نيڻ اُڻن ٿا خواب

'مختلف موضوع' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏30 جون 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    رياضت ٻرڙو
    نيڻَ اُڻن ٿا خواب

    اڪثر چيو ويندو آهي ته زندگي ڏاڍي مختصر آهي، جيتوڻيڪ ڪيئي ماڻهو ان مختصر زندگيءَ ۾ به وڏا وڏا اهم ڪمَ، ماڻهن جي مستقبل کي سنواري ڇڏيندڙَ، اهڙا يادگار ڪم ڪري ويندا آهن، جو حيرتون لڳنديون آهن. سنڌ جي نالي واري شاعر شيخ اياز چيو آهي: ”هيءَ زندگي بلڪل مختصر آهي، ۽ ان ڪري مون کي ان تي ايئن پيار ايندو آهي جيئن محبوب جي جوانيءَ تي اچي.“ تڏهن به، اها مختصر زندگي، جيڪا عام ماڻهو جِيئنِ ٿا، ايئن اُڏرندي گذري وڃي ٿي جو ويرم ئي نه ٿي گذري، پر ڄڻ ته سالَ گذري وڃن ٿا. اهڙي مختصر زندگيءَ جو جوڀنُ ته تِهائين مختصر آهي. اهو ته اختصار جو به اختصار آهي! ڄڻ ته حصي جو به حصو! ته پوءِ، ان جوڀنَ ۾، جيڪو بنهه ٿورڙن ڏينهن تي مدار رکي ٿو، ڪيئن ٿو جيوَن جي سرمستين کي ماڻي سگھجي! جوڀن جا ٿورا ڏينهڙا ته اکيون ڇِنڀڻ جيان گذري ۽ اُڏري وڃن ٿا. اهي جوڀن وارا ٻه ٽي ڏينهڙا ئي ته آهن جيڪي حياتيءَ جي حسناڪين جو به روپ آهن، ته ان جي دلفريبين جو لاجواب شڪار به.... سنڌ جو مشهور ڪهاڻيڪار امرجليل پنهنجي هڪ ڪهاڻيءَ ۾ چوي ٿو: ”جوڀن ۽ جواني خزان جا سُڪل پَن آهن، ڏينهون ڏينهن وڃن سُڪندا، ڀُرندا، ڀَڄندا.“
    ***
    دنيا ۾ ته لکين ڪروڙين، اڃا به اربين ماڻهو موجود آهن، جن مان اسان جو واسطو ٿورن ئي ماڻهن سان پوي ٿو، پر انهن ٿورن ماڻهن ۾ به، ڪي بنهه ٿورا ماڻهو آهن جيڪي اسان جي زندگيءَ جو اهم حصو هوندا آهن. اڃا به ايئن چوڻ وڌيڪ درست ٿيندو ته اسان جي زندگيءَ جو لازمي جزو آهي، يا جن کان سواءِ اسان جي زندگي اڻپوري آهي. انهن مِٺڙن ماڻهن سان وقت گذاريندي، ڪچهريون ڪندي، روح جا راز اوريندي، اسان کي بيحد سرور ايندو آهي. اسان چاهيندا آهيون ته انهن سان گھڻي کان گھڻو ويجھا رهون، انهن جي محبتن جي ڇانوري ۾ هجون. اهڙن پيارن ۽ مٺڙن ماڻهن ۾ پيءُ ماءُ، ڀائـرَ ۽ ڀينرون، دوستَ ۽ ساٿي ته شامل آهن ئي آهن، پر دل گُهريو ۽ دلبر ماڻهو، يار ۽ سڄڻ، جيڪو اسان جي زندگيءَ جو، اسان جي محبت جو، هيڪلو ئي حقدار هجي ٿو، ڪو هڪ ئي ٿئي ٿو، جنهن سان اسان جو جيءُ جـڙجي ويندو آهي، جنهن لاءِ سِر جي پرواهه به ناهيون ڪندا ۽ جنهن سان اسان جو سِر لڳندو آهي، جيڪو دل جي ڌڙڪڻ جو راز هوندو آهي ۽ جيڪو من جي وسيع ڪائنات ۾ رهندو آهي....
    ***
    نيڻن ۽ خوابن جو پاڻ ۾ گهرو واسطو آهي. نيڻ خوابن بنا ريگستان جي رُڃ مثل آهن، ته خواب وري خوبصورت نيڻن کان سواءِ ٻُسا ٻُسا هوندا آهن. پر ٻنهي تي جڏهن سوچيون ٿا ته محسوس ٿئي ٿو ته نيڻ خوابن کان سواءِ ٿي سگھن ٿا، ته خواب به نيڻن کان سواءِ ممڪن آهن، ته پوءِ، ڪهڙي حالت وڌيڪ بهتر آهي، جنهن جي تمنا ڪري سگھجي! ڇا خوابن بنا نيڻَ هجن؟ يا نيڻن بنا خواب هجن؟
    هن دنيا ۾ تمام گھڻا ماڻهو اهڙا آهن جن وٽ نيڻ ته آهن، پر وٽن ڪي به خواب ناهن، وٽن ڪي به اميدون ناهن، ڇو ته خوابن کي سياڻن ۽ سمجُهو ماڻهن آئيندي جي اميد به ڪوٺيو آهي. اها آئيندي جي اميد جنهن ۾ جيئڻ جي آس آهي، ڪجھ بهتر ڪرڻ، انسانذات کي ڪجھ ڏئي وڃڻ جي خواهش آهي، پر ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي قدرتي طرح هن دنيا جون خوبصورتيون ته ڏسي نه ٿا سگھن، جن وٽ بظاهر ته فطرت جي بي رنگي آهي، پر اصل ۾، انهن وٽ سپنن جو سندر ديس آباد آهي، جنهن ۾ اهي پنهنجي اندر جي حسناڪيءَ سان سهڻا سهڻا خواب اُڻي سگھندا آهن. اهڙا ماڻهن جا نيڻ پنهنجن خوابن وسيلي هن ڪائنات کي ڏسندا آهن، ۽ ڪڏهن ته پاڻ به اهي هڪ سپنو بڻجي جيئندا آهن.
    جيئن ته خوابن ۾ راز به هوندا آهن ان ڪري ئي انهن جون تعبيرون به ڏاڍي ڪشش رکنديون آهن. ماڻهو چاهيندو آهي ته سندس خواب جي تعبير سٺي هجي، اها تعبير اهڙي هجي جيڪا خوشي ڏيندڙ هجي، جنهن ۾ ڪا چڱائي لڪل هجي، جنهن ۾ ڪنهن خواهش، ڪنهن آرزوءَ جو پُورائو هجي.
    ***
    مشهور عالمي اديب ۽ مفڪر خليل جبران ڪيترن ئي خوبصورت ڪتابن جو ليکڪ آهي. سندس مشهور ۽ معروف ڪتابن ۾ ”پيغامبر“، ”ڀڳل کنڀڙاٽيون“، ”غلامي“، ”ساحل ۽ سمنڊ“، ”پهاڙن ۾ پڪار“ ۽ ٻيا ڪيئي ڪتاب شامل آهن.... وڻندڙ اندازِ تحرير جي ڪري، جبران کي سڄيءَ دنيا ۾ ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه منجھان پڙهيو ويندو آهي. هُو پنهنجي پهرين شعري مجموعي ”آبشار“ (دَ پروسيشن) ۾ لکي ٿو:
    ”هن ڌرتيءَ تي ڪي ٿورا انسان هوندا،
    ”جيڪي زندگيءَ مان لطف اندوز ٿين ٿا،
    ”۽ فطرت جي عطا ڪيل بي بها نعمتن مان ڪَڪِ نه ٿا ٿين.
    ”يا وري زندگيءَ جي وهندڙ شفاف آبشارن کي
    ”پيالي ۾ بند نه ٿا ڪَن،
    ”جنهن جي سطح تي هنن جا خيال لُڏندا ۽ ترندا رهن ٿا.“
    واقعي به ايئن ئي ته آهي! فطرت ۾ ڪيڏي نه خوبصورتي آهي! ان جو اندازو تڏهن ٿئي ٿو جڏهن اسان ٻهراڙين ۾ نڪري پئون ٿا ۽ فطرت جي حسين نظارن کي ڏسون ٿا.... شهرن ۾ ڪٿي رهي آ اها ترتيب ۽ سُهڻائي، جيڪا شهرن کان ٻاهر چَوڏسا پکڙيل فطرتي سادگيءَ ڀَري سُونهن ۾ هنڌين ماڳين پکڙيل آهي. شال! اسان کي فطرت جي انهن نعمتن مان ڪڏهن به ڪَڪِ ٿيڻ جو موقعو نه ملي ۽ اسان باوجود ڏکن ۽ تڪليفن کي سَهندي، زندگيءَ مان لطف اندوز ٿيندا رهون....
    ***
    ڏينهن جي وٺ پڪڙ ۽ ڪمن ڪارين کان پوءِ، شام ٿيندي ئي دوستن، سنگتين ۽ ساٿين سان ملڻ ۽ ڪچهريون ڪرڻ لاءِ اسان جو منُ سَٽون هڻڻ لڳندو آهي. دل چاهيندي آهي ته ڪي پَل پنهنجن پيارن سڄڻن سان قرب جون ڳالهيون ڪجن. هنن جا احوالَ ٻُڌجن ۽ کين پنهنجون وارتائون ٻڌائجن. دنيا ۾ ڇا ٿو وهي واپري، ان تي ڪجھ ڳالهائجي، ڪي ويچار ونڊجن، يا ڪي پَل خاموشيءَ سان هڪ ٻئي جي نيڻن جي گهراين ۾ سمائجي وڃجي. هر انداز ۾ پنهنجي خاص دلچسپي آهي. ان طرح، ڪڏهن قرب ڀَريون ڪچهريون ڪري سگھندا آهيون، ته ڪڏهن شام جو به مصروفيتن يا ٿڪاوٽن جو شڪار ٿي گھرن ۾ ئي ويهي رهندا آهيون.... ڇا به هجي، دل جو حال ونڊڻ سان من هلڪو ٿي پوندو آهي ۽ ماڻهو پاڻ کي ڏاڍو هلڪو ڦُلڪو محسوس ڪرڻ لڳندو آهي. ڪڏهن اوهان به پنهنجن پيارن سان دل جا احوالَ اوري پاڻ کي سهنجو محسوس ڪندا ڪيو ۽ خوشين جا گھڙيون وڌائيندا ڪيو....
    ***
    لطيف سائينءَ جو سڄو رسالو ڄڻ ته هيرن ۽ جواهرن سان جُڙيل بيتن ۽ وائيُن سان سينگاريل آهي. شاهه لطيف رسالي جي سُرن ۾ جيڪي فڪر ۽ ذڪر جا واهڙ وهايا آهن، تن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! شاهه سائين سُر مومل راڻي ۾ فرمائي ٿو:
    شمـعَ ٻــارِيـنـدي شَبَّ، پِـرهه باکُـون ڪَـڍيُـون،
    مـوٽُ، مران ٿـي، مينـڌرا! راڻـا ڪـارڻِ ربَّ،
    تنهنجِي تاتِ طَلَبَ، ڪانگَ اُڏايم ڪاڪِ جا.
    مُومل ـــــــ حُسُنَ ۽ سُونهن جي راڻِي، ناز ۽ انداز جي مَلڪه، جنهن سان سُومل سياڻيءَ جو ساٿ، ۽ پوءِ وري راڻي جو رسامو ڪري هليو وڃڻ! ان صورت ۾ موملِ ڪيئن نه ڪُوڪُون ڪندي ۽ ايلاز ڪندي راڻي کي پرچڻ لاءِ:
    رُسُ مَ، رُسَــڻُ گھــورِيــو، اُٺُ اوراهــون ڇــــوڙِ،
    تو ريءَ ڪاڪِ ڪَڙي ٿَئِي، ساڻُ سِرکَنڊُ سوڙهه،
    اچِــي چَـنــدَنُ چــوڙِ، ته سـوڍا! سُـکِـيـاڻِـي ٿِـيـــان.
    ***
    نماڻا نيڻ هر ڪنهن دل کي موهي وجھندا آهن. اهڙي سَمي اکين جي اها ئي آس هوندي آهي ته اهڙن مٺڙن ۽ نماڻن نيڻن ۾ گم ٿِي وڃجي. اهي نماڻا نيڻ ئي هيءَ سڄي ڪائنات بڻجي پوَن، ٻيو ڪجھ نه رهي. سڀ رنگ انهن سندر نيڻن واريءَ ڪائنات جا هجن، پر جڏهن اهي نيڻ نماڻا اسان جا ئي نيڻ بڻجي پوَن ۽ پياري پرينءَ لاءِ ويڳاڻا بڻجي پونِ، ته پوءِ ڇا ڪجي! هِنَ ماڻهن سان ڀريل دنيا ۾ ماڻهو اڪيلو رهجي وڃي، ميلي ۾ ئي تنها هجي، ته پوءِ ڪهڙيءَ واٽ تي هلجي؟ ڪيئن پنهنجي اڪيلائي ۽ ويڳاڻپ ختم ڪجي؟
    ڇا به هجي، پر سڀ کان بهتر اهو ئي لڳندو آهي ته پياري پرينءَ کي ٻڌائجي ته تنهنجي لاءِ منهنجا نيڻ ويڳاڻا بڻجي پيا آهن. تون ايندين، ته اها ويڳاڻپ ختم ٿيندي، تو سان ملڻ سان ئي منهنجين تنهائيون پڄاڻيءَ تي رَسنديون.
    ***
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    رياضت ٻرڙو
    اکين جو سمنڊ اڻ جھل آهي

    سهڻيءَ سنڌ جو آسمان گھڻي ڀاڱي بادلن سان ڀريل رهيو آهي، ڪٿي مينهن پيا آهن ته ڪٿي تن ۽ من کي ٺاريندڙ هوائون گُهليون آهن، جن اونهاري جي گرميءَ کي ماحول منجھان پٺتي ڌِڪي ڇڏيو آهي ۽ هوائن کي رُومانَ ۽ هُڳاءَ ڀَريو بڻائي ڇڏيو آهي.... ٻئي طرف، برساتن اسان جي شهرن کي گندو به ڪيو آهي. رستن ۽ گھٽين ۾ برسات جو پاڻي بيٺو آهي، روڊن تي مسافرن کي اچ وڃ ۾ ڏاڍي ڏکيائيءَ سان مُنهن ڏيڻو پوي ٿو، گَپ چِڪ مان گذرڻو پوي ٿو، خاص ڪري عورتن ۽ ٻارن کي وڏي تڪليف سان اچ وڃ ڪرڻي پوي ٿي. ان صورتحال ۾ ڄڻ ته برسات جي سندرتا کي مات اچي وئي آهي ۽ ماڻهو برساتن مان بيزار ٿيڻ لڳا آهن. رحمتَ زحمتَ ۾ بدلجي وئي آهي.... انتظاميا ته جيڪي به اُپاءَ وٺي ۽ جڏهن به اپاءَ وٺي، اميد ته وقت سِر ڪٿي نه ڪٿي وٺندي هوندي جيڪا يقيناً ماڻهن کي سهولت ميسر ڪري ڏيندي، پر اسان جو به ڪجھ فرض آهي جيڪو اسان کي ادا ڪرڻ گھرجي. جي ها دوستو، ڏسو ته اسان ڪيئن نه رستن ۽ راهن کي سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي. انهن تي صندل هڻي، ريڙهيون بيهاري، دڪانن اڳيان دڪانن جيترا ئي قبضا ڪري اتان ماڻهن جي گذرڻ کي بند ڪري ڇڏيو آهي، فوٽ پاٿن کي ڪنهن نه ڪنهن ريت بند ڪري مانڊڻيون هڻي ڇڏيون آهن جنهنڪري مجبورن ماڻهن کي روڊن تان گذرڻو پوي ٿو، جنهن سان ڪيئي ايڪسيڊنٽ به ٿيا آهن ۽ ماڻهو ويچارا معذور به بڻجي ويا آهن. خسيس فائدن لاءِ ماڻهوءَ کي تڪليف ڏيڻ ڪو چڱو ڪم ته ناهي نه، جو اهو ڪبو رهجي....
    ***
    سائين منهنجا! تعليم جي اهميت کان ڪير ٿو انڪار ڪري سگھي! شايد اهو ماڻهو ئي تعليم جي مخالفت ۾ ڳالهائيندو جنهن جا ڪي اهڙا مفاد هوندا جيڪي تعليم سان متاثر ٿيندا هوندا، نه ته هر هڪ چاهيندو آهي ته اسان جي قوم ۾ تعليم وڌي، هر هڪ ٻار پڙهي لکي ۽ قوم جو مانُ مٿاهون ڪري. حضرت محمد ﷺ جي حديث آهي: ”والدين جو پنهنجي اولاد لاءِ سٺي تعليم کان بهتر ڪو به تحفو نه آهي.“ يا حضرت علي عليه السلام جن جي ڌيان ڇڪائيندڙ چوِڻي آهي ته ”علم مالَ کان بهتر آهي، ڇو ته علم تنهنجي حفاظت ڪري ٿو ۽ مال جي توهان حفاظت ڪريو ٿا.“
    دوستو! تعليمَ ڪنهن به قوم لاءِ ڪرنگھي جي حيثيت رکي ٿي. هاڻ جيڪڏهن قوم جو ڪرنگھو سگھارو هوندو، ته اها قوم فخر سان، دنيا سان، وِکون وکن سان ملائي اڳتي وڌي سگھندي. اڄوڪي وقت ۾ اهي قومون ئي اقتصادي طرح دنيا ۾ مضبوط آهن جن جي تعليم سٺي آهي ۽ جيڪي پنهنجيءَ سٺي تعليم جي ڪري سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي شعبن ۾ ڀَـڙ آهن ۽ ڏينهون ڏينهن پنهنجيءَ تعليم کي بهتر کان بهتر بڻائي رهيون آهن. اسان کي به ان لاءِ سوچڻو پوندو ۽ پنهنجو تعليمي معيار مٿاهون بڻائڻو پوندو، ته جيئن نه صرف پنهنجو مانَ ڀريو رُتبو بحال ڪرايون ۽ دنيا ۾ عزت ۽ احترام جي نظرن سان ڏٺا وڃون ۽ نئين اتساهه سان پنهنجي ڏيهه جِي ڏاهپ ۽ علم واري سڃاڻپ پيدا ڪري سگھون....

    ***
    دنيا جو تمام گھڻو شعر ۽ ادبُ پيار ۽ محبت جي وڻندڙ تحريرن سان سينگاريل آهي. انهن تحريرن ۾ اديبن ۽ شاعرن جهڙيءَ طرح پيار ۽ پيارن جون ڳالهيون قلمبند ڪيون آهن تن کي پڙهي دل جي ڌڙڪڻ کي محسوس ڪري سگھجي ٿو ۽ جذبن جي گَهِرائيءَ کي مَن جي سمنڊ ۾ لهرون هڻندي ڏسي سگھجي ٿو.... سنڌُ جو شاهه، سدا حيات، حضرت عبداللطيف ڀٽائي چوي ٿو:
    چنڊ! چوانءِ سچ، جي مَٺو مُور نه ڀانئين،
    ڪڏهين اڀرين سنهڙو، ڪڏهن اڀرين ڳچُ،
    مُنهن ۾ ٻَرئيِ مَچُ، تو ۾ ناهه پيشاني پرينءَ جي.
