کپرو تعلقه جي تباهه ٿيندڙ تعليم ذميوار ڪير.........؟.

'سورنهن سينگار' فورم ۾ محمد علي بوزدار طرفان آندل موضوعَ ‏25 جون 2012۔

  1. محمد علي بوزدار

    محمد علي بوزدار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جون 2012
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    45
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    Khipro
    کپرو تعلقه جي تباهه ٿيندڙ تعليم ذميوار ڪير.........؟.
    محمد علي بوزدار
    کپرو تعلقو جيڪو ايشيا کنڊ جي وڏي تعلقي جي حيثيت سان هندوستان ۽ راجستان جي سرحدي پٽي سان وڃي ملي ٿو جتي لکين ايڪڙن تي مشتمل اڇڙو ٿر جتي هزارين سال اڳ سمنڊ ڇوليون هڻي وهندو هو اتي اڄ ريت ئي ريت آهي. تعلقه کپرو جتي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم نه هجڻ، استادن جو ڊيوٽيون نه ڏيڻ واريون خبرون اسان روز ٻڌندا پيا اچونکپرو تعلقه ۾ حڪومت پاران قائم ڪيل پرائمري اسڪولن جو تعداد 600 کان مٿي جتي سوين استاد ڪروڙين روپيا پگهارون کڻي رهيا آهن. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسڪول ۾ مقرر ڪيل سرڪاري استاد پنهنجيون ڊيوٽيون نٿا ڏين ڪي ته پنهنجيون پرائيوٽ ڪاروبارن ۾ مشغول آهن ڪي وري ويزائن تي ويل آهن پر تعلقه کپرو جو هڪ وارياسو علائقو اڇڙو ٿر جتي پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ ماڻهو ترسندا آهن اتي سنڌ رينجرز پاران هڪ اهڙو اسڪول قائم ڪيو ويو آهي جيڪو هڪ مثالي اسڪول ثابت ٿيو آهي. هن ترقي يافته دور ۾ جتي شهري اسڪول ۾ تعليم جو معيار ڏينهون ڏينهن گهٽجندو پيو وڃي جنهن جي ڪري اسان پنهنجي ٻارن جي تعليم لاءِ پريشان آهيون. پر ان جي ابتڙ وارياسي علائقي کپرو کان اٽڪل 70 ڪلو ميٽر جي مفاصلي اڇڙي ٿر جي ڳوٺ سعيدائو سنڌ رينجرز پاران قائم ڪيل محمد يوسف ماڊل اسڪول هڪ مثالي اسڪول ثابت ٿي رهيو آهي جتي کپرو، عمرڪوٽ، سانگهڙ، ميرپورخاص کان ٻارڙا تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هن اسڪول جو رخ ڪري رهيا آهن. اها مشهور چوڻي آهي ته تعليم حاصل ڪريو انهي جو حصول لاءِ ڇو نه چين جو رخ ڪرڻو پوي واري چوڻي تڏهن ثابت ٿي جڏهن کپرو، عمرڪوٽ، سانگهڙ، ڇور، ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جا شاگردن تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ حيدرآباد، ڪراچي، يا اسلام آباد نه پر اڇڙي ٿر جي هن اسڪول جو رخ ڪري رهيا آهن. اڇڙو ٿر جتي حڪومت پاران بنيادي سهولتون اڻلڀ آهن، جتي تعليم،صحت جو تصور به نه ڪيو ويندو هو اتي رهندڙ ٻارڙا سمورو ڏينهن مال متاع ۾ مشغول رهندا هئا. جڏهن ته ان جي ابتڙ اڇڙي ٿر ۾ قائم ڪيل سرڪاري اسڪول يا بند پيل آهن يا وري اتي استاد ڊيوٽيون ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. تعليم کاتي جي بي ڌياني ۽ اڇڙي ٿر ۾ ٽرانسپورٽ نه هلڻ ڪري اڇڙي ٿر جي سرڪاري اسڪولن ۾ ڪوبه ڌيان نه ڏيئي رهي آهي. اڇڙي ٿر ۾ رهندڙ مارو ماڻهو جيڪي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ به عيب سمجهندا هئا پر ان جي ابتڙ اڄ اڇڙو ٿر جي اسڪول محمد يوسف ماڊل اسڪول ۾ نياڻين سان گڏو گڏ ڇوڪرا به ا اڄ انگريزي تعليم سان گڏو گڏ ڪمپيوٽر جي تعليم به حاصل ڪري رهيا آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته رڳو اسڪيمن ڏيڻ يا وري فنڊ جاري ڪرڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا آهن. پر ان تي عملي ڪم ڪرڻ به وڏي حيثت رکي ٿو. حڪومت کي گهرجي تي اهڙن ماڊل اسڪولن کي ڪيڊٽ ڪاليجن جا درجا ڏنا وڃن ۽ اين جي اوز جيڪي اهڙن علائقن تي ڪروڙين روپين جو ڪاغذن ۾ اسڪيمون ته جوڙيندا آهن پر ان تي عملي ڪم به ڪيو وڃي ۽ اهڙن مثالي اسڪولن جيان ٻين اسڪولن کي به مثالي بڻايو وڃي. پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت اسڪيمون جوڙن سان گڏو گڏ ان عمل ڪري ڪرڻ لاءِ ڪو جوڳيون پاليسون ٺاهي تي جيئن هن اسڪول وانگر ٻيا سرڪاري اسڪول به ٺهي پون ۽ اسان جي معاشري جو معمار ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم نه رهي سگهن ۽ بهتر تعليم حاصل ڪري ڪنهن مقام تي پهچن ته جيئن اسان جو ملڪ ترقي ڪري سگهي.
    کپرو رپورٽ محمد علي بوزدار فون 03063316105
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    تمام سٺي ڳالهه آهي جو هن هيڏي وڏي ڌيان ڇڪائيندڙ موضوع بابت توهان اسان کي ڄاڻ ڏني آهي، سموري سنڌ ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جو حال ڪنهن کان به ڳجهو ڪونهي، ان سموري خراب صورتحال جو ذميدار وقت جي حڪومت ۽ ان سان لاڳاپيل اداري جي ٿئي ٿي ته جنهن به ڳوٺ ۾ تعليم جو معيار ٺيڪ نه آهي، يا استاد گوسڙو آهن۔ يا مورڳو اچن ئي نه ٿا ته جلد کان جلد ان جي بهتري لا قدم کنيو وڃي، ٻي صورت ۾ اهڙن استادن کي فارغ ڪرڻ ۾ ڪابه دير نه ڪئي وڃي جيڪي، پگهارون ته تعليم کاتي مان کڻن ٿا ۽ وري ڪم ڪار پنهنجا ذاتي سنڀالي رهيا آهن، مان اهڙن تعليم دشمن استادن کي هٿ ٻڌي عرض ڪندس ته الله جي واسطي قوم جي مستقبل سان راند نه کيڏو، وڃي پنهنجا ڪاروبار سنڀاليو۔ يا پنهنجي هن نيڪ پيشي سان سچا ٿي ڏيکاريو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. محمد علي بوزدار

    محمد علي بوزدار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جون 2012
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    45
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    Khipro

هن صفحي کي مشهور ڪريو