گهڻن ڏينهن بعد سنڌسلامت جي هن سهڻي فورم تي۔۔۔۔۔ شاھ صاحب جي رسالي مان ، سُر ڪارايل جي داستان پهرئين جو هڪ بيت ڊزائين ڪري اوهان دوستن سان ونڊي رهيو آهيان اميد ته اوهانکي پسند ايندو۔۔۔۔دعائن ۾ ياد رکڻ نه وساريندا۔۔۔ فقط اوهانجو خادم دوست حسن صغير جتوئي _ جده سعودي عريبيه
واه سائين واه شعر جي چُونڊ بهترين ، ڊزائين ۾ سائين جي خيالي تصوير ڏيڻ مونکي بنه نه وڻي ۔ ڇو ته سائين جي علم با شريعت هئڻ هِن تصوير مان ظاهر ڪو نه ٿو ٿئي ۔
صغير سائين گهڻن ڏينهن کانپوء سنڌ سلامت تي ڀليڪار اوهان لطيف سائين جي رسالي مان هڪ بهترين بيت کي چترڪاري ذريعي پيش ڪيو ان لاء مهربانيون۔ لطيف سائين جو هر بيت هڪ پيغام آهي۔ اچو ته ان پيغام کي عام ڪيون ۽ ان کي سمجهي ان تي عمل ڪيون۔ اميد ته سنڌ سلامت تي اوهان ڀيرو ڀريندا رهندا۔ ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
محترم رضوان علي جمالي ، سائين محمد سليمان وساڻ ۽ پيارا عاشق سولنگي صاحب اسانجي هن ادنا ڪوشش کي پسند ڪرڻ جا لک لائق، اوهانجو ساٿ رهيو ته حاضري ڀرائيندا رهندا سين