راڄ

'مختلف موضوع' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏2 جولائي 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
    مضمون​
    راڄ
    تون منهنجو پٽ، آءٌ تنهنجو بابا، هوءَ تنهنجي امڙ ۽ هيءَ تنهنجي ڀيڻ آهي. اسين سڀ هڪ ئي گھر جا ڀاتي آهيون. اسان سڀني کي سڏبو ـــــــــــ آڪهه. آءٌ وري پنهنجي بابا جو آڪهه جو ڀاتي به آهيان. تنهنجي امڙ وري تنهنجي نانا جي آڪهه جي ڀاتڻ به آهي. چاچا ۽ ماما جن جون به پنهنجون پنهنجون آڪهيون آهن. اهي سڀ آڪهيون گڏجي سڏبو ڪَهول. اسان جي به گھر جي سامهون، پٺيان، کاٻي ۽ ساڄي کوڙ گھر آهن. انهن گھرن ۾ ٻيون ٻيون آڪهيون يا ڪهول رهندا آهن. حَسن کان اسين پٽاٽا، ٽماٽا، واڱڻ، پالڪ، ساوا ڌاڻا ۽ مرچ، لاهوري گجرون، لوڻڪ، گوگڙو ۽ ٻيون ڀاڄيون وٺندا آهيون. ڇيلي جو گوشت خُدن کان ۽ ڪُونهَٽ جو گوشت قادَن کان وٺندا آهيون ۽ مڇي وري موچاري کان وٺندا آهيون. سڪندر کان ڪڻڪ، اٽو، چانور ۽ ٻيو اناج خريد ڪندا آهيون. فَتن کان ڪپهه، واڻ، لوڻ، مرچ، کنڊ، گِھ، چانهه ۽ ٻيا وڙ وٺندا آهيون ۽ رَسولي پاساري کان ننڍا ڦوٽا، وڏا ڦوٽا، ڦُودنو، جِيرو، مٺي ڪاٺي، وڏڦ، ڪمال پَٽ ۽ ٻيا گرام مصالحا وٺندا آهيون. صابُو ڪنڀر کان دِلو، گُھگھي، وِهڙو ۽ ٻيا ٺڪر جا ٿانوَ وٺندا آهيون. ڪڏهن ڪڏهن واڌل جي هوٽل تي چانهه پيئندا آهيون، ڊاڪٽر اشرف کان دوا وٺندا آهيون، سوناري کان اميءَ جي مُنڊي ٺهرائي هئي، مَڏيءَ تان ڪاٺيون وٺندا آهيون. آءٌ ڪمائي ايندو آهيان، امي ماني ٻوڙ پچائيندي آهي، ۽ پوءِ گڏجي ويهي کائيندا آهيون. تو ته ڏٺو آهي ته بَزار ۾ کوڙ هڪجهڙا ۽ کوڙ ٻيا ٻيا هَٽ هوندا آهن، ڪنهن تي ڪهڙيون وٿون، ته ڪنهن تي ڪهڙا وکر. جڏهن اسين ڪا به شَي وٺندا آهيون تڏهن ان شي جو ملهه هٽ واري کي ڏيندا آهيون. اسين پيسا ڏيون ٿا ۽ شي خريد ڪيون ٿا، هٽ وارو شي وڪڻي ٿو. ڏي وٺ، ڏيتي ليتي. ان کي چئبو آهي ڏيتي ليتي. هٽ وارن کان اسين جيڪا وڙ وٺندا آهيون اهي سڀ هٽن وارا پاڻ ڪو نه ٺاهيندا آهن، پر اهي ٻين شهرن، ٻين ٻين ڳوٺن مان آڻبيون آهن. اناج، ڀاڄيون، چوپايو مال، مڇي، ڪاٺ، مکڻ ۽ چوپايا آڻيندا آهن. مهاڻا مڇي ماري ايندا آهن، ۽ ڪڻڪ، ساريون، جوئر، ٻاجھري، مَڪئي، ڪمند، ڪپهه، داليون، چڻا، مٽر ۽ سموريون ڀاڄيون، سمورا ميوا وري هاري پيا پيدا ڪندا آهن. ٻنيءَ ۾ فصل پوکبا آهن. واڙِي ۾ ڀاڄيون اپائبيون آهن، باغن ۾ ميون وارا وڻ رکبا آهن. پوک جو سمورو ڪم هاري ڪندا آهن. ٻني ٻارو سَنئون ڪرڻ، ڀتر ڀڃڻ، ڪَسيون ٻڌڻ، پاڻي ڏيڻ، رونبو رائي، واڍي، لاب ۽ ڍوئي، فصل جي سار سنڀال ۽ بچاءُ سڀ هاري ڪندو آهي، پر اسان وٽ هتي ابتو چڪر آهي ته کيڙ پوکي سڀ هاري ڪري، پر زميندار گھر ويهي کانئس اُپت جو وڏو اڌ وٺيو وڃي ۽ لئه سان ڀِڀُ ڀريو ويٺو ٻٽاڪون هڻي، باقي جيڪو ڪجھ هاري ڪمائي تنهن جو به ڳچ ته دوا درمل، ستي ڦَڪي، لٽي ڪپڙي، هر، گھوٻي، ڪِيڻ ڪوڏر ۽ ٻي سامان تي خرچ ٿيو وڃي. سمورن ماڻهن جو پيٽ ڀرڻ لاءِ گھڻي کان گھڻو ڪم هاري ڪري پر پاڻ ويچارو گھڻي قدر اُڀري اڻڀي مانيءَ ڀاڄيءَ تي گذاري. ڪيترن ئي شهرن ۾ وري ڏاڍا وڏا ڪارخانا ٿيندا آهن جن ۾ ڪيترن ئي قسمن جو سامان ٺهندو آهي: بجليءَ جو سامان، ريڊيا، ٽيپون، لٽا ڪپڙا، جِست، فولاد، ٽامي، ڪنجھي ۽ شيشي جا ٿانو، پائوڊر، صابڻ، آئينا، ڦڻيون، سائيڪلون، موٽرون، ڪارون، بسون، ٽرڪون، ٽريڪٽر، ريل گاڏي ۽ هوا جهاز، قلف ڪڙا ۽ ٻيو ڪيترو ئي سيڌو سامان ڪارخانن ۾ ٺهندو آهي. ڪارخانا ۽ ڪارخانن ۾ سمورو سامان جيڪي ماڻهو ٺاهيندا آهن، انهن کي چئبو آهي، پورهيت يا مزدور. پر اسان وٽ اهو به ابتو چڪر آهي ته جيڪي ماڻهو ڪارخانا ٺاهن، ڪارخانا هلائن ۽ سامان جوڙن، اهي ڪارخانن جا مالڪ نه آهن. ڪارخاني جو مالڪ اهو هوندو آهي جنهن ڪهڙي به طريقي سان پيسو ڏوڪڙ يا ناڻو هٿ ڪيو هجي ۽ ان ناڻي وسيلي ڪارخاني جي مشين خريد ڪري، مزدورن کي اُجوري تي رکي. مزدور ته غريب ماڻهو هوندا آهن، انهن وٽ پيسو ڏوڪڙ هوندو ڪونهي، وٽن ڪم ڪرڻ وارا ٻه هٿ ۽ پورهيي ڪرڻ جي سگھ آهي. ڪارخاني جو مالڪ ٿورن پيسن تي انهن جي پورهيي جي سگھ خريد ڪندو آهي. مزدورن کان ڪم گھڻو وٺندو آهي ۽ اجورو گھٽ ڏيندو آهي، جنهنڪري مزدور جو گذر سفر ڏاڍو ڏکيو ٿيندو آهي. گھڻو ڪم وٺڻ سبب ڪارخاني ۾ شيون به گھڻيون ٺهنديون آهن، جن کي مهانگي ملهه وڪڻي ڪارخاني جو مالڪ يعني سيٺ يا سرمائيدار گھڻو گھڻو ”نفعو“ ڪمائيندو آهي. مزدور رڳو ڪارخانن ۾ ئي ڪم نه ڪندا آهن پر جايون جوڙڻ وارا به مزدور هوندا آهن، روڊن ٺاهڻ وارا به مزدور هوندا آهن. ٺڪر جا ٿانو ٺاهڻ وارا (ڪنڀر)، ميزون؛ ڪُرسيون؛ کَٽون ۽ ڪاٺ جو ٻيو سامان ٺاهڻ وارا (واڍا)، جُوتا چَتيون ٺاهڻ وارا (موچي)، پَن جون ٻِيڻيون ٻڌندڙ، ٽرڪن، بَسن، پِڪ اَپن، ريلن ۽ جهازن تي بار ڍوئيندڙ سڀ مزدور هوندا آهن. تو کي مون برف ٺهڻ جو ڪارخانو ڏيکاريو هو، ان ۾ به مزدور ڪم ڪن پيا ۽ اَنُ ڇڙهڻ ۽ پيهڻ جو ڪارخانو به ڏيکايو هو، ان ۾ مزدورن پئي ڪم ڪيو. سڄيءَ دنيا ۾ سيٺيون ۽ سرمائيدار، زميندار ۽ جاگيردار نه هجن، ته ڪو فرق نه پوندو، پر جيڪڏهن مزدور ۽ هاري نه هجن، ته هوندو ڪو به ماڻهو جيئرو نه بچي يا برپٽن، ٻيلن ۽ روهَن ۾ رلي وڃي، پر اسان وٽ هلي ٿو اونڌو چرخو ۽ ڌرتيءَ جا ڇٽيهه لکڻا، انهن کاٽو پُٽن کان وڌيڪ ڏکن واري حياتي گذارن ٿا. هاڻي تون سمجھي ويو هوندين ته اسين جيڪي به وڙ، وکر ۽ وٿون شهر مان خريد ڪندا آهيون، اهي سوين ڳوٺن ۽ شهرن کان اينديون آهن ۽ انهن کي ٺاهڻ/اپائڻ وارا به لکين ماڻهو ٿيندا آهن. انهن سڀني ڳوٺن، شهرن ۽ ماڻهن جو هڪ ٻي سان واسطو آهي. ڪو سامان ڪٿان ٿو اچي ته ڪو ڪٿان. سامان، شيون وٺڻ ڏيڻ لاءِ اهي هڪ ٻي سان ڳالهائيندا. اهي جيڪڏهن پورهيو ڪڙمت ڪرڻ، هڪ ٻئي سان ڏيتي ليتي ڪرڻ، هڪ ٻئي جي گھرجن جو سامان ٺاهڻ ۽ ڍوئي پهچائڻ ڇڏي ڏين ته جيڪر اسين ڏاڍا ڏکيا ٿيون. پوءِ اسان وٽ نه انُ هوندو ۽ نه وري ڀاڄي هوندي، گوشت مڇي به ملي نه سگھندا، جايون جڳهون، روڊ رستا، باغ باغيچا، اسڪول ڪاليج، لٽا ڪپڙا، جيڪو به سامان اسان وٽ آهي، اهو سڀ ڪو نه هوندو. بک ته سڀني ماڻهن کي ستائيندي آهي، اَجھو به هر هڪ کي گھرجي ٿو ۽ اڄ ڪلهه لٽي ڪپڙي کان سواءِ گھمي ڦري به ڪونه سگھنداسون. جيئري رهڻ لاءِ هر ماڻهوءَ جي پهرين گھرج آهي ته کيس کاڌو پيتو، ماني ۽ اجھو هجي، ته جيئن پنهنجو پاڻ کي بچائي سگھي. پهريائين پهريائين اهي گھرجون پُوريون ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي پورهيو ڪرڻو پيو. پورهيو ڪرڻ ۽ هڪ ٻي جي پورهيي جي ڏيتي ليتي، مٽا سٽا، سبب سمورا ماڻهو اهڙن ناتن ۾ ڳنڍجي ويا جيڪي آڪَهِه، ڪَهول يا مٽِي مائٽيءَ وارا نه هئا. اهي ناتا پورهيو ڪرڻ، اپائڻ سبب پيدا ٿيا هئا تنهنڪري انهن کي پيداوارِي ناتا چئجي ٿو. راڄ ماڻهن جي اهڙي ميڙ کي چئبو آهي جيڪي هڪ ٻئي سان پيداواري ناتن سبب ڳنڍيل هجن. اسين جنهن راڄ ۾ رهون ٿا، تنهن کي ”سنڌي“ راڄ چئجي ٿو، ڇو ته اسين ”سنڌ ديس“ ۾ رهون ٿا ۽ هڪ ٻي سان ڳالهائيندي ٻولائيندي، ڏيتي ليتي ۽ اُٿاويٺي ڪندي پنهنجون گھرجون، سَڌون ۽ سوچون، ٻوليءَ ۾ ظاهر ڪري سگھون ٿا. اسان کان اتر پاسي ڏي پنجابي راڄ آهي ۽ اولهه پاسي ڏي بلوچ راڄ آهي، ايئن سڄي ڌرتيءَ تي سوين راڄ موجود آهن. ***
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اهو لفظ به معاشري ، رشتن ۽ تعلقاتن تي مبني آهي، راڄ جا ڪيئي قسم آهن۔ هڪڙا سنڌي ماڻهن جو راڄ چون ته وري هڪڙا ذات پات کي راڄ سڏين۔ بس معاشري جي ريتن ۽ رسمن سان گڏ روايتن جي پاسداري ڪري رهيا آهيون۔

    سهڻو ليک
     
  3. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    تمام سهڻو ليک
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    آرٽس جي شعبي عمرانيات جي شاخ اينٿراپولوجي سان تعلق رکندڙ هي ليک هڪ بهترين رواني سان لکيل آهي هن جي ڪردارن جا نالا کڻي ٻيا هوندا پر سنڌي راڄ ڀاڳ ۾ اهي ڪردار اوهان کي پنهنجي آس پاس ضرور نظر ايندا۔ جيئن مٿي چونڊ کنيل سٽن ۾ مون پنهنجي ڳوٺ جا نالا وجهي پڙهڻ شروع ڪيو ته لڳو ڄڻ پنهنجي ننڍڙي فائقه سان مخاطب هُجان۔

    الله ڏتي کان اسين پٽاٽا، ٽماٽا، واڱڻ، پالڪ، ساوا ڌاڻا ۽ مرچ، لاهوري گجرون، لوڻڪ، گوگڙو ۽ ٻيون ڀاڄيون وٺندا آهيون. ڇيلي جو گوشت حسن ڪاسائي کان ۽ ڪُونهَٽ جو گوشت اميد علي کان وٺندا آهيون ۽ مڇي وري ايوب ملاح کان وٺندا آهيون. مِٺو کان ڪڻڪ، اٽو، چانور ۽ ٻيو اناج خريد ڪندا آهيون. غلام نبي کان ڪپهه، واڻ، لوڻ، مرچ، کنڊ، گِھ، چانهه ۽ ٻيا وڙ وٺندا آهيون ۽ نور علي پاساري کان ننڍا ڦوٽا، وڏا ڦوٽا، ڦُودنو، جِيرو، مٺي ڪاٺي، وڏڦ، ڪمال پَٽ ۽ ٻيا گرام مصالحا وٺندا آهيون. وِڪيو ڪنڀر کان دِلو، گُھگھي، وِهڙو ۽ ٻيا ٺڪر جا ٿانوَ وٺندا آهيون. ڪڏهن ڪڏهن هوت خان جي هوٽل تي چانهه پيئندا آهيون، ڊاڪٽر عرفان اشرف کان دوا وٺندا آهيون، اشرف سوناري کان اميءَ جي مُنڊي ٺهرائي هئي، مَڏيءَ تان ڪاٺيون وٺندا آهيون. آءٌ ڪمائي ايندو آهيان، امي ماني ٻوڙ پچائيندي آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو