سهڻي جومثال تھ سياري جي رات آ، انڌهو انڌهوڪار آ، اُڀ ۾ ڪارا ڪڪر ڇائينل هن، ڪُنن جا ڪڙڪاٽ هن، مينهن اُوهيڙا ڪري پيو وسي طوفان جي تيزي آ، ڇولين جو ڪاٿو ئي ڪونهي، پر سهڻي پهنجي محبوب جي ديدار ۾ نڪري چوي ٿي ته دلو ڀڳو ته قربان ٿيو پر الله جي رحمتن کان نا اُميد نه آهيان ته شاه عبدُ للطيف ٿو فرمائي سو ئي راه رد ڪري سو ئي رهنماءُ وتعز من تشاءَ وتزل منتشاءَ يعني اُهو ئي الله آهي عزت ڏيندر به آ ته زلت ڏيکاريندڙ به آ
بيشڪ لطيف جي نظر ۾ عورت جو اهم مقام آهي۔ اوهان سندس ڪردار ۽ سورميون ته ڏسو سهڻي هجي يا سسئي، مارئي هجي يا نوري ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لطيف سائين جي سوچ کي سلام آهي۔