هر نوجوان هن وانگر ترقي ڪرڻ جو نه صرف خواب ڏسندو بلڪ ڪوشش ڪندو ته هو به زندگيءَ ۾ اهڙي ڪاميابي ماڻي سگهي. آئون هن خط وسيلي سنڌ جي نوجوانن کي اپيل ڪريان ٿو ته وقت جو قدر ڪن ۽ پنهنجون سرگرميون سٺي تعليم حاصل ڪرڻ، راندين ۽ سماجي خدمتن جي شعبي ۾ وڌائين جيئن اهي به پنهنجي زندگي ۾ مثبت تبديلي آڻي سگهن ۽ هو پڻ ملڪ ۾ ۽ عالمي سطح تي زينب عمران وانگر شهرت ۽ عزت ماڻي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪري سگهن، ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌ جا اهي نوجوان هڪ ٻئي سان سهڪار ڪن جيڪي دنيا ۾ ٿيندڙ صحتمند سرگرمين بابت ڄاڻ رکن ٿا جيئن سندن گڏجڻ آڌار خوشگوار ماحول پيدا ٿي جنهن ۾ هو پنهنجو پاڻ سنوارڻ ۽ مڃائڻ جا موقعا حاصل ڪري سگهن.


    روزانه ڪاوش
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو