هن ملڪ ۾ ٿيندڙ ظلم، ناانصافين کان عوام کي بچائڻ لاءِ ڇا ڪجي؟؟؟؟ محمد علي بوزدار کپرو پاڪستان کي وجود ۾ آئي 65 سال ٿي ويا آهن. پر هن هي ملڪ ترقي ڪرڻ، ڪرپشن گهٽجن، قانون جي بالا دستي گهٽجن، عدل انصاف جي فراهمي جي بجاءِ سڀني گڻن جي بجاءِ او گڻن ۾ ترقي ڪري رهيو آهي. اگر ڪنهن مظلوم کي انصاف نٿو ملي ته هو ان جي بالا آفسين ڏانهن رخ ڪن ٿا پر اتي به انهن کي انصاف نٿو ملي. پوءِ اهڙي ملڪ ۾ قائم ڪيل جيلن، ڪورٽن جو ڪهڙو ڪم رهيو آهي. جنهن ملڪ ۾ ملڪ جي بادشاهه جو اعلان نه هلي ۽ ان تي عمل نه ٿئي. تازو وزير اعظم پاڪستان اعلان ڪيو آهي ته واپڊ جي هيٺين ملازمن کي ملندڙ فري يونٽس ۽ پي ٽي سي ايل کاتي جي ملازمن کي فري ڪال جي سهوليت ختم ڪئي ويئي آهي ۽ گئس جي محڪمي ۾ ملازمن کي گئس فري ڏيڻ بند ڪرڻ جا احڪامات جاري ڪيا ويا آهن. پر ان تي عمل ڪير ڪرائيندو. اڄ هڪ پٽيوالي کان وٺي وزيرن تائين جا ماڻهو ڪرپشن ۾ جڪڙيا پيا آهن. رڳو اهو اعلان ڪاغذن تائين محدود رهندو پر ان تي عملي ڪم نه ڪيو ويندو. واپڊا جي ڳالهه ٿا ڪريون ته هڪ واپڊا جو 2 گريڊ جو ملازم جنهن کي وزير اعظم جي اعلان کان اڳ 200 فري يونٽس مليل هوندا هئا مگر سائين منهنجا هڪ 2 گريڊ جو ملازم گهر ۾ جيڪڏهن ونڊو اي سي ۽ ٻيو سامان ٻاري 2000 هزار يونيٽس مهيني ۾ ساڙي ته پوءِ هو واپڊا جو ملازم نه چئورائبو. جنهن جو عداب وري غريب اٻوجهه مارو ماڻهو تي هنيو ويندو. وري ڳالهه ٿا ڪريون ته آفيسرن جي ۽ ڇاپا مار ٽيمن جي جيڪي مقرر ڪيو وينديون آهن اهي وري مسجد جا ڪک نه هوندا آهن. اهي اهڙن ننڍن ملازمن جي چوڻ تي هلندا آهن. ڇو جو انهن جي گهرن جا خرچ اهڙا ملازم برداشت ڪندا آهن. هڪ تعلقي ليول جهڙي شهر ۾ به 80 سيڪڙو لائيٽ مفت هلندي آهي جنهن جي ماهوار آمدني 1 گريڊ جي ملازمن کان وٺي اتي جي اعليٰ افسر کي ملندي آهي. پوءِ ڀلا توهان پاڻ ٻڌايو ته وزير اعظم جي هن حڪم کي ڪير لبيڪ چوندو. ڇا وزير اعظم پاڻ اچي ميٽر چيڪ ڪندو ڇا وزير اعظم پاڻ اچي اهڙن چورن کي پڪڙيندو. وري ڪرپشن جو ذڪر ڪريون ٿا ته غضب ڪرپشن جي عجب ڪهاڻي آهي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪيو غريب عورتن کي پئسا ڏياريا ويندا هر غريب ۽ بي روزگار عورت کي ماهوار وظيفو ڏنو ويندو جهڙا اعلان اسان جي مارو ماڻهن جي دلين کي کٽي ورتو ۽ انهن کي نئين سوچ رکڻ جو ذهن ڏنو پر سائين منهنجا هن جي ته اهڙي پاليسي رکي ويئي جنهن ۾ بيوه، يتيم ، غريب، اٻوجهه عورتن کي پئسا ملڻ جي بجاءِ غربت سروي ڪندڙن جي انهن مائٽن کي مليا جنهن پنهنجي عزيزن، پاڙي وارن، شهر وارن کي صفا غريب ڄاڻايو هو. جتي بيوه عورتون هيون انهن کي فقط اڪيلو سر ڄاڻايو ويو. پاليسي تحت گهر ۾ 6 ماڻهن کي مٿي فيملي هجي، گهر ۾ ڪمائڻ وارو هڪ کان وڌيڪ نه هجي. گهر ۾ مال متاع ٻي آسائش جو سامان نه هجي. اهڙي پاليسي تحت ڪيتريون ئي حقي بيوه عورتون رهجي ويون جيڪي 2 يا اڪيلون رهنديون هيون. مستحق عورتن لاءِ آيل پئسن ۾ پوسٽ آفيس جي عملي سميت، ڳوٺ جي وڏيري، پاري جي چڱي مڙس، صحافين، ۽ ڪجهه ٻين ماڻهو پنهنجا هٿ پڻ صاف ڪيا. عورتون کي پئسا وٺرائي ڏيڻ جي بهاني انهن جا ڪارڊ وٺي پوسٽ آفيس جي ماڻهو سان ملي ڀڳت ڪري ڪروڙين روپيا مستحق عورتن جا ڪڍرايا جنهن جي ذريعي انهن مستحق عورتن جا آيل 12000 هزار جي بجاءِ 2000 روپيا ڏنا ويا. جنهن رڙ سموري ملڪ ۾ ٿي ويئي ڪيتريون ئي انڪوائريون ٿيون. پر سڀني پاڪستان زنده باد جو نعرو هنيو ۽ ڏيتي ليتي تي مسئلو حل ڪيو ويو. وري رهيل سهيل ڪسر صحافين ڪڍي ڇڏي جڏهن صحافين کي خبر پئي انهن انهن ڳالهين جا پيرا کنيا ۽ ڪنهن ڪرپشن تائين پهتا ته اتي پوسٽ آفيس جا عملي صحافين کي پڻ راضي ڪري ڀري توري پاڪر سان روانو ڪيو. پر ڇا ڪجي صحافين به ويچارا ڇا ڪن اهي پنا ڪارا ڪري ڪري ٿڪجي وڃن ها ڪرپشن کي روڪي نٿي سگهيا. انڪم سپورٽ جي پئسن سان ڪيتراءِ ماڻهو شاهوڪار ٿي ويا. ڪن پنهنجا دڪان کوليا ته ڪن وري مال ورتو. انهن کي خبر ناهي ته يتيمن،غريبن جا پئسا جيڪو کائيندو اهو تاقيامت تائين سائو نه ٿيندو وارو ڊپ انهن کي حيقيت ۾ خبر پئجي وڃي ها ته اب اهي نه مڙن ها. حڪومت هڪڙي پاسي انهن غريب مارو ماڻهن کي پوسٽ آفيس کان ڦرڻ کان نه بچاءِ سگهي ته وري اهڙو انٽر نيٽ ذريعي هڪ ويبسائيٽ جاري ڪئي ويئي جتي اهي مستحق عورتون پنهنجا آيل پئسن متعلق ڄاڻ وٺي سگهن جنهن جي ذريعي هڪ ته فائدو ٿيو پرائيوٽ ڪمپيوٽر دڪاندارن کي ٻيو ايجنٽن کي جيڪي انٽرنيٽ ذريعي پئسا ڏي مستحق عورتن سان سودا ڪندا رهيا. ويبسائيٽ تي ڊيٽا ڏيڻ وارو عمل هڪ بهتر آهي. پر جيڪڏهن اهو انهن ڏک انهن غريب مظلوم عورتن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهي جڏهن انهن کي خبر پئي ٿي ته ”تنهنجا 12000 هزار آيل هئا ۽ انهن عورت کي فقط 2000 ڏنا ويا هجن. وري ڳالهه ٿا ڪريون ته ايذائن جي هڪ ٻي سلسلي جي سمارٽ ڪارڊ جاري ڪرڻ دوران مستحق عورتن کي نٽهڻ اس ۾ قطارون ڪري بيهاريو ويو بدنظمي کان بچڻ لاءِ انهن تي لاٺي چارج به ٿي. انهن عذاب کان پوءِ حڪومت وري اهڙو ٺيڪو هڪ خانگي بينڪ کي ڏنو جنهن پرائيوٽ ماڻهو کي اومني شاپ کولي ڏنا ويا. جنهن تي ڪرپشن جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا. هر مهيني سون جي تعداد ۾ مستحق عورتون لائينون ٺاهي اومني دڪان جي اڳيان ٻيٺيون رهيون ته اسان کي پئسا ملندا پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هر ترقي واري دئور ۾ اسان جي قوم اڃا اونداهه ۾ ستل آهي. سال سال گذرڻ باجود ڪيترين ئي عورتن کي پئسا نه ملي سگهيا جڏهن انهن حڪومت پاران ويبسائيٽ ذريعي چيڪ ڪندڙ سسٽم تي چيڪ ڪيا ته تڏهن انهن کي خبر پئي ته انهن جا هزارين روپيا اومني دڪاندار ڪڍرائي ڇڏيا هئا. هن ڪرپشن جي دئور ۾ انصاف جي اميد کڻي مستحق عورتون پنهنجون شڪايتيون قائم ڪيل سينٽرن ۽ ريجنل هيڊ ڪوارٽر جي ڊائريڪٽرن کي ڏنيون پر اهي انهن آفيسرن مان ڪهڙيون اميدون رکن جيڪي ڪرپشن ۾ ڪن تائين ٻڏي چڪا هجن. پر مستحق عورتون اڃا تائين انصاف جي اوسيئڙي ۾ پنهنجو وقت ضايع ڪري رهيون ته هن ملڪ ۾ ڪو انهن کي انصاف ملندو. ڪوبه محڪمو ڏسي روينيو کاتو هجي يا تعليم کاتو، صحت کاتو هجي، بلدياتي کاتو، انٽي ڪرپشن هجي يا پوليس، واپڊا هجي يا گئيس، ايريگيشن هجي يا نيب سڀئي ايتري قدر ته ڪرپشن ۾ وٺجي ويا آهن جو انهن کي واپس ڪنهن انقلاب جي اچڻ کانسواءِ نٿو ڪڍي سگهجي. هن ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪو شخص انصاف لاءِ ڪنهن اعليٰ اختيارين کي لکي ٿو ته انهن کي انصاف ته پري جي ڳالهه آهي ڪوبه خاطر خواه جواب نٿو ڏنو وڃي ملڪ جي اندر قائم ڪيل ڪيتراءِ ادارا جيڪي انصاف جي فراهمي جي ڳالهه ته ڪن ٿا پر انصاف ڪٿي آهي. ؟؟؟ ڇا اسان هن ملڪ کي نٿا بچاءِ سگهون ؟ ڇا اسان هن ملڪ مان ڪرپشن کي ختم نٿا ڪري سگهون. سوچيو وڃي ها اسان هن ملڪ ۾ ڪرپشن کي ختم نٿا ڪري سگهون ڇو جو اسان جي هٿ پير ٻئي هن ڪرپشن جي ڌٻڻ ۾ دٻيل آهن. جيڪي سولا نٿا نڪري سگهن. انهن کي نڪرڻ لاءِ ڪنهن انقلاب جي گهرج آهي. جيڪڏهن ڪو سچ لکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ان کي ماريو ٿو وڃي. هتي هن ملڪ جا ادارن جا ماڻهو موچڙن سان سڌا آهن. جيڪڏهن ڪو فوجي دئور اچي ٿو ته ڪجهه نه ڪجهه ڪرپشن ۾ گهٽتائي اچي ٿي پر ڇا ڪجي هتي هر دئور ۾ جمهوريت جو نعرو هڻي ٻنهي هٿن سان لٽيو ويو آهي. جنهن ملڪ ۾ ملڪ جي بادشاهه وزير اعظم جي حڪم تي عمل نه ٿو ٿئي جنهن ملڪ ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم کي حڪومت لبيڪ نٿي چوي ته پوءِ ڀلا ڪير اچي هن ملڪ کي بچائيندو. ڪوبه سياستدان اچي وڃي ڪوبه ڪرپشن کي ختم ڪرڻ جو نعرو هڻندڙ سياستدان اچي وڃي پر هو ڪرپشن کي نٿو روڪي سگهي ڇو جو جيستائين ان جي ماتحت ڪم ڪندڙ ماڻهو ۽ ادارن کي بهتر نه ڪيو ويندو انهن کي تبديل نه ڪيو ويندو تيستائين اسان ڪرپشن کي ختم ڪرڻ متعلق نٿا سوچي سگهون. هن وقت ملڪ ۾ ايندڙ نئي نسل جڏهن اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ نوڪرين جا اشتهار پڙهي ٿي ته اهو سوچي ٿي ته ڪهڙي نوڪري ۾ پئسا وڌيڪ ملندا اها نوڪري ورتي وڃي. جنهن قومن جي سوچ اسان تبديل نٿا ڪري سگهون ته پوءِ اسان کي اهڙا ڪرپشن جي روڪٿام وارا ادارا قائم ڪرڻ جا ڪهڙي ضرورت آهي. اربين روپيان سان ٿيندڙ ترقياتي ڪمن ۾ رشوت جي نالي تي وري ڪميشن جو نالو ڏنو ويو آهي جنهن جي ذريعي 70 سيڪڙو تائين ڪميشن ڏني ويندي آهي باقي 30 سيڪڙو ڪم ترقياتي ڪم ٿيندا آهن. هاڻ توهان پاڻ اندازو لڳايو ته 100 سيڪڙو مان جيڪڏهن 30 سيڪڙو ڪم ڪرايو وڃي ته پوءِ اهو ڪم ڪهڙو ٿيندو. مونکي روئڻ ايندو آهي جڏهن ڪنهن مظلوم ماڻهو سان ٿيندڙ ظلم جو انصاف نه ٿيندو آهي. نبي ڪريم پاڻ فرمايو آهي ته توهان ڪنهن تي ظلم ٿيندو ڏسو ته ان روکي روڪڻ جي ڪوشش ڪريو جيڪڏهن روڪي نٿا سگهو ته رڙيون ڪريون. هاڻي اسان رڙيون ڪري رهيا آهن. ڏسجي ته هن ملڪ ۾ ڪرپشن کي ختم ڪرڻ وارو انقلاب ڪڏهن ٿو اچي.
عوام کي پنهنجو هوش ڪونه آهي عوام پنهنجي حقن لاء ڪڏهن روڊن ته نه آيو ڪڏهن انهن حڪمرانن جا رستا ڪون روڪيا ان جو مقصد ته عوام خوش آهي، عوام پريشان ڪون آهي ان کي خوش رهڻ ڏيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جيڪو پنهنجي حقن لاء جيسيتائين پاڻ جدوجهد نٿو ڪري تيسيتائين هن کي ڪو به حق ڪون ٿو ملي ء نه ملڻ گهرجي ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
هن ملڪ ۾ مسئلن جو اهڙو ته ڄا وڇايو ويو آهي جو ماڻهون روئي يا رڙيون ڪري ته ڪهڙي مسئلي لاءِ ڪري ۔۔۔۔ مونکي ته ڀئو آهي ته اسانجون عمريون گذري وينديون پر انقلاب ڪون ايندو ۔۔۔۔ ڇاڪاڻ 900 سال حضرت نوح پنهنجي قوم تي روئيندو رهيو پر انقلاب نه آيو آخر الله تعالا کي عذاب آڻڻو پيو ۔۔۔۔ ۽ حضرت نوح پنهنجي قوم جا چند ماڻهون ٻيڙيءَ ۾ وجهي پاڻ بچائي ويو ۔۔۔ الله ائين نه ڪري، باقي حالت ساڳي آهي۔ الله رحم ڪري ۔۔۔۔ يا وري اسانکي به حضرت لوط جيئان پنهنجي قوم جي تباهيءَ جي دعا گهرڻي پوندي ۔۔۔