نثارابڙو
نائب منتظم
فرمانبردار زال
مڙس؛ اڄ کاڌي مان ڇا پچائيندينءَ؟
زال؛ جيڪو سائينءَ جن حڪم ڪن.
مڙس؛ دال چانور ٺاهي وٺ
زال؛ اڃان ڪلهه ئي ته کاڌا آهن
مڙس؛ ڀاڄي ۽ ماني تيار ڪر،
زال؛ ٻار نٿا کائن
مڙس؛ چڻن جو ٻوڙ ٺاهي وٺ
زال؛ مونکي پيٽ تي آفري ٿئي ٿي
مڙس؛ آنا ۽ ٻٽالون تري وٺ
زال؛ پو صبح ناشتي ۾ ڇا کائيندي
مڙس؛ ڀلا پراٺا تيار ڪر
زال؛ رات جو پراٺا وري ڪير کائيندو
مڙس؛ ڀلا هوٽل تان گهرائي وٺون
زال؛ هر روز هوٽل جي ماني کائي ٿڪجي پيا آهيون
مڙس؛ ڪڙهي چانور
زال؛ ڏهي ڪانهي گهر ۾
مڙس؛ قيمي ۾ مٽرن جو ٻوڙ
زال؛ ان ۾ وقت لڳندو اڳ ۾ چوين هان!
مڙس؛ ميگي ٺاهي وٺ، ان ۾ ٽائيم نه لڳندو
زال؛ ان سان وري پيٽ ڪيئن ڀربو.
مڙس؛ ته پو ڀلا ڇا ٺاهيندينءَ
زال؛ تون ٻڌاءِ نه!