سفرنامون اڇڙو ٿر جو سفر....! محمد علي بوزدار تعلقه کپرو جنهن جي 60 سيڪڙو کان مٿي ايراضي اڇڙي ٿر جو حصو آهي. ديهه راڻڪ ڏهر، ۽ ديهه راڻاهو ٻه مکيه ديهون اڇڙو ٿر جون جيڪي تعلقه کپرو ۾ اچن ٿيون جڏهن ته هن علائقي واري جا دڙا، ڀٽيون، ڊيهون نظر اينديون آهن. اڇڙي ٿر ۾ ٿوهر، ڪنڊي، ٻٻري، ٻوهه، روهڙو، کپ، کٻڙ، ڦوڳ، ٽوهه وغيره جا ٻوٽا ۽ وڻن نظر ايندا آهن. اڇڙو -اڇڙو ٿر به ڪنهن زماني ۾ سرسبز ۽ ساوڪ وارو ديس ٻڌايو وڃي ٿو ، ڇو جو ڪنهن زماني ۾ هن خطي ۾ به ڪيترن درياهي وهڪرن جو ذڪر ملي ٿو . موجوده دور ۾ به انهن مان ڪن درياهي وهڪرن جا نشان نظر اچن ٿا ، پر ڪافي درياهن جا پنڌ ۽ پيچرا رڻ ۾ رلي ويا آهن . ڪتابي دنيا ۾ هن علائقي مان هاڪڙو ، سرسوتي ، ريڻي درياهه جي موجن جو احوال ملي ٿو ٿر بابت ڪيتريون ۽ ڏند ڪٿاهون آهن ڪي چون ته ته هزارين سال اڳ اڇڙي ٿر مان سمنڊ ڇوليون هڻي وهندو هو. ڪي چوڻيون آهن ته درياءَ وهندو هو. پر اڃا تائين ڪنهن به ادري اڇڙي ٿر بابت ايتري تحقيق نه ڪئي جو هن اها ڳالهه ڪليئر ٿي سگهي.اها به چوڻي مشهور آهي ته وسي ته ٿر نه ته بر ئي بر. -اڇڙو ٿر- سنڌ جي پنجن ضلعن سانگهڙ ، نوابشاهه ، خيرپور ، سکر ، گهوٽڪي کان وٺي هندستاني سرحد تائين ڦهليل آهي مونکي کي ڪن دوستن ٻڌايو ته اڇڙي ۾ هڪ اهڙو پراسرار کوهه آهي جنهن جي پاڻي پيئڻ سان ماڻهو جون ٽنگون(هڏيون) ڦري وڃن ٿيون ۽ ڏند ڇڻي وڃن ٿا. سو اهڙي حوالي سان ڪراچي مان اي آر وائي ٽي وي چينل جي هڪ دوست رفيق احمد قمبراڻي فون ڪيو ته هن کوهه ۽ ڳوٺ جي حالات جي ڊاڪيومينٽري فلم ٺاهڻي آهي ته جيئن هن علائقي جي ماڻهن جي واهر ٿئي ۽ حڪومت انهن جي سهائتا ڪري سو هنن کپرو مان مونکي گڏ کنيو. ۽ اڇڙي ٿر جو هڪ رهواسي جيڪو هن علائقي ۽ ماڻهو جو واسطيدار هو مون پاڻ سان گڏ کنيو. اسان تقريبن 8 ڄڻا ۽ ريڪارڊ جو سامان اسٽوڊيو، ڪئيمرا وغيره گڏ کڻي 2 عدد پرائيوٽ فور ويل گاڏيون رينٽ تي ڪرائي اڇڙي ٿر جي تڙ ”ٿوراهو“ جو سفر شروع ڪيوسين. کپرو کان ويندي اڇڙي ٿر جي گيٽ وي هٿونگو تي پهتاسين جتي سنڌ رينجرز وارن وٽ انٽري ڪرائيسين اسان ائين محسوس پئي ڪيو ته اسان ڪنهن ٻي ملڪ وڃي رهيا آهيون جو اسان کي راهداري وٺڻي هجي. بهرحال انٽري ڪرائڻ بعد اسان اڇڙي ٿر جي تڙ ٿوراهو جو سفر شروع ڪيوسين. هٿونگو مان ڪراس ٿيندي پڪو روڊ ختم ٿي ويو هاڻي، اسان جي آزمائش جون گهڙيون شروع ٿي ويون هيون، آسمان سان ڳالهائيندڙ ڀٽون جن جي ڪڏهن مٿان وڃي رهيا هئاسين ته ڪڏهن هيٺيان، ڪراچي مان آيل نوان دوست جيڪي ڪڏهن اهڙي علائقي جو سفر نه ڪيو اهي اهو سڀ ڪجهه ڏسي اچرج ۾ پئجي ويا. اڇڙي ٿر ۾ سفر ڪندي ، جڏهن ڪنهن به ڀٽ جي چوٽي تي پهچبو ته اهو گمان ٿيندو آهي ته اها ڀٽ سڀ کان اتاهين آهي ، پر جيئن سفر ڪبو وڃبو ، تيئن ويران ڀٽن جو هڪ اڻ کٽ سلسلو روان دوان ملندو . تيز هوا سان گڏ واري به اسان کي لڳي رهي هئي جنهن جي ڪري اسان ۽ اسان سمورو سامان واري سان ڀرجي ويو هو. ڪافي ڏکيو سفر طي ڪرڻ کانپوءِ اسان وسندي واري علائقي (تڙ) تي پهتا سين جنهن جو نالو جيڻهار هو اتي هڪ اسڪول هو ۽ پاڻي جو کوهه هو ٺهيل ۽ ڀرسان هڪ ٺڪرن جو ڳوٺ به جيڪي سون سالن کان اتي آباد آهن. جن گذر سفر مال متاع آهي ۽ اتي علائقي جا پڙهيل لکيل ماڻهو يا سرڪاري نوڪرين ۾ يا وري شهر وارن علائقن ۾ ڪم ڪن ٿا. 2 ڪلاڪن جو سفر طي ڪري چڪا هئاسين پيئڻ جي پاڻي کان وٺي کائڻ پيئڻ جو سمورو سامان اسان پاڻ سان گڏ کنيو هو. تنهنڪري اسان کي پيئڻ جي پاڻي جي ايتري تڪليف نه ٿي. پر جڏهن اسان ڏٺو سين ته اڇڙي ٿر ۾ رهندڙ ماڻهو پيئڻ جو پاڻي سوين ڪوهه پنڌ ڪري گڏهه، اٺن يا وري پيادل پنڌ ڪري پاڻي ڀريندا آهن. اتان کان وري اسان هن کوهه تڙ جو سفر شروع ڪيون سين جتي پاڻي پيئڻ سان ماڻهو موذي مرضن ۾ مبتلا ٿي رهيا هئا. ڪافي وارياسو سفر طيءَ ڪرڻ کانپوءِ اسان مذڪوره جگهه جتي اسان کي ڊاڪيومينٽري ٺاهڻي هئي اتي پهتاسين. اسان جي هٿن ۾ ڪيمرا، ريڪارڊنگ جو سامان، ڏسي ڳوٺ وارا اسان کي ڦري آيا ۽ چوڻ لڳا ته خبردار اسان جا فوٽو نه ڪڍجو، ۽ اسان جي ڳوٺ ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش هر گز نه ڪجو. مون سان گڏ ڪراچي مان آيل دوست مون ڏي اچرج سان نيهاري رهيا هئا ته ڇا ماجرو آهي. جڏهن ته آئون ۽ اڇڙو ٿر جو رهواسي ٻئي گڏجي ڳوٺ ٿوراهو ۾ رهندڙ حجام قبيلي جي معززين وٽ وياسين ۽ انهن کي بريف ڪيو سين ته اسان ڪو اين جي اوز وارا نه آهيون نه وري ڪوبه امداد ڏيڻ وارا آهيون اسان ٽي وي چينل وارا آهيون ۽ اسان کي خبر پئي آهي ته توهان جي ڳوٺ ۾ پيئڻ جو پاڻي صحيح نه هجڻ ڪري توهان جا ڪافي ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ ڪي وري مرض ۾ مبتلا آهن اهو سمورو حال اسان حڪومت کي ڏيکارينداسين ته جيئن حڪومت توهان جي سهائتا ڪري سگهي، پر مجال آهي جو اتي جا رهواسي بزرگ ماڻهو ۽ ڪجهه نوجوان اسان جي ڳالهين تي آمده نه ٿيا ۽ اسان کي ڳوٺ کان پري هڪ ڀٽ تي ويهڻ جو چيو ته انتظار ڪريو اسان ڳوٺ وارن سان صلاح مشورو ڪيون. مون کي ائين محسوس پئي ٿيو ته جيئن اسان غريب ماڻهن جي آواز کي اعليٰ اعوانن تائين پهچائڻ لاءِ آيا آهيو يا وري ڪو اسان پنهنجو ذاتي مقصد کڻي آيا آهيون. اسان پنهنجي ذاتي هڙان وڙان خرچ ڪري وياسين صرف انسانيت جي سلسلي ۾، پر ٿر ۾ رهندڙ تپندڙ واري جيان هن علائقي جي ماڻهن جو جذبات اهڙي به تيز هئا جو اسان کي خوف محسوس ٿي رهيو هو. بهرحال اسان ضد بحث بعد اسان کي ڳوٺ ۾ ريڪارڊ ڪرڻ جي اجازت ملي هن شرط سان ته ڪنهن به عورت ريڪارڊنگ نه ڪئي ويندي ۽ ڪوبه ماڻهو اسان جي اجازت کان بغير اندر يا ٻاهر نه ويندو. بهرحال اسان انهن جي هر ڳالهه تي راضي ٿياسين. ايترو ضرور سوچيو سين ته انهن وٽ علم جي کوٽ آهي،۽ اهي جهالت جي اونڌاهه ۾ ٻڏل آهن. رات جو وقت ٿي چڪو سج به لهي چڪو هو اسان کي هڪ لانڊي (ڪکائون ڪمرو) ڏني ويئي رهڻ لاءِ جتي اسان پنهنجو سامان وغيره رکيوسين ۽ ڊاڪيومينٽري ٺاهڻ لاءِ رات جو شوٽ ورتاسين جتي ڪافي ماڻهو اهڙا هئا جن جو ٽنگو ڦري چڪيون هيون، ۽ ڪافي اهڙا ماڻهو هئا جن جا ڏند ڇڻي ويا هئا. مريضن ۾ وڏي ڄمار ۽ ننڍي ڄمار وارا ماڻهن شامل هئا. رات جو هن ڳوٺ ۾ رهندڙ ماڻهن کي هڪ مچ ڪچهري ٺاهي ريڪارڊنگ ڪئيسين ۽ رات دير تائين اسان هنن سان ڳالهيون ڪندا رهيا سين ته اهي اسان جو ڳالهه تي مطمئن ٿي چڪا هئا. ۽ اسان کي محسوس ٿي رهيو هو ته اسان جو ڪم سولو ٿي ويو آهي ٿري ماڻهن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچائي سگهنداسين، رات جو وقت 14 جو چنڊ آسمان روشني ڏيئي رهيو ائين محسوس پئي ٿيو جيئن ڏينهن هجي، ٻئي ڏينهن صبح جو انتظار هو ۽ اسان آرامي ٿي ويا سين جيئن صبح ٿي باک ڦٽي ته اسان سجاگ ٿي ويا سين دوستن ريڪارڊنگ شروع ڪئي سج نڪرڻ جو منظر جڏهن ڪئيمرا جي اک ۾ محفوظ ڪري رهيا هسين ته اتي موجود هڪ بزرگ ٿري سوال ڪيو ته ڇا پيو ڪرين؟.. ته اسان چيو سجکي ڪيمرا ۾ پڪڙي رهيا آهيون، جنهن تي ٿري ويچارو کلڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ابا سج ڀلا ڪنهن جهليو جو توهان هن ڪئيمرا جي ذريعي جهلي رهيا آهيو مطلب تي هر ڳالهه کان ناواقف هئا. ڪافي اهڙا ماڻهو هئا جيڪي اسان سان آيل دوستن جو شهري لباس (پينٽ شرٽ) ڏسي پريشان ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا ته انهن کي چئو ته ڪپڙا پهرين اسان جو ڀرپاسي ڳوٺ واريون عورتن آهن اهي اهو لباس ڏسنديون ته ڇا محسوس ڪنديون. انهن کي ائين پئي لڳيو ته پينٽ شرٽ ڄڻ هڪ اگهاڙپ وارو لباس آهي. صبح ٿي چڪي هئي اڇڙي ٿر چوپايو مال جيڪو گهرن مان نڪري پنهنجي خوراڪ جي ڳولا لاءِ مختلف آوازون ڪندو ڀٽن ڏانهن پنهنجي منهن وڃي رهيو ته جيئن کين واپس موٽڻو ئي نه هو. ڳوٺ ۾ رهندڙ ڪجهه ٻارڙا گهر ۾ رهندڙ عورتن ۽ بيمار مريضن لاءِ پاڻي کي هٿ ڪرڻ لاءِ انهي کوهه جو رخ ڪري رهيا هئا جنهن کوهه جو پاڻي پيئڻ جي ڪري هن ڳوٺ جا ڪافي ماڻهو فوت ٿي چڪا هئا. يا ڪري بستري تي هئا. ڳوٺ کان تقريبن ڏيڍ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ٿوراهو جو کوهه هو جتي ڳوٺاڻا پيادل پنڌ ڪري گڏهه تي ٽيوب، يا رٻڙ جا ٺاهيل هٿرادو شين ۾ پاڻي کوهه تا ڀري گڏهه تي رکي رهيا هئا ڪو وري کوهه تي گڏهه لڳائي رسي جي ذريعي پاڻي زمين مان ڪڍي رهيا هئا. هڪ پاڻي جي بالٽي ڪڍڻ لاءِ 3 ماڻهو هڪ گڏهه جي مدد حاصل ڪرڻي پوندي هئي تڏهن مونکي احساس ٿيو ته واقعي پاڻي ڦڙو ڦڙو زندگي آهي. اتي موجود مقامي ماڻهن کان اسان جڏهن انٽرويو ڪيوسين ته انهن ٻڌايو ته اسان وٽ ڪافي اين جي اوز وارا آيا هئا جن اسان جي نالن تي اسان جو فوٽو ڪڍي لکين روپيا ڪمايا ۽ اسان لاءِ ڪجهه به نه ڪري سگهيا هئا. ڳوٺ ۾ رهندڙ سوين سالن کان حجام، راڄڙ، ۽ ٻيون قومون آباد آهن. هن ڳوٺ ۾ اسان اهڙا ماڻهو به ڏٺا سين جن جون ٽنگون ڪنهن ٿر جي ڪنڊي جي وڻ جيان سڪل ۽ ڦريل هيون. جن کي هڪ عجيب بيماري هئي جنهن کي ڊاڪٽر به شناخت نه ڪري سگهيا ٿي. اڇڙي ٿر ۾ رهندڙ مارو ماڻهو جن کي هميشه ايندڙ برساتن جو انتظار هوندو آهي جنهن تي اهري زمين ۾ ڇانهان، گدرا، گوار، پوکيندا آهن ۽ انهن جي مال جو قدرتي گاهه ٿيندو آهي. انهن اسان کي اهو ٻڌايو ته اتي جا رهاڪو پيئڻ جي پاڻي لاءِ ايترا پريشان آهن جو ڪڏهن ڪڏهن پاڻي جي جاءِ تي مال جو کير پيءِ گذارو ڪندا آهن.اسان ٿر ۾ رهندڙ ماڻهن کان هڪ سوال پڇيو ته توهان وٽ پيئڻ جو پاڻي به نه آهي بيماري ۾ وٺجي رهيا هئا پوءِ ڇو اتي ويٺا آهيو؟ ڪنهن شهر يا يا ٻي جگهه تي نٿا لڏپلاڻ نٿا ڪري وڃون؟... انتي هڪ ڳوٺ جي بزرگ ورندي ڏني ته اسان هن تڙ تي سوين سالن کان آباد آهيون نٿا ڇڏي سگهون ٻيو وري ايتري جگهه اسان کي ڪير ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي جو اسان اتي وڃي رهي سگهون، ۽ اسان مال کان سواءِ ٻيو ڪم نه نٿا ڪري سگهون اسان کي هن تڙ ٿوراهو تي ڀرپاسي ڪوبه سرڪاري يا غير سرڪاري اين جي او پاران ڪو به اسڪول نظر نه آيو نه ئي ڪو هينڊ پمپ جو نلڪو نظر آيو، ئي نه ئي ڪا صحت جي سهوليت هئي ڳوٺ وارا پراڻي طريقن سان علاج ڪندا هئا.وڏي افسوس جي ڳالهه اها به آهي ته يونين ڪائونسل ۾ ڪروڙن روپين جي بجيٽ سان نلڪا ۽ کوهن جا ٽينڊر ته ٿيندا آهن پر عملي طرح اڇڙي ٿر ۾ اسان کي ڪٿي به اهڙي قسم جو ڪم ٿيل نظر نه آيو. جڏهن ته اين اوز وارا اڇڙي ٿر جي دردن جون درمان ٿي اعليٰ اختيارن کان اربين جو روپين جا پروجيڪٽ ته وٺندا آهن پر اتي رهندڙ اڇڙي ٿر جا رهواسي بک، اڃ ۽ بدحالي واري زندگي گذاري رهيا آهن، ڪيترن ئي ماڻهن کي پنهنجي دين متعلق ڪا ڄاڻ به نه هئي. اهڙيون سوچون کڻي اسان اتي ويا سين مگر اتي ماڻهو ايترا ته بدضن ٿيل هئا جو ڪنهن به ٻاهرين ماڻهو کي برداشت نه ڪري رهيا هئا. بيماري ۾ مري ته رهيا هئا رڙيون ڪري رهيا مگر ڪنهن کي ٻڌائڻ جي زهمت نه ڪري رهيا هئا ان لاءِ ته انهن کي دل ۾ اهو گمان هو ته شايد ڪي اين جي اوز وارا آهن جيڪي اڳئين جيان اسان جا فوٽو ڪڍي ويندا ۽ لکين روپيا حاصل ڪندا ۽ اسان کي ڪجهه نه ملندو. اسان هن تڙ ٿوراهو جي هن کوهه جو پاڻي به ليبارٽري چڪاسڻ لاءِ پاڻ سان گڏ کنيوسين، اهڙي طرح شام جو ٽائيم ٿي چڪو هو اسان تقريبن ريڪارڊ مڪمل ڪري تپندڙ سج جي هيٺيان ريت جو واپسي جو سفر شروع ڪيون سين، واپس کپرو پهتاسين. هاڻي حڪومت کي گهرجي سوچڻ گهرجي ته جيئن آفريڪا، اٿوپيا جهڙن علائقن ۾ ماڻهو رهي رهيا آهن اڇڙي ٿر ۾ رهندڙ اهڙن ماڻهن جي سهائتا ڪري ۽ اهڙا ڪم عملي ڪري ته جيئن اتي رهندڙ اڇڙي ٿي رهواسي پنهنجي زندگي گذري سگهن ۽ انهن کي تعليم سان گڏو گڏ صحت، پيئڻ جي صاف پاڻي جو جوڳو بندوبست ڪري ڏيئي ته جيئن صدين کان تي رهندڙ مارو ماڻهن پنهنجا پراڻا پڊ ڇڏي نه سگهن ۽ هڪ بهتر معاشري جا فرد بڻجي سگهن. Email: ma_rajapk@yahoo.com
ٿري ماڻهن جي حالت به اهڙي ئي آهي جهڙي سموري سنڌ جي ۔۔۔ نانگ جا کاڌل آهيون، نوڙيءَ کان به ڊڄون ۔۔۔ لک قرب
اڇڙي ٿر بابت اوهان جو ڪارائتو ليک آهي۔ نه صرف معلومات پر دلچسپي به وڌي رهي هئي۔اسان جا ماڻهو هن ٽيڪنالاجي واري دور ۾ به ايترو پٺتي آهن ؟ اسان وٽ سچل ڳوٺ جا ڪجهه دوست هٿونگي جا آهن ۽ اڪثر اتي اچڻ جو چوندا رهندا آهن۔ اها آرزو آهي ته ٿر گهمي اچان۔
ترس ابا عيد کانپوءِ مونکي به گهمڻ جو شوق آهي ۔۔۔ حياتي رهي ته گڏ هلنداسون ۔۔۔ پروگرام تيار ڪر ۔۔۔ مون فيسبڪ تي ميمڻ صاحب کي به چئي ڇڏيو آهي ته سليمان ۽ آءُ اينداسون ۔۔۔ لک قرب
ها ادا ها ادا وساڻ صاحب ٿر گهمڻ جي جا آهي پر برساتون پوڻ بعد نت هن گرمي ۾ تپندڙ واري جي تپش اسان برداشت نه ڪري سگهنداسين
اسان جي سرڪار شهر وارن کان مال ڪمائڻ جي چڪر ۾ آهي اهي ٺهيل رستا هنن کان سڌا ڪو نه ٿا ٿين جن جي بجيٽ هر سال رکيو اچن ته ٿر جو مال نه کا؟ن ته مالامال ڪٿان ٿين،ادا بجيٽ ۾ سڀ ڪجهه هوندو آهي ۽ 60 سالن کان ائين ئي پيو ڪم هلي،هن ملڪ جي حڪمرانن کي هن ملڪ جي نغمتن جي خبر ئي ڪانهي اهي بس نوٽ ٿا گهرن اهي هنن کي ملن ٿا بس، اوهان جو ليک تمام ڪارائتو آهي اميد ته ڪو نه ڪو الله جو ٻانهو الله جي مخلوق جي واهر ڪندو ، پاني چڪاس جو نتيجو ڪهڙو نڪتو،يا ان جي ڪا خبر ڌڻين کي به ڏنو يا نه،
منهنجي نظر مان هي پهرين سنڌي صحافي دوست جو ليک آهي جنهن ۾ اين جي اوز جي ڌوڪيباز چهري تان ڪنهن حد تائين نقاب هٽايو ويو آهي، سلام دوست۔۔۔