پاڪستان ٺهي اڃا ڪجهه مهينا ئي مس ٿيا هئا ته علامه عنايت الله مشرقي جي خاڪسارن خاڪي ورديون پائي، بيلچا ڪلهن تي رکي، لاهور ۾ مال روڊ تي مارچ ڪيو. فٽ پاٿ تي بيهي اهو منظر ڏسندڙ نالي واري اديب ظهير ڪاشميري، هڪ خاڪسار کان پڇيو ته، ”ڪٿي جا ارادا آهن؟“ خاڪسار جوشيلي انداز ۾ چيو ته، ”اسان جو مقصد فلسطين جي آزادي آهي“. ظهير ڪاشميريءَ کيس چيو ته، ”ساڄي هٿ تي بيڊن روڊ کان وڃو، اتان فلسطين ويجهو پوندو،“ ڪالهه جماعت اسلامي روهنگيا مسلمانن تي ظلمن خلاف ملڪ گير يوم احتجاج ملهايو، ٻه جمعه پهرين مولانا فضل الرحمان جي جميعت علماءِ اسلام به روهنگيا مسلمانن تي ظلم خلاف ڪراچيءَ ۾ هڪ ريلي ڪڍي. اتي مون هڪ احتجاجيءَ کان پڇيو: ”مظلوم روهنگيا مسلمان ڪٿي رهن ٿا؟“ وراڻيائين: ”مار! اها به خبر ڪانه اٿئي ته اهي برما ۾ رهندا آهن!! مون کانئس پڇيو: ”ڀلا آنگ سانگ سُوچي کي سڃاڻين ٿو؟“ چوڻ لڳو: ”اهو ڇا آهي؟“ 1974ع ۾ به اسان جي پاڙي جي مسجد جو قاري صاحب جمعي نماز کانپوءِ فلسطين، ڪشمير، ڀارت ۽ اريٽيريا جي مظلوم مسلمانن جي آزاديءَ لاءِ دعائون گهرندو هو، قاري صاحب جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس پٽ پيش امام بڻجي ويو، ان عرصي ۾ فلسطيني ۾ پي ايل او جي حڪومت اچي وئي، ڪشمير ۾ هڪ مسلح تحريڪ اسلم بيگ جي زماني ۾ شروع ٿي پرويز مشرف جي سهڪار سان ٿڌي به ٿي وئي، ڀارتي مسلمان سياست جي مک ڌارا جو حصو بڻجي ويا ۽ اريٽيريا هڪ آزاد ملڪ بڻجي ويو. دنيا بدلجي وئي، پر دعائن ۽ بد دعائن جو مينيو نه بدليو. پوئين جمعي تي به امام صاحب اها دعا پئي ڪرائي ته، ”اي الله! فلسطين، ڪشمير، ڀارت ۽ اريٽيريا جي مسلمانن کي آزاد فرما.“ مون کي ڪنهن به مظلوم طبقي سان، ڪنهن جي به يڪجهتيءَ جي اظهار تي گهڻي خوشي ٿيندي آهي، اعتراض صرف ان تي آهي ته هر تنظيم پنهنجن پنهنجن مظلومن جي فهرست ٺاهي ڇڏي آهي، جنهن کي اپ ڊيٽ ڪرڻ به ڪفر سمجهيو وڃي ٿو. مثال طور: پنجاهه ۽ سٺ واري ڏهاڪي ۾ کاٻي ڌر جي ڪنهن شاگرد، مزدور يا سياسي تنظيم هنگري (1956ع) ۽ چيڪو سلواڪيا (1968ع) تي سوويت فوج ڪشيءَ خلاف ڪو احتجاجي جلوس ڪونه ڪڍيو، البت مصر تي برطانيا، فرانس ۽ اسرائيل جي گڏيل حملي (1956ع) ۽ ويٽنام جي جنگ جي خلاف لاهور، ڪراچي ۽ ڍاڪا ۾ زبردست مظاهرا ٿيا. 1967ع جي عرب-اسرائيل جنگ واحد موقعو هو، جڏهن کاٻي ڌر جي تنظيمن جي ڪارڪنن چي گويرا جي تصوير واريون شرٽون پائي اسرائيل جي سامراجيت، ته وري ساڄي ڌر جي تنظيمن مسجد اقصيٰ تي قبضي خلاف ڌار ڌار احتجاجي جلوس ڪڍيا. پر مذهبي جماعتن ويٽنامين لاءِ هڪ ڀيرو به دعا نه گهري ۽ کاٻي ڌر جي تنظيمن جي نظر ۾ افغاني ڪڏهن به مظلوم نه رهيا. اٺ سال عراق-ايران جنگ ۾ ڏهه لک ماڻهو مارجي ويا پر پاڪستان ۾ ڪو جلوس نه نڪتو. 1990ع ۾ ڪويت تي عراقي قبضي خلاف ۽ عراق تي آمريڪي فوج ڪشيءَ تي ڪنهن مذهبي جماعت آمريڪي يا عراقي سفارتخاني طرف مارچ ڪونه ڪيو، ڇو ته ان مهم ۾ سعودي عرب به آمريڪا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سندس اتحادي بڻيل هو. 2003ع ۾ عراق تي آمريڪي حملي کان پهرين لنڊن، پئرس، برلن، ٽوڪيو، نيو يارڪ، سان فرانسسڪو ۽ سڊني ۾ ڏيڍ ڪروڙ غير مسلمن عراق سان يڪجهتيءَ طور مظاهرا ڪيا. ان دوران پاڪستان ۾ ايترو به گوڙ ڪونه ٿيو، جيترو بوسنيا ۽ چيچنيا جي مسلمانن لاءِ ٿيو هو. گهڻا مظلوم نه مذهبي طبقي کي نظر اچن ٿا، نه ئي وري سيڪيولر قوتن کين ليکي ۾ آندو آهي. جيئن ڏکڻ آفريڪا جي نسل پرستي ڪنهن کي سمجهه ۾ نٿي اچي، لبنان جي گهرو ويڙهه خلاف ڪنهن طبقي پنهنجو موقف ڪونه جوڙيو. الجيريا ۾ 1990ع کان 2000ع تائين ٿيندڙ گهرو ويڙهه ۾ 2 لک ماڻهو مارجي ويا. روانڊا ۾ سن پنجانوي ڇهانوي ۾ اٺ لک ماڻهن جو قتل عام ٿيو. سوڊان جي علائقي دار فور ۾ 2 لک ماڻهو مارجي ويا پر اهي خبرون پاڪستان جي ڪنهن مظاهري باز تائين پهچندي پهچندي رستي ۾ ئي پساهه پورا ڪري ويون. هونئن ته عرب دنيا سان پاڪستانين جو نسلي، ثقافتي، معاشي ۽ سياسي رشتو ياد ڏيارڻ ڪوبه نٿو وساري پر تيونس، مصر، يمن ۽ لبيا ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، ان کي حڪومت کان وٺي سول سوسائٽيءَ تائين هر هڪ ائين ڏٺو، ڄڻ اهو اسان جي آس پاس نه پر بوليويا، مڊغاسڪر يا فجي ۾ ٿي رهيو آهي. البت بحرين ۾ بيچيني شروع ٿي ته ڪجهه شيعه تنظيمن بحرين جي شيعه اڪثريت جي حق ۾ ۽ ڪجهه سني تنظيمن بحرين ۾ سعودي فوجي مداخلت جي حق ۾ ريليون ضرور ڪڍيون. شام ۾ اڄ تائين لڳ ڀڳ ويهه هزار ماڻهو مارجي چڪا آهن پر ڪنهن مقامي ميڊيا، سياسي تنظيم يا سول سوسائٽيءَ جي تنظيم جي ريڊار تي شام نالي ڪو پکي اڏامندي نظر نٿو اچي. ائين ٿو معلوم ٿئي ته مسلمانن سان جيڪو ظلم به ٿي رهيو آهي، اهو پاڪستان کان ٻاهر ۽ پنهنجي پنهنجي پسند جي ملڪن ۾ ٿي رهيو آهي. ڇا توهان پوئين ڏهن سالن ۾ اهو ٻڌو آهي ته ڪنهن سياسي ۽ مذهبي جماعت بلوچستان جي مسئلي تي ملڪ گير هڙتال يا ڪوئيٽا کان اسلام آباد تائين لانگ مارچ ڪيو هجي؟ يا ڪنهن سيڪيولر يا مذهبي تنظيم دهشتگرديءَ جي جنگ ۾ پنجٽيهه هزار پاڪستانين جي موت تي ڦيٿا جام جي اپيل ڪئي هجي؟ ڇا اوڪاڙا سميت سينٽرل پنجاب ۾ مشرف دور ۾ فوجي فارمن جي ڏهه لک هارين جي ٻن سالن جي جدوجهد سان کاٻي يا ساڄي ڌر مان ڪنهن ڪڏهن يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو؟ يا پنهنجن ٻارن کي پوليو ويڪسين نه پيئارڻ وارن جو گهيراءُ ڪيو؟ هزارا ڪميونٽي جي قتل عام خلاف ڪوئيٽا يا ڪوئيٽا کان ٻاهر ڪنهن غير هزاري ڪڏهن ڪا ريلي ڪڍي يا گلگت- بلتستان ۽ ڪرم ايجنسيءَ ۾ فرقيواراڻي قتل ۽ غارت خلاف پريس رليز جاري ڪيو؟ نقلي دوائن سان لاهور ۾ سئو کان وڌيڪ دل جي مريضن جي مرڻ واري اسڪينڊل کي ڪنهن عدالت ۾ چئلينج ڪيو؟ ڪراچيءَ ۾ صرف هن سال جي پهرين پنجن مهينن ۾ ساڍا ست سئو ماڻهن جي مرڻ تي لاهور يا پشاور ۾ ڪو جلوس نڪتو؟ ڪو اهو ڇو نٿو پڇي ته هندو ڇوڪرن جي مقابلي ۾ هندو ڇوڪرين کي اسلام سان اوچتي ايتري دلچسپي ڇو ٿي پئي آهي؟ شايد هر ڪو پنهنجي پنهنجي کوهه ۾ بند ٿي چڪو آهي. شايد هر ڪنهن پنهنجن پنهنجن ڏيڏرن تي نشان لڳائي ڇڏيا آهن. سنڌي قومپرستن لاءِ ڪالاباغ ڊيم، گريٽر ٿل ڪئنال ۽ سنڌ جي مبينا ورهاڱي جي سازش کانپوءِ دنيا ختم آهي. ايم ڪيو ايم وٽ دنيا جو سڀ کان وڏو مسئلو ڀتو، تباهه حال وزيرستانين جي ڪراچي آمد، اقتدار ۾ حصو ۽ بلدياتي نظام جي بحالي آهي. جماعت اسلامي کي صرف عافيه صديقي ۽ مظلوم برمي مسلمان ئي نظر اچن ٿا. عمران خان لاءِ دنيا جو سڀ کان وڏو مسئلو ڊرون حملا ۽ نواز شريف ..... نواز شريف جو بنيادي مسئلو زرداري ۽ لوڊشيڊنگ ۽ پيپلز پارٽي لاءِ دنيا جو سڀ کان وڏو مسئلو عدليه آهي، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان اڄ به جي محاوري تي يقين رکي ٿو. طالبان ؟؟؟؟ سڀ چپ ..... بيمار معيشت؟؟؟ سڀ چپ ..... هر سال پنجن سالن جي عمر تائين پهچندڙ پنجاهه لک جاهل ٻارڙا؟؟؟ سڀ چپ ..... گذريل سال جي ٻوڏ سبب اڃا تائين بي گهر بڻيل ڏيڍ ڪروڙ ماڻهو؟؟؟ سڀ چپ ..... ايندڙ ٻوڏ ڪيئن ڪنٽرول ٿيندي؟؟؟ سڀ چپ ..... اي الله! بس تون فلسطين، ڀارت، ڪشمير ۽ اريٽيريا جي مظلوم مسلمانن جي مدد فرما!!!! آمين. wusatkhan@gmail.com ”روزاني ڪاوش جي ٿورن سان“
سچ پڇو ته هي ليک پڙهي ليکڪ کي سلام ڪرڻ سان گڏ ۔۔۔ ڪجهه کل ۽ ڪجهه روئڻ جهڙو منهن ڪري سوچ ۾ پئجي ويو آهيان ۔۔۔ ته آخر ٿيندو ڇا ۔۔۔؟؟؟؟
وسعت الله جا ليک تمام سٺا ۽ حقيقتن تي ٻڌل هوندا آهن۔ هر هفتي ڪاوش ۾ سندس ڪالم ڇپجي پيو۔ هن ليک ۾ ليکڪ سچيون ۽ کريون ڳالهيون ڪرين پاڪستان جي مذهبي ۽ سياسي قيادت جي هڙتالن ۽ تحريڪن جا رنگ ڏيکاريا آهن۔ سڄي دنيا جي مسلمانن لاء پاڪستان جون مذهبي جماعتون هڙتالن ۽ مظاهرن ۾ سڀ کان اڳڀريون آهن۔ ڇا سعودي عرب مسلمان ملڪ ناهي؟ ڇا اهي مسلمانن تي ٿيل ظلم ڪونه ٿا ڏسن ؟ ڇا اسلام صرف پاڪستان ۾ آهي ؟ ڇا اسان اسلامي قدرن تي پورا آهيون ؟ اهڙا ڪيئي سوال آهن۔ اسان دنيا جي مسلمانن تي ٿيل زيادتين تي سياست ڪيون ٿا پر پنهنجي ملڪ ۾ ٿيندڙ نا انصافين خلاف خاموش آهيون۔