ڊاڪٽر محبت ٻرڙو حياتي ڪهڙن ڪمن ۾ گذريو وڃي؟ حياتي ته وڃي پئي گذرندي، پر ڪهڙن ڪمن ۾؟ ڪنهن نه ڪنهن جانور جھڙي پئي گذري يا ماڻهوءَ جھڙي هجڻ گھرجي، ان جھڙي ماڻهپي ڀري؟ ڄاڻ، کوجنا، پرک، هنر، فن، ادب، واپار، انتظام، جنگ، نوڪري، وڪالت، مطلب ته ڪهڙو به ڌنڌو هجي، زندگيءَ جي ڪهڙي به شعبي سان واسطو هجي، ايتري قدر جو ڌاڙي، دهشتگرديءَ، ٺڳيءَ، بدمعاشيءَ، سازش ۽ غداريءَ لاءِ به ماڻهوءَ کي نور نچوئي به ڪم ڪرڻو پوي ٿو. پر ڇا اسان ڪڏهن سچ پچ سنجيدگيءَ سان سوچيو آهي ته اسان مان هر هڪ جو هر منٽ، هر ڪلاڪ ۽ هر ڏينهن ـــــــــ مجموعي طور سڄي حياتي ـــــــــ ڪهڙن ڪمن ۾ گذريو وڃي؟ ڇا اسان مان هر هڪَ بلڪل ايمانداريءَ سان پنهنجو جائزو ورتو آهي ته هُو ڪهڙا چڱا ڪم ڪري ٿو ۽ ڪيترو وقت ڪري ٿو، ڪهڙا ڪِنا ڪم ڪري ٿو ۽ ڪيترو وقت ڪري ٿو ۽ ڪهڙا اهي ڪم ڪري ٿو، جن کي چڱي يا ڪِني بدران اجايا ۽ بيڪار سڏڻ بهتر ٿيندو ۽ انهن تي ڪيترو وقت وڃائي ٿو؟ ڇا اسان ڪڏهن اهڙي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته چڱو، ڪِنو ۽ اجايو ڪم ڇا کي چئجي ۽ ڇو چئجي؟ ۽ جيڪڏهن اسان اهو ڄاڻي ورتو آهي ته هيءُ يا هُو چڱو، ڪِنو يا اجايو ڪم آهي، ته پوءِ اسان پاڻ شعوري طرح ڇا اهو جتن ڪيو آهي ته چڱو ڪم ڪجي، ڪِني ڪم کي ڌڪارجي ۽ اجائي ڪم مان جند ڇڏائجي؟ يا اسان ايئن پئي ڪيو آهي، ته ڪنهن نه ڪنهن مجبوريءَ جي آڙ وٺي يا ان جي بهاني، چڱي ڪم کان پئي لنوايو آهي، ڪِنو ڪم پئي ڪيو آهي ۽ اجائي ڪم مان جند ڇڏائڻ جو ڪو به جتن نه ڪيو آهي؟ ڪنهن به چڱي، ڪِني يا اجائي ڪم جي پرک لاءِ ڪَسوٽي ڪهڙي هجڻ گھرجي؟ ڪنهن به چڱي، ڪِني يا اجائي ڪم جي سطح ڇا هجي؟ اسان مان هر هڪ جيڪو به ڪم ڪري ٿو، جھڙو به هجي، ان جي لاءِ ڪي نه ڪي عذر، بهانا ۽ دليل ڳولي هٿ ڪري ٿو ۽ پنهنجي ڪم کي جائز چوي يا چئي نه سگھي، ته سمجھي ضرور ٿو. مثال طور: هڪ چور پنهنجي ڪم کي عام طور غلط ۽ خراب سڏي ٿو، خراب سڏڻ باوجود اهو ڪم ڪندو رهڻ جو مطلب ڇا سمجھجي؟ هڪ ڊاڪٽر ڏيڍ سَو رپيا في وٺي چوندو هو ته ادا اسين ته وڏا ڦورو آهيون، پر هاڻي چار سَو رپيا في وٺي ٿو ۽ پاڻ کي ساڳيو ئي ڦورو سڏي ٿو. هڪ وڪيل چيو پئي ته ”ادا، وڪيل جي قيمت ڇا، ٽَڪي ۾ ٽي ملي ويندا.“ اهي لفظ تڏهن چيائين جڏهن وڪالت، زنا ۽ نشو ڇڏي عوام جي ڀلائيءَ ۽ ڇوٽڪاري لاءِ پتوڙڻ لڳو، وري جڏهن ”عوام“ مان بيزار ٿيو، تڏهن ساڳيا لاٽون ساڳيا چُگھ ۽ انهن جي حمايت ۾ هزارين ”دليل“ تيار! اها چوري، اها ڊاڪٽري، اها وڪالت ۽ پنهنجي ڌنڌي بابت ماڻهوءَ جي اهڙي خونخوار راءِ ۽ پوءِ به ڪم، طريقو ساڳيو! ماڻهو جيڪڏهن ڪنهن شَي کي سچ پچ برو سمجھي ٿو ته ان کي ڇڏڻ يا ان ۾ برائي گھٽائڻ جي ڪوشش ڇو نه ٿو ڪري؟ هن سوال جو آخري جواب هي ٿيندو ته ماڻهو رڳو ڄاڻائڻ لاءِ، سرخرو ٿيڻ لاءِ برائيءَ جو اقرار ڪن ٿا، جڏهن ته حقيقت ۾ اهي ان کي خراب سمجھن ئي نه ٿا. زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ماڻهو جنهن به سطح تي ڪم ڪري ٿو، ان کي اَٺ ئي پهر جاچيو. هن جون سوچون، هن جون ڳالهيون ۽ هن جا ڪم چڱيءَ طرح ڇنڊيو ڇاڻيو. توهان چٽيءَ طرح ڏسي وٺندا ته سندس ڪم اَجايا ۽ ڪِنا وڌيڪ هوندا. جنهن شَي کي عزت ڏبي، معاشري ۾ اها شَي ئي وڌندي. سچ ۽ علم کي مانُ ڏبو ته سچ ۽ علم وڌندو ۽ جي ڪوڙ، جهالت ۽ دولت کي مٿاهون ڪبو، ته ماڻهو هر طرح ان کي ئي اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. ماڻهوءَ کي ننڍپڻ کان وٺي پيريءَ تائين جن اصولن، آدرشن ۽ علمن کي اپنائڻ جي تعليم ڏني وڃي ٿي، اهي عملي زندگيءَ ۾ ايڏا ته خطرناڪ ثابت ٿين ٿا جو تعليم ڏيندڙ ۽ وٺندڙ، ٻئي، انهن تي عمل نه ٿا ڪري سگھن. ڇا اسان کي ”سچ ته بيٺو نچ، ڪُوڙ جي مُنهن ۾ ڌوڙِ، پورهيي جي عزت، ايمانداريءَ جو سُٺو سِلو، ٻئي جي ڪم اچڻ، هڪ ٻئي جي مدد، ملنساري“ وغيره جھڙا موضوع نه ٿا پاڙهيا وڃن؟ مون کي ڪجھ ڪجھ خبر آهي ته ڪُوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ وجھڻ سان گڏ ”ڪُوڙي“ جي منهن ۾ ڌوڙ ڇو نه ٿِي وڌي وڃي ۽ پورهيي جي عزت ڪرڻ سان گڏ پورهيت جي عزت ڇو نه آهي، پر ڇا عملي زندگيءَ ۾ سچ پچ ايئن آهي ته ڪُوڙ (يا ڪُوڙي) جي منهن ۾ ڌوڙ ۽ سچ، پورهيي (سچار ۽ پورهيت) کي عزت ملِي؟ جي وڏاڪُوڙا،وڏا بي ايمان، وڏا ٺڳ، وڏا لوڀي، وڏا ڏوهاري، وڏا دهشتگرد، وڏا... (مطلب ته هر قسم جا گندا ماڻهو) ...آهن، اهي ته مُلڪن، راڄن، قومن، زمينن، ڪارخانن، نوڪرين، واپارن... ڇا ڇا ڳڻائجي، دنيا جا مالڪ آهن! ۽ جيڪي وڏا سچار، وڏا ايماندار، وڏا... (مطلب ته هر قسم جا سُٺا ماڻهو) ...آهن، اهي اڪثر سُوريءَ تي لٽڪندي ۽ گھاڻن ۾ پيڙجندي ڏيکاربا يا وري گمناميءَ ۽ ڌڪار جو شڪار ٿي چَپ سبيل، آڱريون ڀڳل، ڪنڌ هيٺ ۽ سماجي طرح پوئتي اڇلايل نظر ايندا. ايئن ڇو آهي؟ حياتيءَ جي اعلى اصولن ۽ آدرشن جي عملي طرح بي عزتي ڇو ٿي ڪئي وڃي ۽ انهن تي هلندڙن کي ڇو ٿو ايذايو وڃي، جڏهن ته بدتر ڳالهين، حرڪتن، سوچن ۽ ڪمن کي عملي طرح عزت ڇو ٿي ملي ۽ انهن تي هلڻ لاءِ همتايو ڇو ٿو وڃي؟ ايئن ڇو آهي؟ جن ڪمن کي خراب سڏيو وڃي ٿو، عملي زندگيءَ ۾ اهي ايڏا ته ڪارائتا آهن جو بظاهر اهي اختيار ڪرڻ کان انڪار ڪندي يا خراب چوندي به انهن تي ئي هلڻو پوي ٿو! سچائي،نيڪي،فضيلت،ايمانداري، پورهيو، امن، انصاف، برابر، ڀائيچارو، پيار، پنهنجائپ، وطن دوستي، نماڻائي، نهٺائي، مروت، مهمان نوازي، علم، اڪابري، انسان دوستي ۽ اهڙا ٻيا سوين گڻ آهن جن کي سڀ ماڻهو (سندن نيت ڪهڙي به هجي) سٺو چون ٿا. اهي سجايا ڪم آهن. ڪُوڙ، برائي، نڪمائي، بد امني، بي انصافي، اڻ برابري، دشمني، نفرت، ڪدورت، جهالت، جنگ، ڪاهه، اڳرائي، انسان دشمني، غدارپ، ٺڳي، لوڀ ۽ اهڙا ٻيا سوين ڪم آهن جن کي سڀ ماڻهو (سندن نيت ڪهڙي به هجي) بڇڙو سمجھن ٿا. اهي ڪِنا ڪم آهن. ساڙ، وهم، سونسو، اٻهرائي، انڌي عقيدي پرستي، ڪٽرپڻو، ڪُپت، ڪِينو، ساٽ سٽڻ، وقت وڃائڻ، گھڻو کائڻ، لَٻاڙ هڻڻ، نشو ڪرڻ ۽ اهڙا ٻيا سوين ڪم آهن، جن کي سڀ ماڻهو (سندن نيت ڪهڙي به هجي) بيڪار سمجھن ٿا. اهي اجايا ڪم آهن. ايئن هوندي به، ايئن سمجھندي به ۽ ايئن چوندي به، هر ماڻهوءَ جي حياتيءَ جو وڏو حصو ڪهڙن ڪمن ۾ گذري وڃي ٿو؟ في الحال رڳو پنهنجي پنهنجي ڇنڊڇاڻ ڪجي، پنهنجي هر ڪم، سوچ ۽ ڳالهه کي جاچيو وڃي. چٽيءَ طرح پرکي وٺنداسون ته اسان جي حياتيءَ جو وڏو حصو انهن ڪمن ۾ مصروف گذري ٿو جيڪي ڪِنا يا اجايا آهن ۽ انهن ڪمن ۾ ڳڻتيون، بي اطمينانيون، خوشامديون، چاپلوسيون ۽ محروميون سندن وياج طور وڌيڪ پلئه پئجيو وڃن. اهڙي وقت ۾ اهو چوڻ، ته سٺو ٿجي، سچار ماڻهو ٿي بيهجي، برائيءَ جو مقابلو ڪجي، اجاين ڪمن ۾ وقت نه وڃائجي، سچ، ڄاڻ ۽ ڏاهپ جي روشني وڌائجي وغيره، سَو سيڪڙو خيالي ۽ هوائي ڳالهيون محسوس ٿين ٿيون. پر جي انسانيت جو مانُ مٿاهون ڪرڻو آهي ته ايئن ڪرڻو ئي پوندو. اها ڳالهه پڪ سان چئي سگھجي ٿي ته برائي ڪيڏي به مٿاهين ۽ ڇانيل نظر اچي، پر ساڳي وقت سُٺائي، سچ ۽ سڄاڻ به، بيشڪ اَٽي ۾ لوڻ برابر موجود ضرور آهن. جهالت، انڌڪار، ڏاڍ، ڪوڙ، لوڀ ۽ ٻيا اوگڻ بظاهر ڪيڏا به مضبوط هجن، پر انهن کي علم، انصاف، امن، سچ ۽ اهـڙن ٻين سُٺن گڻن آڏو اَوس جھڪڻو پوندو. شرط اهو آهي ته هر سچار ۽ عالم ماڻهو پنهنجي پوري ايمانداريءَ ۽ قوت سان ڪُوڙ ڪُپت خلاف جنگ ڪري انسانيت جو جھنڊو اوچو رکي ۽ وٽس جيڪي به صلاحيتون آهن ــــــــ ڪم ڪرڻ، پڙهڻَ، سمجھڻ، پرکڻَ، لکڻَ ۽ ڳالهائڻَ جون ـــــــــ اهي سڀ جو سڀ ڪم آڻي.
تمام بهترين ليک، مون وٽ لفظ نٿا جڙن ته ڪهڙي ريت پنهنجي را ڏيان، ڇا لکان، هن ليک ۾ گهڻو ڪجهه منجهيل انداز ۾ آهي، پر مون پارن اٻوجهن لا گهڻو ڪجهه سمجهڻ لا آهي۔
سٺو ليک، گهڻو ڪجهه منجهيل انداز ۾ لکيل آهي، پر ڪوشش ڪري گهڻو ڪجهه سمجهيم، پاڻ پنهنجو احتساب ڪرڻ دنيا جو تمام ڏکيو ڪم آهي، پر نيڪ ، سچي ۽ ايماندار ماڻهن جي پيشاني مان انهن جي سچائي ٻهڪندي نظر ايندي آهي، ۽ ڪوڙي، دوکيباز، بد نيت انسان جو ٻوٿ پري کان ئي ان جي ڪرتوتن جي ڪارپ ظاهر ڪري وجهندو آهي، اهو آهي الله جو انصاف آهي، توهان پنهنجي چوگرد انهي ڳالهه کي آزمائي ڏسو۔
سائين رياضت ٻرڙو صاحب۔۔۔۔ڏٺو وڃي ته حياتي ڪجهه گھڙين لاءِ اسان جي لاءِ هڪ تحفو آهي هاڻ اهو اسان تي ٿو منحصر ٿئي ته اسين هن تحفي جي بدلي ۾ ڇا ٿا ڏيون ۽ ڇا ٿا واپرايون...... ادا سائين اسين سبق ته گھڻو ٿا ڏيون ۽ وٺون پر اصل ڳالهه ته عمل جي آهي پوءِ ڇو نه کڻي هن ۾ وڏو طبقو هجي يا وِچولو، اهي سڀ ڳالهيون جيڪي اوهين بيان ڪري چُڪا آهيواهي سڀ اڌوريون رهجي ٿيون وڃن. الله پاڪ شال اسان سڀني کي سمجهڻ ۽ عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي....آمين.... ثم آمين... توهان جي هن بهترين تحرير اسان کي ