AZAM AFZAL
سينيئر رڪن
فلسطيني صحرا جا پياسا بکايل
مظلوم قومن جا انساني ڍانچا
گولين جي آڏو هو گرنيڊ بڻجي
آزادي ڪي خاطر هو وڙهندا رهن ٿا
آزادي گُهرن ٿا آزادي گُهرن ٿا
بمن جا ڌماڪا ۽ گندرف جا دونهان
باهيون وڪوڙي ويون چؤ طرف کان
بنا ڪنهن ڪفن جي هو انساني لاشا
ٻيڙن جي چُر پُر ۽ ڀاڙي جا ڪُتا
اڃان به انهن کي چڪن ۽ پٽن ٿا
هو مظلوم قومن جو منظر ڏسو
رتو ڇاڻ ڌرتي جي حالت ڏسو
ايٽم جي طاقت او انساني قاتل
ظالم لُُٽيرا او سرمائيدارو
اقوام متحده جي ڪرسن تي ويهي
ٿا مظلوم قومن جي تقدير ٺاهيو
ويٽو هي اسان جي حقن تي هلائي
پوءِ انسانيت جو علم ٿا کڻو
وڏا ٺگ آهيو ٺگي ٿا ڪيو
وڏا ٺگ آهيو ٺگي ٿا ڪيو