• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ امڙ تان صدقي صدقي!!!

يونس ملڪاڻي

سينيئر رڪن
هي ماتر ڀومي منهنجي ڌرتي، سنڌ امڙ تان صدقي صدقي
سنڌ جي گسن پنڌن رندن ور وڪڙ تان صدقي صدقي
ٻير ٻٻريون کاريون ڄاريون کپ کٻڙ تان صدقي صدقي
هي لاڙ وچولو اتر ڪاڇو ٿر جي تڙ تان صدقي صدقي
سنڌو درياءَ موجون تن جي ڪڙ ڪڙ ڪڙ تان صدقي صدقي
ڌرتي لاءِ جا دل ڌڙڪي ڌڙ ڌڙ ڌڙ تان صدقي صدقي
سنڌ امڙ تان صدقي صدقي
وانگي جاڳيا ويري پويان وٺ پڪڙ تان صدقي صدقي
چور جا پيري پير ڪڙي ٿو تنهن جي ڪڙ تان صدقي صدقي
چورن کي جو چيري ڦاڙي مڙس بگهڙ تان صدقي صدقي
سنڌ امڙ تان صدقي صدقي
سائنڻ سهڻي ٻانهي ٻائي سونهن سگهڙ تان صدقي صدقي
بوڻينڊو ۽ بينو مرليون ويندي نڙ تان صدقي صدقي
تند تنوارون راڳ ڀٽائي ڍوري بڙ تان صدقي صدقي
اجرڪ ٽوپي گج ۽ گربي پٽڪي ور تان صدقي صدقي
ڇا جو حاتم ڇا جو طائي ڄام سفڙ تان صدقي صدقي
سنڌ امڙ تان صدقي صدقي
سنڌ جون ذاتيون پاتيون ڀليون چنڊ چڍڙ تان صدقي صدقي
نصحيت واري محبت واري ٿاڦ ٿڦڙ تان صدقي صدقي
محبت واري مچ مٿان ۽ باهه ڀڀڙ تان صدقي صدقي
ڄاڻ ۽ قاصد سنهيو پانڌي تار لغڙ تان صدقي صدقي
ڪونجون ڪڙڪن، مور ڪئي جا رڃ ۾ رڙ تان صدقي صدقي
ڀڳو ٽوڙو ڪارونجهر ۽ جبل جهڙ تان صدقي صدقي
ڪونجون ڪڙڪن مور ڪئي جا رڃ ۾ رڙ تان صدقي صدقي
بادل برسيا برساتون ۽ جهم جهم جهڙ تان صدقي صدقي
سنڌ امڙ تان صدقي صدقي
سنڌ امڙ تان صدقي صدقي
شاعر: خليل احمد کوسو ( ٽنڊومحمد خان)
 
ڪونجون ڪڙڪن مور ڪئي جا رڃ ۾ رڙ تان صدقي صدقي
بادل برسيا برساتون ۽ جهم جهم جهڙ تان صدقي صدقي
سنڌ امڙ تان صدقي صدقي
سنڌ امڙ تان صدقي صدقي

خوبصورت شاعري، سنڌ سان عشق ۔۔۔۔۔۔۔ دعا آهي ته ٿر تي بادل برسن ۽ سڪار ٿئي۔

سنڌ جي ثقافت ۽ سنڌ جي سونهن واري شاعري۔
 
وانگي جاڳيا ويري پويان وٺ پڪڙ تان صدقي صدقي
چور جا پيري پير ڪڙي ٿو تنهن جي ڪڙ تان صدقي صدقي
چورن کي جو چيري ڦاڙي مڙس بگهڙ تان صدقي صدقي
سنڌ امڙ تان صدقي صدقي
منهنجي من جي چاهه وٽان، مان اهڙن سنڌ جي سگهڙن ۽ شاعرن تان صدقي صدقي۔
لک قرب توهان جا جو اهڙي ونڊ ڪئي، تنهنجي هن قرب ڀري ونڊ تان صدقي صدقي۔
ساٿ سلامت سنڌ سلامت، هن اهڙي پاٻوهه ڀري سڪ ۽ محبت واري اوطاق تان صدقي صدقي۔۔
 
صدقي صدقي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تمام خوبصورت انداز
 
يونس ملڪاڻي کي گذارش آهي ته خليل کوسو جي ٻي شاعري به انهي انداز سان هن فورم تي آڻي۔ خاص ڪري دريا بادشاهه تي ميارون ڪندڙ ن ۽ ان جي پيٽ ۾ ناجائز اڏاوتون ڪندڙن کي دريا بادشاهه جيڪا سيکت گذريل ٻن سالن ۾ ڏني انهي بابت سندس طويل نظم ”آيو هيتان کان يا هُتان کان“ ضرور اچڻ کپي۔
 
بيشڪ۔۔۔۔سائين هر جوڌو جوان پنهنجي سنڌ امڙ تان لک وار صدقي ٿيندو۔۔۔۔ ڇاڪاڻ ته سنڌ امڙ سڀني جي
””جنت”” آهي۔۔۔۔قربان اهڙي امڙ تان جنهن ڌارين جون تڪليفون سهي ڪري به اسان کي پنهنجي سيني
سان لائي ويٺي آهي۔۔۔۔۔سائين تمام سُٺو ونڊ آهي ۔۔۔۔ مهربانيون۔۔۔۔
 
وانگي جاڳيا ويري پويان وٺ پڪڙ تان صدقي صدقي
چور جا پيري پير ڪڙي ٿو تنهن جي ڪڙ تان صدقي صدقي
چورن کي جو چيري ڦاڙي مڙس بگهڙ تان صدقي صدقي
سنڌ امڙ تان صدقي صدقي
منهنجي من جي چاهه وٽان، مان اهڙن سنڌ جي سگهڙن ۽ شاعرن تان صدقي صدقي۔
لک قرب توهان جا جو اهڙي ونڊ ڪئي، تنهنجي هن قرب ڀري ونڊ تان صدقي صدقي۔
ساٿ سلامت سنڌ سلامت، هن اهڙي پاٻوهه ڀري سڪ ۽ محبت واري اوطاق تان صدقي صدقي۔۔
وا سائين واه
 
Back
Top