نثارناز
سينيئر رڪن
نظم
نثاراحمدناز
مان صديُن کان اي سنڌ امان
هاداسي تُنهنجي داسِي هان،
مهراڻ جو پاڻي پيتو مون
مهراڻ جِي واسِي واسِي هان ،
مُون پيار ڪيو تن پيارن سان
تن ڪينجهر منڇر وارن سان
منهنجي چاهت ڏاڍي سُندر آ،
منهنجي دل ۾ ڪيٽي بندر آ
مان سنڌ جي سُهڻي گُلشن جي
هڪ نازڪ ننڍڙِي ٻارِي هان
سنڌ ديس ته مُنهنجو آه اُتم
سنڌ ديس ته مُنهنجو دين ڌرم
سڀ راهون سنڌ جون گُل پاشِي
مون لئه سنڌڙي ڪعبو ڪاشِي
هڪ جنم ته ڇا ،هر جنم هتي
مان صدقي سنڌ تان واري هان
مان سنڌياڻي مان سنڌياڻي
پوءِ ڇو ته ادا مان بندياڻي
مان پيار ادا تو آڳر جو
مان ڦول ڪنول تُنهنجي گهر جو
تون مارنه مونکي ڀاءُ مِٺا
مان ڪارِي ڪين ته ڪارِي هان
تون واڌو ڪاٽو جوڙين ٿو
اڃان اک نه وڏيرا کولين ٿو
سڀ تنهنجي واڄٽ واري آ،
جنهن سنڌ ته سموري ساڙي آ
ارمان انهيءَ ۾ هر ويلي،
مان ”ناز“ الاڙي مارِي هان
