جاپان ۾ غير قانوني مواد ڊائونلوڊ ڪرڻ تي سزا...

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏25 جون 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]
    جيڪڏهن توهان انٽرنيٽ تان غير قانوني طور (جيئن ٽورينٽ جي ذريعي) گانا، فلمون، وڊيو گيمز ۽ ٻيو مواد ڊائونلوڊ ڪرڻ جا شوقين آهيو ته پهريان ان ڳالهه جي تسلي ڪريو ته توهان ڪٿي جاپان ۾ ته ناهيو۔۔؟
    ڇو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ئي جاپان جي اسيمبلي پائيريسي لاءِ هڪ نئون بل منظور ڪيو آهي ۔۔۔ جنهن تحت جيڪڏهن ڪو به ماڻهون اهڙو مواد غير قانوني طور ڊائونلوڊ ڪندو ته ان کي ٻه سال قيد ۽ 25 هزار آمريڪي ڊالرس جي سزا ڏني ويندي۔۔۔ ياد رهي ته ان کان اڳ غير قانوني مواد کي انٽرنيٽ تي اپلوڊ ڪرڻ جي قانون اڳ ئي موجود آهي جنهن جي سزا 10 سال قيد ۽ هڪ لک 25 هزار آمريڪي ڊالر جرمانو آهي۔۔۔
    هوئن ته ان بل جا مخالف حڪومت تي زور ڏئي رهيا آهن ته عام ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ کي خبر ئي نه پوندي آهي ته ڪهڙو مواد غير قانوني آهي جيڪو ڊائونلوڊ نه ڪجي ۔۔۔ جنهن سان معصوم انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن کي به سزا ملي سگهي ٿي۔۔۔ اهي حڪومت تي زور ڏئي رهيا آهن ته بجاء سزا جو قانون بنائڻ جي اهڙيون سائيٽون ملڪ ۾ بند ڪيون وڃن جنهن سان مواد کي غير قانوني طور ڊائونلوڊ ڪري سگهجي۔۔۔ پر شايد حڪومت به ڄاڻي ٿي ته بلاڪ ٿيل سائيٽس کولڻ جو فن جاپاني پاڪستانين سان ياري رکي معلوم ڪري سگهن ٿا۔۔۔

    بحرحال مٿيون قانون نظر ۾ رکندي اسان پنهنجي جاپاني دوستن کي صلاح ڏينداسين ته هو ٿورو هوشيار رهن۔۔ ۽ گڏ سڀني دوستن کي مشورو ڏينداسين ته اهي دعائون گهرندا رهن ته ان قانون جي ڀڻڪ پاڪستاني حڪومت تائين نه پهچي جو اها اڳ ئي عوام کان بجلي، گيس ۽ پاڻي کسڻ سان گڏ انٽرنيٽ کسڻ جي چڪر ۾ آهن۔۔۔

    وائرڊ ڊاٽ ڪام جي ٿورن سان
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    ادا تمام بهترين ونڊ آهي۔
    جيڪڏهن اهڙو قانون اسان جي ملڪ ۾ نافظ ٿي ويو ته هڪ عام انٽرنيٽ جي استعمال ڪندڙ کي ته نقصان ٿيندو پر هڪ ڪاروباري ماڻهو جيڪو انٽرنيٽ تان مفت ۾ فلمون، ڳانا يا سافٽويئر دائونڊ ڪري انهن جون سي ڊيون ٺاهي وڪڻي رهيو آهي ان کي به تمام گهڻو نقصان ٿيندو۔
    اسلامي لحاض سان منهنجي دماغ ۾ اڪثر اها ڳالھ ايندي آهي ته اسلام ۾ چوري ڪرڻ هڪ وڏو گناھ آهي پر اسين چوري جا سافٽويئر، فلمون، ڳانا ۽ ٻيون ڪيتريون شيون استعمال ڪري رهيا آهيون ڇا اهو درست آهي يا نه؟
     
  3. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام سٺو عمل سائين۔اهيو پاڪستان ۾ به ٿيڻ گهرجي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو