رياضت ٻرڙولُڙڪَ ۽ مُرڪَ ”گھرُ“، جنهن لاءِ انگريزي ٻوليءَ ۾ ڏاڍي پيار منجهان چيو ويندو آهي ”ماءِ سُئيٽ هوم“ (My Sweet Home) يعني منهنجو مٺڙو پيارو گھر، اهو ”گھر“ جيتوڻيڪ ڏاڍو ننڍڙو لفظ آهي اچارڻ ۾ به، ته لِکڻ ۾ به، پر ان جي معنى ۽ مفهوم ڏاڍو وڏو آهي. جڏهن اسين گھر جو سچو پچو تصور ڪيون ٿا ته اهو گھرُ صرف شهر جي ڊرائنگ ۽ ڊائننگ وارن ڪمرن توڙي سمهڻ وارن ڪمرن يا ’هالَ‘، ورانڊي ۽ آڳر تي مشتمل ناهي ۽ نه ئي اهو گھر ٻهراڙين جي صُفحن ۽ ڪوٺين وارو گھر آهي. اهو گھر ڀتين، ڇتين ۽ فرشن تي مشتمل سامان سان سٿيل گھر به ناهي، پر هيءُ اهو گهر آهي جيڪو ڀلي ته هزارين فُٽن تي پکڙيل وڏِي ايراضيءَ تي مشتمل هجي يا ڪجھ سَو فُٽن تي اَڏيل هڪ ٻن ڪمرن تي، پر اهو گھر خالي نه هجي، ويران يا غير آباد، ڄارٖي ۽ مٽيءَ سان ڀريل ۽ بند پيل گھر نه هجي، پر ان گھر ۾ ٿورا يا گھڻا ماڻهو رهندڙ هجن، اهو گھر انساني زندگيءَ کان وانجھيل نه هجي، نه ته ان کي گهر ڪيئن چئي سگھبو! ان گھرَ ۾ هڪ ٻئي جي عزت ڪندڙ ۽ ميٺَ محبت سان ڳالهائيندڙ گھر-ڀاتي رهندڙ هجن، جن جو پاڻ ۾ ساٿ ڀريو رشتو هجي. ان گھر ۾ ڪو به ڀاتي پاڻ کي اهنجو محسوس نه ڪري، پوءِ اهو مرد هجي يا عورت، بزرگ هجي يا ٻار ۽ ڇوڪرو هجي يا ڇوڪرِي.... ان گھر ۾ سڀني ڀاتين جي تعلق جِي تندُ پيار ۽ پنهنجائپ سان اُڻيل هجي، تڏهن ئي ته ان کي اهڙو گھر ڪوٺي سگھنداسون جيڪو واقعي به لفظ ”گھر“ جو مفهوم ڏئي ٿو. هن موقعي تي پنهنجي هڪ دوست ۽ محبتي ماڻهوءَ جِي گھر جي حوالي سان هڪ ڀلي ڳالهه ذهن ۾ هُري ٿي اچي. دوست چيو ته ”اهو گھر به ڪهڙو گھر چئبو، جنهن ۾ اسان پنهنجي پيءُ ماءُ ۽ ڀائرن ڀينرن کان الڳ ٿي رهون پيا! اصل گھر ته اهو هو جنهن ۾ اسين پنهنجي ابي امڙ سان رهندا هئاسون ۽ ڀائرن ۽ ڀينرن سان ڪچهري ڪندا هئاسون. گھر جي محبت ۽ سِڪ ته اُتي هئي. هاڻي ته وڏيون وٿيون اچي ويون آهن جو هڪ گھرُ انيڪ گھرن ۾ ورهائجي ويو آهي، جنهن ۾ اسان پيءُ ۽ ماءُ جي شفقت ۽ محبت کان محروم ٿي ويا آهيون ۽ ڀائر پنهنجن ٻارن ٻچن ۾ قابُو ٿي ويا آهن.“ احساس انهن کي ئي وڌيڪ ٿيندو آهي جن جي سِرن تان پيءُ جي شفقت ۽ امڙ جي محبت جي ڇانوَ سدائين لاءِ هلي ويندي آهي ۽ سندن لاءِ دعائن جا در بند ٿي ويندا آهن. امڙ جون اهي نگاهون، جيڪي هوءَ پُٽن جو انتظار ڪندي در ۾ اٽڪايون ويٺي هوندي آهي، سدائين لاءِ ٻوٽجي وينديون آهن، پوءِ ئي انهن عظيم اکڙين جي اوسيئڙي جو ڪَٿ ٿيندي آهي. سنڌ جي نالي واري شاعر اياز گل جي هڪ غزل جو شعر آهي: مَن ۾ ڪو مهمان ضروري آ، پيارا!دَردن جـو درمــان ضـروري آ، پـيـارا!هاڻي جي ته صحيح خبر ناهي، البت ڪجھ وقت اڳ تائين جون ڳالهيون ٻُڌون ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ته گھر جو وڏو ان وقت تائين ماني نه کائيندو هو جيستائين ڪو يار، دوست، واقفڪار، اڃا به چئجي ته مهمانُ اوطاق تي نه ايندو هو.... حال احوالَ پوءِ ورتا ويندا هئا، پهريائين مهمان جي خدمت چاڪري ڪئي ويندي هئي. سندس هٿ ڌوئرايا ويندا هئا ۽ جيڪو ڪجھ پڪو هوندو هو، آندو ويندو هو ۽ ماني کائڻ کان پوءِ ئي ميزبانُ سُڪون محسوس ڪندو هو. هُو مهمانن جي اچڻ تي ڏاڍو خوش ٿيندو هو ۽ ان کي نيڪ شُگون سمجھندو هو.... مهمان جي کاڌي پيتي جي حوالي سان اها چوڻي عام آهي ته مهمان پنهنجو رزق پاڻ سان گڏ آڻيندو آهي. ٻئي طرف دنيا جي مشهور مفڪر خليل جبران جو چوڻ آهي: ”جيڪڏهن مهمانَ نه هجن ته گھر قبرستان جو ڏيک ڏئي.“ سچ پچ به اهو گھر ڪيڏو نه ٻاڙو ٿي پوندو آهي، جتي مهمانَ اچڻ ڇڏي ڏيندا آهن. مهمانن جي اچڻ سان ڄڻ ته رونق گهر جي ڪُنڊ ڪُڙڇ تائين خوشبوءِ وانگر پکيڙجي ويندي آهي.... ***ماڻهوءَ ماڻهوءَ جي طبيعت ۽ مزاج ۾ فرق ٿئي ٿو. ڪو ڪيئن ته ڪو ڪيئن. جنهن جي طبيعت ۾ مٺاڻِ هوندي آهي، هرڪو پيو ان کي جيءَ ۾ جايون ڏيندو آهي ۽ چاهيندو آهي ته ان مٺي ماڻهوءَ سان جيترو وقت گڏ گذري، اوترو سٺو.... جيڪو ٿڌي طبيعت وارو هوندو آهي، ان جا دوست ۽ سڄڻ به گھڻا هوندا آهن ۽ ان کي زندگيءَ ۾ گھڻن ئي مسئلن سان به رڳو پنهنجي ٿڌائپ جي ڪري مُنهن ناهي ڏيڻو پوندو ۽ زندگيءَ کي ڪاميابيءَ سان گذاريندو آهي، پر ٻيا مزاجَ ڪيئن به هجن، خاص طور چيڙاڪ ماڻهوءَ کان هرڪو پاسو ڪندو آهي، نه هن وٽ وڃڻ چاهيندو آهي ۽ نه سندس اچڻ جي هن کي خوشي ٿيندي آهي. اهڙي ماڻهوءَ سان واقفيت به جيءَ جو جنجال بڻجي پوندي آهي ۽ جيڪڏهن اهڙي چيڙاڪ ماڻهوءَ کي سامهون ايندي ڏسبو آهي ته اهو به خيال ٿيندو آهي ته گھٽِي ئي مَٽي ڇڏجي.... پر جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ سان دل لڳي ويندي آهي ته پوءِ سڀ مزاج پاسائتا ٿي ويندا آهن. ڇا جي ٿڌائپ، ڇا جي چيڙاڪي، ڇا ٿيو جيڪڏهن اهو ماڻهو ڪاوڙيلو آهي! کيس پرچائي وٺبو ۽ ان پرچائڻ جو مزو به وٺبو! ان سان ضرور ڪچهريون ڪبيون، ڀلي ته سانجھيءَ کان اڌ رات ٿي وڃي، دل گھرندي آهي ته ڪچهري هَلندِي رهي ۽ ننڊ نيڻن جي ويجھو نه اچي. پر جيڪڏهن مُحب مٺڙو ڪَهي اچي ئي نه، ۽ مُنهنـڙو مَٽي وڃي، ته پو ڇا ڪجي. ماڻهو بيوس بڻجي ايئن ئي چوندو ته ”لاءِ ته نماڻيءَ سان نينهن، محبَ ايئن نه مُنهن مَٽجي.“ ***اسان هن دنيا ۾ ته جيئون ٿا جيڪا ڌرتيءَ تي آباد آهي، پر اسان مان هر ماڻهو پنهنجيءَ هڪ مخصوص دنيا ۾ به جيئي ٿو ۽ هر ماڻهوءَ جي دنيا جا رنگ ۽ ڍنگ به پنهنجا پنهنجا ٿين ٿا، جن مان ڪي وڻندڙ ٿا ٿين ته ڪي اڻ وڻندڙ.... اها مخصوص دنيا اسان جي ڏيهاڙي گذرندڙ دنيا آهي جنهن ۾ اسان هڪ رواجي زندگي ته ضرور گذاريون ٿا، پر ان مخصوص دنيا ۾ اسان جا لُڙڪ ۽ اسان جون مُرڪون، اسان جي پيار جون سُرڪيون پنهنجيون ئي آهن، ان ڪري ئي سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز پنهنجي هڪ خوبصورت گيت ۾ چيو آهي: سڀ ڪا مومل، سڀ ڪو راڻو ـــــ پنهنجي پنهنجي ڪاڪ سڀن کي! لُڙڪ به سڀ کي، مُرڪ به سڀ کي، سونهن پياري سُرڪ به سڀ کي، پيار به سڀ کي، پُورَ به سڀ کي، نينهن ڏنا ناسورَ به سڀ کي، هار به سڀ کي، جيتَ به سڀ کي، مٺـڙا مٺـڙا ميتَ به سڀ کي، سڀ کي ڳوڙها ۽ ڳاراڻو! پنهنجي پنهنجي ڪاڪ سڀن کي! سڀ ڪا مومل، سڀ ڪو راڻو ـــــ پنهنجي پنهنجي ڪاڪ سڀن کي! اوهان ڄاڻو ٿا ته سنڌ جي مهان شاعر ۽ نثر نويس شيخ اياز جي مڃتا ۾ سنڌ جا اديب سال 2011ع کي ”شيخ اياز سال“ ڪري ملهائي رهيا آهن، ته جيئن شيخ اياز جي فڪر ۽ فن کي عام ڪري سگھجي ۽ ان مان لاڀ حاصل ڪجي، ڇاڪاڻ ته شيخ اياز اهڙو شاعر هو جنهن گذريل ويهين صديءَ جي پورن 50 سالن کي ادبي طور متاثر ڪيو ۽ سنڌي شعر ۽ ٻئي ادب تي پنهنجا اڻ مِٽ اثر ڇڏيا آهن..... شيخ اياز جي سِرجيل شعر سنڌ جي ٽن نسلن کي متاثر ڪيو آهي ۽ اهو سلسلو اڃا هلندڙ آهي. اها سندس شعر جي خوبي آهي ته سندس نالو سنڌي شاعريءَ ۾ اهڙي امرتا ماڻي چڪو آهي جو شاهه لطيف کان پوءِ شيخ اياز جو نالو سنڌ جي شعري آسمان تي چنڊ وانگر جَرڪي رهيو آهي.... سنڌ واسين کي اياز جي شعر جو اڀياس ضرور ڪرڻ گھرجي، ڇو ته اياز کي پڙهڻ ۽ پُرجھڻ کان سواءِ سنڌي ادب جو مطالعو اڻپورو آهي. هن موقعي تي، شيخ اياز جي هڪ خوبصورت وائي پيش ڪيان ٿو: تـو کي ڪِئن سـاريان، سـڄـڻ ٿــڌي سـاهه سـان! اچـڻو آهـيـن اوچـتـو، تــو کـي ڪـئــن واريـــان! ڪـويـل وانـگـر ڪـيـتـرو، تـو لـئه پــڪاريــــان؟ اِجھــو اولهـه ۾ لـٿــو، ڪــيــســـيــن نـهــاريـــان؟ ڪائِي ڏِکّ ته ڏي ڪڏهن، هانءُ نه جئن هاريان! تـو کي ڪِئن سـاريـان، سـڄـڻ ٿــڌي سـاهه سان! ***