    ٻئي طرف ويهين صديءَ ۾ سنڌ جو آوازُ، مهان شاعر شيخ اياز چوي ٿو:
    پير جو آواز تنهنجو، مون سڃاتو آهه يا نه!
    سچ ٻڌايانءِ ڪيئن آهه!
    ڌرتـتـيءَ ۾ ڏس ته نِـمُ جـي ڇـانـوَ لهـرائـي پـئـي،
    هيـر ۾ جُھـولـي پـيـو وڻ، ڄـڻ فـضـا ڳـائـي پـئـي،
    سج لهي ويندو ته ڇا! نم کان جدا ٿيندي نه ڇانوَ،
    اي پرين تئن تنهنجِي منهنجِي آهه هڪ هستِي ٻه نانوَ ــــــ
    چَؤ برابر آهه يا نه؟
    پير جو آواز تنهنجو، مون سڃاتو آهه يا نه!
    اڃا به سنڌ جو هڪ ٻيو نامور شاعر آثم ناٿن شاهي هڪ شعر ۾ چوي ٿو:
    پوپٽ! تنهنجا رنگَ، ڇو ٿا پرينءَ سان ملن؟
    ڇا تو ان جا انگَ، پنهنجي پَرن سان ڇُهيا!؟
    هن موقعي تي، قيس بن عامري ’مجنون‘ جي هڪ ڏاڍي خوبصورت شعر جو ترجمو ”اڄ پڻ چِڪيم چاڪَ“ (مصنف جِي.ايم. سيد) ڪتاب مان اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪيان ٿو:
    ”منهنجا اُن شخص کي سلام پهچن، جنهن کي آءٌ هرگز نه وساريندو آهيان، ۽ نه جنهن جي ذڪر کان زبان کي ملال ايندو آهي، ۽ نه اها ٿَڪبِي آهي،
    ”ڇا ٿِي پيو جيڪڏهن اکين ۽ بدن کان اهو دوست ڏُور آهي؟ ڇو ته جنهن صورت ۾ کيس منهنجيءَ دل ۾ جاءِ حاصل آهي، تنهن صورت ۾ آءٌ ڪيئن کيس وساري سگھندس!“
    اهڙا شعر ٻُڌي/پڙهي ڪيڏو نه سُڪون ملي ٿو! ڄڻ ته لطيف سائينءَ جي لفظن ۾ ”ڪي ڏُور به اوڏا سپرين“ آهن. هڪ طرف ماڻهو ٻن انچن لاءِ هڪ ٻئي سان وڙهڻ ۽ هڪ ٻئي کي مارڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا، ته ٻئي پاسي اهڙا به ماڻهو آهن جن جي دل ۾ اهڙيون جايون اَڏيل آهن جن جي اڳيان ظاهري ۽ اُوچيون جايون به تِڇ آهن.
    ***
    دوستو! سمنڊُ ڳوڙهن جي صورت ۾ اکين ۾ هجي يا وشال پاڻيءَ جي رُوپ ۾ ڌرتيءَ جي ڪشادي سيني تي پکيڙيل هجي، ان جي گهرائيءَ، سونهن ۽ تاثير کان ڪنهن به طرح انڪار ڪري نه سگھبو آهي. اکين جو سمنڊُ اَڻ جھل آهي، ته ڌرتيءَ جو سمنڊ به وڏي سگھ وارو.... اکين جو سمنڊ ڳوڙها بڻجي وهي پوي ته ماڻهوءَ کي لوڏي ڇڏي، ۽ ڌرتيءَ جو سمنڊ مينهن ۽ طوفان بڻجي اُٿلي پوي ته شهرن ۽ وسندين کي لوڙهي ۽ ٻوڙي ڇڏي. اکين جي سمنڊ ۾ جيءَ جذبن جي تڙپ هوندي آهي، ته ڌرتيءَ جي سمنڊ ۾ فطرت جي حسناڪيءَ جون ڇوليون پيون ڇُلنديون آهن.... اکين جي سمنڊ ۾ پرين جو عڪس پيو جھلڪيون پسائيندو آهي، ته ڌرتيءَ جي سمنڊ ۾ لهندڙ سج جو عڪسُ سونهن جي وصف بڻجي پوندو آهي.
