هڪ خوبصورت مور، جهنگ ۾ پنهنجا خوبصورت کنڀ پٽي پٽي اڇلي رهيو هو، هڪ عقلمند ماڻهو اها حالت ڏسي کيس چوڻ لڳو ته تنهنجي دل کي اِها ڳالهه ڪيئن ٿي وڻي، جو پنهنجا خوبصورت کنڀ پٽيو پيو اڇلين. ڇا توکي خبر نه آهي، ته ماڻهو انهن کنڀن کي ذوق شوق سان هٿ ڪري قرآن مجيد ۾ وجهندا آهن، حسين مهه جبين انهن کنڀن مان وڃڻا ٺاهي، پنهنجي ماهه جهڙي منهن کي هوا هڻندا آهن، هيءَ تنهنجي وڏي ناداني ۽ بي شڪري آهي، جو اهڙي قدر ۽ شان وارن کنڀن کي پٽي پيو اڇلائين. مور اهو ٻڌي، وات مان ڪجهه نه ڪڇيو. ها، سندس اکين مان ڳوڙها نار ڪري وهڻ لڳا، ڳوڙها، درد دل جو پتو ڏئي رهيا هئا، تنهن ڪري انهن جو ڏاڍو اثر ٿيو. گريه باصدق بر جانها زندتاکه چرخ و عرش را گرما کندگريه بي صدق بي سوزش بودديوران بر گريه اش خندان شود جڏهن هو، دل جي باهه اکين جي ڳوڙهن سان وسائي چڪو، تڏهن چوڻ لڳو ته اي دانا انسان! منهنجي ڳالهه به ٻڌي ڇڏ، تون منهنجي خوشنما پرن کي ڏسين ٿو مگر مان پنهنجن عيبن کي ڏسي اشڪبار آهيان نه منهنجي گوشت ۾ مزو آهي. نه پيرن ۾ خوبصورتي ماڻهو منهنجي کنڀن جي تعريف ڪندا آهن ۽ مان پيرن جي بيڊولائي کان شرمندو ٿيندو آهيان، صرف منهنجا کنڀ ئي آهن، جن لاءِ شڪاري منهنجي تلاش ڪندا آهن ۽ مون کي مارين ٿا. ڪاش گوشت ۽ پيرن وانگر منهنجا پر به خراب هجن ها ته مان شڪارين جي تيرن جو نشانو نه بڻجان ها، مان پنهنجي پڇ جا کنڀ پٽي اڇلائي رهيو آهيان ته مون کي لنڊو ڏسي شڪاري مون کي مارڻ جي نه ڪن… هنر ۽ خوبصورتي انهن لاءِ سودمند آهي، جيڪي الله وارا آهن، ورنه هنر ۽ خوبصورتي اهڙي طرح وبال جان آهن، جهڙي طرح مور لاءِ کنڀ: دشمنِ طائوس آمد پَر اواي بسا شاهه را بگشته فراو ___________ روميء جون رهاڻيون تان ورتل