• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سائين جي ايم سيد جا ڪتاب

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
سڀ جا سڀ تمام سهڻا، معلوماتي ۽ سنڌي فڪر تي اهم ڪتاب آهن ۔۔۔

سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ ۔۔۔ جئين ته ڪتاب کي تصويرون ٺاهي ” پي ڊي ايف“ ۾ ڏنو ويو آهي ۽ جيڪڏهن اهو ڪمپوز ٿي اچي ويو ته واه واه ٿي ويندي ۔۔۔؟؟؟

ٻيو ته اهي ڪتاب ان طريقي سان هجن جو انهن جي ڪاپي پيسٽ ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ڪٿي حوالو لکڻو ڏيڻو هوندو آهي ته ٻيهر لکڻو پوندو آهي ۔۔۔ انڪري جيئن ڀرڳڙي صاحب جي ويب سائيٽ تي لطيف جو رسالو آهي جو ڪاپي ڪري سگهبو آهي، بلڪل ائين جيڪڏهن ڪتاب انٽرنيٽ تي هوندا ته حوالي جي طور تي ڪم اچي سگهنٿا ۔۔۔

جن دوستن اهو ڪم شروع ڪيو آهي ۔۔۔ انهن کي منهنجا سلام
 
نثارابڙو صاحب سليمان وساڻ سان انهي موضوع تي ڳالهه ٿي هئي۔ پر ڪُجهه اڻوڻندڙ استعمال يا هٿ چُراند جي خطرن سبب فلحال ڪاپي پيسٽ ٿي سگهڻ وارو ڪم سڀني لاءِ کولي رکڻ ٿورو مُشڪل آهي۔ پر سليمان کي عرض ته اوهان کي اهي ڪتاب ورڊ فائيل ۾ موڪلي ڏي۔ جتان اوهان انهن جا اقتباس حوالي طور ڪتب آڻي سگهو ٿا۔
 
اصل چمين ڏيڻ جهڙو ڪم ٿيو آهي ۔۔۔ هي سڀ ڪتاب نه فقط سنڌ جي سياست جي وڪالت ڪن ٿا پر موجوده سنڌ جي ڀرپور تاريخ پڻ پيش ڪن ٿا، جيڪي وقت جي وهڪري ۾ تاريخ جي حوالن جا بهترين ڪتاب سڏيا ويندا ۔۔۔۔ لک قرب
 
فڪر سيد اسان جي قومي نجات جو واحد
۽ آخري ذريعو آهي،ڪوشش ڪري سائين جا سڀ
ڪتاب آڻيو۔۔

حاضر ادا ۔۔۔۔ اوهان جو حڪم اکين تي ۔۔۔۔ ڪوشش ۾ آهيون

پر مان سوچيندو آهيان ڪاش ڪو ائين چوي ته ۔۔۔ ڪوشش ڪري سائين جا سڀ ڪتاب آڻيون
 
مان هن ڪتاب جي ڳولا ۾ هيس،هڪ دوست چيو ته سنڌ سلامت تي ڪتاب پيل آهن سائين جي ايم سيد جا،ميمبر ته مان اڳ ۾ به هيس،بس سُستي جي ڪري اچڻ ڪو نه ٿيندو هو ويبسائيٽ تي۔سو هن ڪتاب کي ڊائونلوڊ ڪيم،خوشي ته اسان جا دوست ڪافي محنت ڪري رهيا آهن هن ويبسائيٽ تي۔قرب سائين جن جا
 
سنڌ سلامت جي ڪارڪنن کي جس هجي جنهن محترم سائين جي ايم سيد جا ڪتاب محنت ۽ جدوجهد ڪري اسان جي آڏو پيش ڪيا۔ مان انهن جي خدمت ڏسي بخاري صاحب جي شعر جي تشريع ملي وئي ته جو قوم جياري جيئندو رهندو
 
سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ سائين جي ايم سيد جا هيٺيان ڪتاب پي ڊي ايف ۾ موجود آهن۔ اوهان ڪتاب ڊائولوڊ ڪرڻ سان گڏ آنلائين به پڙهي سگهو ٿا۔

دوستن لاء اطلاع آهي ته سنڌ سلامت پاران سائين جي ايم سيد جا ڪتاب نئين سنڌ لاء جدوجهد، سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاء ۽ سنڌ ڳالهائي ٿي ڪمپوزنگ جي مرحلي ۾ آهن ۽ دوستن جا ٿورا جن ڪتاب ڪمپوز ڪرڻ جي حامي ڀري آهي۔

1 سنڌ جا سورما (جي ايم سيد)

2 پيغامِ لطيف (جي ايم سيد)

3 سنڌي ڪلچر (جي ايم سيد)

4 سنڌ ڳالهائي ٿي (جي ايم سيد)

5 سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ (جي ايم سيد)

سائين لک مهربانيون .
 
Back
Top