ڳالهه چڱي ڪجي۔۔۔

'مختلف موضوع' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏1 جولائي 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    رياضت ٻرڙو
    ڳالهه چڱي ڪجي...

    جـن کــي دَورُ دَرد جـــو، سبقُ سورَ پڙهن،
    فِـڪــرَ ڦــرهِـي هـٿَ ۾، ماٺِ مطالعو ڪَنِ،
    پنو سو پڙهن، جنهن ۾ پسنِ پرينءَ کي. (شاهه)
    اسان جي ملڪ ۾ ڪيئي ٻوليون ڳالهايون، لکيون، پڙهيون ۽ سمجھيون وڃن ٿيون، جن ۾ خاص طور سنڌي، سرائيڪي، پنجابي، بلوچي، پشتو، اردو ۽ ٻيون ٻوليون شامل آهن، جيڪي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ڳالهائجن ٿيون. انهن ٻولين مان ڪي ٻوليون لڳ ڀڳ سڄي ملڪ ۾ ڳالهايون، سمجھيون، لکيون ۽ پڙهيون وڃن ٿيون، ته ڪي وري هڪ ٻِن صوبن ۾. ڪي ٻوليون ڪِن ننڍن خِطن تائين محدود آهن، ته ڪي وري وڏن علائقن تائين. ڪن ٻولين جا وري لهجا مختلف خِطن ۾ مروج آهن، جيتوڻيڪ اهي مجموعي طور هڪ ئي ٻوليءَ جو بُڻ رکن ٿا يا هڪ ئي ٻوليءَ کي جوڙن ٿا، اهي ڄڻ هڪ ٻوليءَ جا ٻئي ٻئي رنگ وارا گُل آهن، جن جي الڳ الڳ خوشبو آهي، ۽ ٻولي انهن رنگدار گلن جو گلدستو آهي.... اهڙيءَ طرح هر ٻوليءَ جي پنهنجي پنهنجي خوشبوءِ آهي، الڳ الڳ انداز آهي، جدا جدا رنگ ۽ روپ آهي. هر ٻوليءَ جي پنهنجي پنهنجي خوبصورتي آهي، اهڙي خوبصورتي جيڪا ٻيءَ ٻوليءَ جي خوبصورتيءَ کي گھٽائي نه ٿي، پر پنهنجيءَ خوبصورتيءَ کي به مٿڀرو رکي ٿي، ته ٻيءَ ٻوليءَ جي حسن جو به انڪار نه ٿي ڪري.... ان ريت، جيتوڻيڪ سرائيڪي ڪنهن به صوبي جي ٻولي ناهي، پر ملڪ جي وڏي علائقي ۾ ۽ گھڻن ئي مختلف هنڌن تي ڳالهائي ۽ لکي پڙهي وڃي ٿي ۽ مٺي لهجي وارين ٻولين مان هڪ اهم ٻولي آهي، جنهن کي وڏي پيار ۽ پاٻوهه مان ڳالهايو ويندو آهي ۽ جنهن جي لهجي ۾ هڪ نرالي پنهنجائپ محسوس ٿيندي آهي....
    ***
    ”ڪٽنب يعني خاندان يا گھراڻي جو عالمي ڏينهن“ 15 مئي تي سڄيءَ دنيا ۾ ملهايو ويندو آهي. گھراڻو گھرَ سان واسطيدار آهي، يعني اهو هنڌ جتي شادي شده مرد ۽ عورت رهندا هجن، جنهن ڇِت ”هيٺان“ سندن اولاد رهندڙ هجي.... ڏٺو ويو آهي ته وقت سان گڏ، اسان وٽ به گھريلو زندگي گذارڻ جا معيار بدلبا رهيا آهن. اڳي، هڪ ئي وڏو ڪٽنب، ڏاڏي کان وٺي پوٽٖي تائين، ۽ جيڪي به يا جيترا به ڀائر ۽ ٻيا گھر-ڀاتي هئا، هڪ ئي گھر ۾ پنهنجائپ، خلوص، پيار، پَوِترائي، ميٺ ۽ ملنساريءَ، عزت ۽ احترام سان رهندا هئا، وڏن جي دل ۾ ننڍن لاءِ محبت ۽ شفقت هئي، ته ننڍن جي من ۾ وڏن لاءِ احترام ۽ نِوِڙت هئي.... اهي ڪي چار پل گڏ ويهي، هِتان هُتان جون ۽ گھر جون ڳالهيون ڪندا هئا، هڪ ٻئي سان ڏک سور اوريندا هئا، پر هاڻي اها ڳالهه نظر نه ٿِي اچي.... هاڻِ وڏن جي طبيعت تي ننڍن جي بي رُخيءَ جي ڪري ڏک ۽ پيڙا جا اثر پيا آهن ۽ اهي اڪيلائيءَ جو شڪار ٿيا آهن، ساڻن ڪو ويهي حال ڀائي ٿيڻ لاءِ تيار ناهي ۽ سندس عزتِ نفس مجروح ٿِي آهي.... جڏهن ته ننڍن کي وڏن جون ڳالهيون وڻن ئي ڪو نه ٿيون، اهي پنهنجي مرضي هلائڻ چاهن ٿا، جيئن وڻين ۽ جتي وڻين وقت گذارڻ گھرن ٿا، سندن هٿن ۾ ننڍڙن ڀائرن ۽ ڀينرن جي هٿڙن ۽ آڱرين بدران موبائيل پڪڙيل آهي، جنهن تي فضول چيٽِ ۾ لڳا پيا آهن.... اڳي هڪ ئي ڪمري يا ڪوٺيءَ ۾ ڪيئي ڀائر ڀينر کِل ڀوڳ سان رهندا هئا، رات جو رهاڻيون ڪندا هئا، راند روند ڪندا هئا، گڏيل پڙهائي ڪندا هئا، هڪ ٻئي کان سمجھندا ۽ هڪ ٻئي کي سمجھائيندا هئا، پر هاڻي هر هڪ تنهائي پسند ٿِي ويو آهي، هر ڪنهن کي الڳ الڳ ڪمرو ٿو گھرجي، جتي ڪيبل، ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي سهوليت هجي ۽ موبائيل ڊبل سِم واري هر وقت چارج ٿيندي رهي. ٻيا گھر-ڀاتي ڇا ٿا ڪن، ان جي مڙئي پرواهه هن کي گھٽ آهي....
    ڏسجي، ته اسان وٽ ايشيا ۾ ته اڃا ڪجھ نه ڪجھ ڪُٽنبي سرشتو هلندڙ آهي، جيتوڻيڪ اهو زوال پذير آهي ۽ ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندي، ختم ٿِي رهيو آهي، پر يورپ ۽ آمريڪا ۽ ٻين هنڌن تي اهو ڪافي حد تائين ختم ٿي چڪو آهي. ان ڪري ئي، اتي جيڪا هيڪلائي، تنهائي، ڇڙواڳي ۽ بيوسي وڌي آهي، ان اتان جي سوچيندڙ ذهنن کي ڏاڍو پريشان ڪيو آهي ۽ اهي سوچي رهيا آهن ته ڪنهن ريت ان ٽُـٽندڙ ڪٽنبي سرشتي کي بحال ڪرائجي يا گھٽ ۾ گھٽ ڪنهن اهڙيءَ سطح تائين ورائي آڻجي جتي ڪٽنب جي حوالي سان سماجي قدر بحال ٿي سگھن، ڇاڪاڻ ته ڪٽنب سان ڪيئي ثقافتي ريتون ۽ رسمون به لاڳاپيل آهن، جيڪي ڪٽنب جي ٽٽڻ سان پاڻ به ٽٽن ٿيون. مثال طور ڪٽنب جي ڀڄِي ڀور ٿيڻ سان هڪَ يونٽَ يعني ايڪي جو خاتمو ٿئي ٿو. يونٽُ ان معنى ۾ ته ڪجھ ماڻهو گڏجي گھر ٺاهن ٿا، ڪجھ گھر گڏجي پاڙو جوڙن ٿا، ڪجھ پاڙا مِڙي ڳوٺ يا شهر جو بنياد ثابت ٿين ٿا، ڪجھ شهر ۽ ڳوٺ ضلعي، ڊويزن ۽ صوبي يا رياست جا بنياد ميسر ڪري ٿا ڏين، ۽ ڪجھ صوبا يا رياستون وري ملڪن جي جوڙجڪ ڪن ٿا. ان ريت دائرو وڌندو وڃي ٿو.... هاڻ جيڪڏهن گھر ٽٽندو، ڪجھ گھر-ڀاتين ۾ عليحدگي ٿيندي، ته گھر-ڀاتين جي ويجھڙائي ضرور متاثر ٿيندي، ۽ ماڻهو ذهني طور نوَن روين ۽ رجحانن سان رهڻ لڳندو، جنهن جا لازمي اثر پاڙي تي پوندا ۽ اهو سلسلو وڌي ملڪ تائين پهچندو ۽ ملڪ جي ثقافتي قدرن، روين ۽ رجحانن کي هڪدم ته متاثر نه ڪندو، پر ٿوري وقت گذرڻ کان پوءِ ان جا اهي اثر ظاهر ٿيندا، جيڪي ماڻهپي جي بنيادي ۽ اٽل قدرن کي ڌوڏيندڙ هوندا.... ان ڪري ئي ”ڪٽنب يعني خاندان يا گھراڻي جو عالمي ڏينهن“ ملهايو پيو وڃي ۽ ان بابت پروگرام منعقد ٿين پيا ته جيئن ڪٽنبي سرشتي کي بچائي ۽ وڌائي سگھجي ۽ ماڻهوءَ جي ذهني روين ۽ لاڙن کي سٺيءَ واٽ تي وڌائي سگھجي، هڪ ماڻهو، ٻئي ماڻهوءَ جي ويجھو ٿئي، ان کان پرانهون نه بڻجي....
    ***
    اونهاري جو جھولا ۽ تتل ڏينهن سولا وڃڻا ناهن هوندا، خاص طور جڏهن ته انهن جي اڃا آمد ٿي هجي. چاليهو هلي رهيو هجي، ۽ سج ساڙيندو هجي.... هن موقعي تي، منهنجي دل چوي ٿي ته انهن کَل ساڙيندڙ لُڪَن، باهه جي اُلن، ڏڪارن جي انديشن ۽ پوءِ وري سانوڻ جي مينهنِ ۽ گل گلزارين جي حوالي سان سنڌ جي جيڪا عڪاسي سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز ڪئي آهي، سا اوهان اڳيان پيش ڪيان، جنهن ۾ حرف حرف حقيقت سان سلهاڙيو پيو آهي....
    شيخ اياز چوي ٿو:
    جِت لُڪ لڳي، جت اَڪ تَپن،
    سو ديس مسافر، منهنجو ڙي!
    جت سجّ ڦُلا ٿِي نڪري ٿو،
    ۽ آگ اُلا ٿي نڪري ٿو،
    جت ڏينهن ڪڙهائيءَ جيئن ڪَڙهن،
    سو ديس مسافر، منهنجو ڙي!
    جت ڪارِي اُسّ ڪنواٽن تي،
    ۽ ويڙهيچن جي واٽن تي،
    ٿا واريءَ جا وسڪارَ ٿِين،
    سو ديس مسافر، منهنجو ڙي!
    جت ڪيئي صدين سالن کان،
    پولارن کان، پاتالن کان،
    ٿا ڏُرت اچن، ڏهڪاوَ پون،
    سو ديس مسافر، منهنجو ڙي!
