چون ٿا ته سومرن جي بادشاهيءَ ۾ سنڌ ايتري ته خوشحال هوندي هئي ۽ ايتري ته ڪپهه ٿيندي هئي ۽ ڪورڪو ڪم تمام وڏي ترقيءَ تي هيو جو ان دور ۾ سومرا سردار ۽ شهزادا ڪپهه جا ڪپڙا هڪ دفعو پائي اڇلائي ڇڏيندا هيا ... وقت چوي آءُ بادشاه اسانجي ننڍپڻ واري دور ۾ لاڙڪاڻي جي علي گوهر آباد محلي جي سامٽيه روڊ جي آس پاس رهندڙ سومرا اڪثريت سان ڌوٻڪو ڪم ڪندا هيا ۽ سندن گهرن ۾ اسين پاڙي وارا پنهنجا ڪپڙا ڏئي ايندا هياسون يا استري ڪرائڻا هوندا هيا ته سندن گهران ڪرائي ايندا هياسون ... اسانجيون سومريون امڙيون ايتريون ته قربائتيون هونديون هيون جو نه فقط ڪپڙا استري ڪري ڏينديون هيون پر ماني به کارائينديون هيون ... پئسا نه به هوندا هئا ته استري ڪري ڏينديون هيون ... اسان پنهنجن سومرن دوستن سان گڏجي گڏهه تي يا گڏهه گاڏي تي ڪپڙا کڻي، گهاڙ واهه تي ويندا هياسون ... اتي اسين ترندا هياسون ۽ دوستن جا والدين ڪپڙا ڌوئيندا هيا ... سڀ محنت ڪش ماڻهون ۽ قربائتا هيا ...
بسس سائين وقت وقت جي ڳالهه آهي ۔۔۔۔۔۔۔ اهو دور هو ۽ اڄوڪو دور آهي جو سنڌ ۾ پاتو ويندڙ ڪپڙو شايد ئي ڪنهن سنڌي مالڪ جي ڪارخاني تي ٺهندو هوندو۔ اهو ته ٺهيو پر هاڻي استري ڪرائڻ به هڪ عذاب آهي، جو بجلي جو ويل لڳو پيو آهي۔
ادا هن تصوير مان اهو ٿو لڳي ته اسان جي ماروئڙن پاڻي جو مسلو ته حل ڪيو آهي بغير بجلي جي باقي به لڳا پيا آهن 208 اٽيچمينٽ ڏسو 208 اٽيچمينٽ ڏسو 208 اٽيچمينٽ ڏسو 208 اٽيچمينٽ ڏسو
اهي محبتون هاڻي گهٽجي ويون آهن ۔ اڳي غربت هئي پر ماڻهون دل جا امير هئا ۔ هاڻي پڪوڙن کپائڻ واري وٽ به لکين روپيا آهن۔ پر ميٺ ڪانهي۔