    سائين منهنجا، لطيف سائينءَ فرمايو آهي:
    اکـيـن ۾ ٿِـــي ويـهه، آئــون واري ڍڪــيــانءِ،
    توکي نه ڏِسي ڏيهه، آئون نه ڏِسان ڪِي ٻيو.
    - ته ٻئي پاسي سمنڊ-ڪناري واريءَ جا گھرَ ٺاهي، ڪيئن نه محبت سان ٽمٽار جذبن جو اظهار ڪبو آهي. اهڙن جذبن جو اظهار جنهن ۾ پنهنجائپ هوندي آهي ۽ جنهن ۾ محبتي ماحول هوندو آهي....
    ها، منهنجا سڄڻو! سمنڊ جي ڪناري تي، رانديون ڪندي، ننڍڙا ننڍڙا واريءَ جا گھرڙا ٺاهڻ ۾ ڏاڍو گھڻو مزو هوندو آهي. ان وقت جيڪڏهن ڪو ساڻُ ويٺل ان گھر کي لاپرواهيءَ سان ڊاهي ڇڏيندو آهي، ته ڏک ته ڏاڍو ٿيندو آهي ۽ ڪاوڙ به گھڻي لڳندي آهي، پر جڏهن ان ڏکَ کي نئين جذبي سان ۽ ڪاوڙ کان ڪَن لاٽار ڪري ٻيهر واريءَ جو نئون گھر ٺاهڻ شروع ڪبو آهي ته من اندر پڻ چاهتن ۽ محبتن جا نوان احساس جاڳڻ لڳندا آهن ۽ دل پيار وارن جذبن سان ڀرجي ويندي آهي ۽ فضا مست بڻجي پوندي آهي....
    ***
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    تمام سهڻو رس ۽ چس سان ڀريل ۔۔۔ پيار ۽ پاٻوه جا واهڙ پيا وهن ۔۔۔ مومل راڻو هجي ۽ عشق جو معراج نه هجي ۔۔۔ واه سائين واه

    شمـعَ ٻــارِيـنـدي شَبَّ، پِـرهه باکُـون ڪَـڍيُـون،
    مـوٽُ، مران ٿـي، مينـڌرا! راڻـا ڪـارڻِ ربَّ،
    تنهنجِي تاتِ طَلَبَ، ڪانگَ اُڏايم ڪاڪِ جا.
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    اڄ ته اوهان اصل قرب ڪري ڇڏيا آهن ۔۔۔ اوهانجي سمورين لکڻين ۾ لفظن ۽ جملن جو ڄار وڇايل آهي جو پڙهڻ وارو ائين ڦاسي ٿو جيئن ڪو جيتامڙو ڦاسي ڪوريئڙي جي ڄار م ۔۔۔ هڪ لفظ پڙهيو ناهي، ڦاٿو ناهي ۔۔۔۔

    سهڻو ليک
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    خوبصورت لکڻيون ، لفظن جي مٺاڻ ۽ جملن جي خوبصورت ادائيگي ڪو اوهان کان سکي ۔۔۔۔۔۔۔

    هر سٽ ۾ سونهن سمايل، هر جملي ۾ چاهت سمايل آهي۔ سنڌي ٻولي ڪيڏي وسيع ۽ خوبصورت آهي، ان جي خبر اهڙن سهڻن لکڻين مان پوي ٿي۔ شال سدا خوش هجو ۽ پنهنجي ڏات جي قلم سان پيار ليک ونڊ ڪندا رهو۔

    ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  6. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    وساڻ صاحب، اوهان جي وڏي مهرباني۔ سنڌي ٻولي اسان جي سڃاڻ آهي ۽ اسان جو جيئاپو آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو