• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گيلاني کي نااهل ڪري سپريم ڪورٽ حد پار ڪري ڇڏي: ڀارتي سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو جج

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين




ڀارتي سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس مرکنڊي چيو آهي ته وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي نااهل قرار ڏئي پاڪستاني سپريم ڪورٽ حدون پار ڪيون، بي بي سي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي جسٽس (ر) مرکنڊي چيو ته سپريم ڪورٽ عوام کي خوش ڪرڻ لاءِ وزيراعظم کي نااهل ڪري حد پار ڪئي، ڀارتي جج چيو ته توهين عدالت جا درجا هوندا آهن، هر درجي تي نااهلي جي سزا نه ٿي ملي سگهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عدليا جو توازن برقرار رکڻ گهرجي، جسٽس مرکنڊي چيو ته سپريم ڪورٽ کي ٻڌايو ويو ته هي ڪيس سندس دائري ۾ نه ٿو اچي، اها توهين عدالت ناهي؟ جسٽس مرکنڊي چيو ته جيڪڏهن صدر سان سپريم ڪورٽ جي نه ٿي لڳي ته ان جو اهو مطلب ناهي ته سپريم ڪورٽ غير آئيني حڪم جاري ڪري پوءِ اعتراض ڪندڙ کي نااهل قرار ڏئي، جسٽس مرکنڊي چيو ته جوڊيشل ايڪٽو زم ڪڏهن صحيح هوندو آهي، عام طور تي بهتر ناهي.

وڌيڪ تفصيلن لاء بي بي سي اردو جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو۔
 
Back
Top