    ڪو ساوڻ نيٺ ته وَسڻو آ،
    ۽ گاهُه گسَن تي گسڻ آ،
    جت نيٺ ڪڏهن ولهار وَسن،
    سو ديس مسافر، منهنجو ڙي!
    آ آسَ اِها هڪوار وَسن،
    ۽ جَر ٿَر ويروتار وسن،
    ۽ بادل برسي بسّ نه ڪَن!
    سو ديس مسافر، منهنجو ڙي!
    ***
    هر ماڻهوءَ ۾ جيڪڏهن گھڻيون نه، ته به ڪا نه ڪا سگھ ۽ ڪا نه ڪا ڪمزوري هجي ٿي. ”سگھه“ بهتر صفت ۽ ”ڪمزوري“ ظاهر آهي ته اڻ بهتر صفت آهي. سگھ مان ماڻهو پنهنجي لاءِ يا ٻين ماڻهن لاءِ ڪو هڪُ يا وڌيڪ چڱا ڪم ڪري سگھندو آهي ۽ ڪمزوري اهڙي چڱي ڪم کان روڪيندي آهي.... هڪڙي سگھ يا ڪمزوري جسماني ٿئي ٿي ۽ ٻِي روحاني يا ذهني. جسماني سگھ ماڻهوءَ لاءِ ضروري آهي، ڇو ته صحتمند جسم وڌيڪ سٺيءَ طرح ڪم ڪري سگھندو آهي ۽ ڪمزور جسم اوتري قوت سان ڪم ڪرڻ کان لاچار هوندو آهي. ساڳيءَ طرح روحاني يا ذهني سگھ سان ماڻهو نه صرف اخلاقي ۽ نفسي طور مضبوط هوندو آهي ۽ ماڻهپي جي سگھ سان ڀرپور هوندو آهي، پر هو اهڙو وجود هوندو آهي جنهن کي آڏو رکي ٻيا ماڻهو سٺو ٿيڻ جي به ڪوشش ڪندا آهن، جڏهن ته روحاني يا ذهني طور ڪمزور ماڻهو نه صرف پاڻ تي، پر پنهنجي سماج ۽ نيٺ پُوري انسانيت تي به بوجھ مثل هوندو آهي ۽ ٻيا ماڻهو ان کان بيزار هوندا آهن ۽ کانئس پري رهڻ چاهيندا آهن. اهو ماڻهو ڪهڙي به وقت پاڻ لاءِ ۽ ٻين لاءِ نقصانڪار ٿي سگھندو آهي.... پر اها سگھ يا ڪمزوري ماڻهوءَ جي پنهنجي وجود سان واسطو رکي ٿي، جڏهن ته هڪڙن ماڻهن جي سگھ يا ڪمزوري ڪو ٻيو ماڻهو به هوندو آهي، جيڪو کيس ڏاڍو پيارو هوندو آهي. ان سان اهي ٻئي خاصيتون يا خوبيون ملي سگھن ٿيون يعني سگھ به، ته ڪمزوري به.... اهڙي سمي اهو فيصلو ڪرڻ پڻ انتهائي مشڪل هوندو آهي، ته اهو ماڻهو سگھ آهي يا ڪمزوري. ان جو فيصلو وقت ۽ حالتون ڪنديون آهن....
    ***
    خوش مزاجي هڪ ڏاڍي ڀلي عادت آهي، پر جيڪڏهن اها ڪنهن ماڻهوءَ ۾ آهي ته. خوش مزاجيءَ سان ماڻهو نه صرف اِهو، ته پاڻ سَرهو رهي ٿو، پنهنجو وقت سٺيءَ ريت، کِلندي مُنهن تي مُرڪ پکيڙيندي، تازگيءَ سان گذاري ٿو، پر ٻئي ماڻهوءَ کي به خوشي ڏئي ٿو ۽ سندس دل تي جيڪڏهن ڪو بار آهي ته ان کي هٽائي ٿو.... ها دوستو، اسان جي دنيا ۾ ڏک گھڻا آهن ۽ خوشيون بنهه ٿوريون، اهڙين حالتن ۾ خوش مزاجي انهن ڏکن کي گھٽائڻ ۾، انهن تڪليفن ۽ اهنجن تان اسان جو ڌيان هٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿِي.... خوش مزاجيءَ سان ماڻهوءَ جي من تان مُونجھ لهي ٿي ۽ انسان جو اندر هلڪو ٿي پوي ٿو. ماڻهوءَ جي دلڙِي ڪي پَل اهڙيءَ طرح ڌڙڪي ٿِي جو تازي تازي رت جسم ۾ ڊوڙڻ لڳي ٿي.... ان سان گڏوگڏ خوش مزاجي اکڙين ۾ جيڪي اميد جا ۽ موج مستيءَ جا خواب اُڻي ٿي تن جِي ڀيٽ ڪنهن به ڏاڍي وڻندڙ ساڀيان سان نه ٿي ڪري سگھجي، ڇاڪاڻ ته خواب جي سونهن کي ڀلي ته ساڀيان جو روپ نه ملي، پر اها اهڙي خوشيءَ جو احساس ضرور من ۾ جاڳائي ٿي جيڪا ڏکِي زندگيءَ کي جيئڻ ڪاڻ سولو بڻائي ڇڏي ٿي.
    جيڪڏهن ماڻهو خوش مزاج آهي، سندس ڳالهائڻ ۾ مزو ۽ ميٺاجُ آهي، ته هر ڪو پيو چاهيندو ته اهڙو ماڻهو ساڻس ئي پيو ڳالهائي. چوندا آهن، ته جيڪڏهن ماڻهوءَ جي شڪل چڱي نه هجي ته ڳالهه چڱي ڪري.... اهو ان ڪري ئي چيو ٿو وڃي ته ڳالهه ۾ ئي سڀ ڪجھ آهي، صورتَ ثانوي حيثيت رکي ٿي، يا جيئن ٻين لفظن ۾ چيو ويندو آهي ته سيرت اصل شَي آهي، اها چڱي هجي، صورت ۾ ڇاهي رکيو! سيرت سدا رهندڙ شَي آهي ۽ صورت وقتي رهندڙ وَٿ. خوبصورتي زبان ۾ هجڻ گھرجي، نه ڪي مُکڙي جي جوڙجڪ ۾.... مِٺو لهجو ماڻهوءَ کي ڇانوَ ۾ ويهاريندو آهي، جڏهن ته نازن نخرن کي ڪو ڪو ئي برداشت ڪري سگھندو آهي. سياڻن ماڻهن جو چوڻ آهي ته اعلى زندگيءَ جون چار نشانيون آهن: 1. نيڪ ڪردار، 2. نيڪ نيت، 3. نيڪ گفتار، ۽ 4. نيڪ صحبت.....
    اوهان جيڪڏهن غور ڪندَو ته خوش مزاجيءَ سان ماڻهوءَ جي نيڪ ڪردار جِي عڪاسي به ٿئي ٿِي، ته نيڪ نيتيءَ جِي به. خوش مزاج ماڻهوءَ جي گفتار به نيڪ ۽ سٺِي هوندي آهي، ته کيس دوستن ۽ ٻين ماڻهن جي صحبتَ به نيڪ ملندي آهي. اهڙن خوش مزاج ماڻهن سان هر ماڻهو پَرتل هوندو آهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ننڍڙا پر تمام سٺا ليک

    اوهان جون ڳالهيون ۽ اوهان جي استعمال ڪيل زبان ۽ لفظن جي ادائگي بهترين ۽ قابل تعريف آهي۔

    لک ٿورا سهڻا ليک ونڊڻ جا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو