ڪهاڻي
مڃتا
محمد علي پٺاڻ
“ سائين مبارڪ هجئي، حياتيء جو هي يادگار پروگرام ٿيو اٿئي، مان به اچڻ جي ڏاڍي ڪئي، پر دڪان تان وٿي ئي نه ملي. باقي پروگرام سڄو ٽي وي تي ڏٺم، جيڪو لائيو پئي هلايائون. ”
“ هان ! ”
“ ها ايڏي مڃتا ٻئي ڪنهن شاعر خواب ۾ به نه سوچي هوندي، جيڏي توکي ملي آ ”
“ برابر ، سندن مهرباني ”
“ تنهنجي نئين ڪتاب ڇپائڻ جو اعلان به ٿيو نه ؟ ”
“ ها، ثقافت کاتي وارن اهو اعلان ڪيو ”
“ ڀلا ، مالي امداد جو ڪو آسرو ڏنئون ! ”
“ نه، اهڙو ڪجهه نه چيائون ”
“ هي سووينيئر به ته تو بابت ڇپرايائون نه ؟ ” دڪاندار شاعر جي هٿ ۾ جهليل ڪتاب ڏانهن اشارو ڪيو.
“ ها، هي ڏاڍو شاندار ڇپايو اٿائون ۽ تمام گهڻن ليکڪن کان مون بابت مضمون لکائڻ سان گڏ، هن ۾ منهنجي 70 ساله حياتيءَ جون يادگار تصويرون به شامل ڪيون اٿائون ”
“ ٿورو ڏيندين ته ديدار ڪري وٺان ”
“ ڇو نه ” شاعر سووينيئر دڪاندار کي ڏنو.
دڪاندار هن سان گڏ بيٺي بيٺي هڪ هڪ صفحو ڪري سموري سووينيئر جو جائزو ورتو، جنهن کانپوء هن اهو شاعر جي حوالي ڪندي چيو، “ هن ۾ ته وڏا اشتهار آهن، اندازن ڏهين لکين کن جا ٿيندا ؟ ”
“ ها، شايد ايترائي ٿيندا ”
” پوء ته ٽيڪجي وئين، هاڻي انهن مان مهرباني ڪري اهو سيڌي وارو ۽ سگريٽن جو حساب چُڪتو ڪجان ”
“ ڇا ؟ ”
“ اڃان ڇا ٿو چوين ؟ سڄا سارا ٽي مهينا ٿيا آهن، مان ڏوهه ته نه ڪيو نه ”
“ اڙي ادا، هن مان مونکي پائي به نه ملندي، يقين ڪر ! ”
“ ته، باقي ڪير کڻندو؟ ”
“ جن پروگرام ڪيو ۽ مونکي مڃتا ڏني ”
“ سکڻي مڃتا ! ؟ ”
“ ها ايئن ئي سمجهه ” شاعر پنهنجي کيسي مان رومال ڪڍي نرڙ تان پگهر اگهيو.