رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
جُولاءِ جو جهولو ،
وڻن هيٺان وينگسون ،
اوٽ نه ڪو اولو ۔
جهولو چاليهو ،
ڏامر اڏريو ڏنڀ ڏئي ،
هُوءَ ته ڏسو بيهو ۔
جهولي جا جهوٽا ،
هڻندا وتن هانوَ کي ،
رهزن رانڀوٽا ۔
رولو پاڳل لُڪَ ،
ساڙين ٿي ساڻيه کي ،
بادل هڻندءِ ٿُڪَ۔
استاد بخاري
وڻن هيٺان وينگسون ،
اوٽ نه ڪو اولو ۔
جهولو چاليهو ،
ڏامر اڏريو ڏنڀ ڏئي ،
هُوءَ ته ڏسو بيهو ۔
جهولي جا جهوٽا ،
هڻندا وتن هانوَ کي ،
رهزن رانڀوٽا ۔
رولو پاڳل لُڪَ ،
ساڙين ٿي ساڻيه کي ،
بادل هڻندءِ ٿُڪَ۔
استاد بخاري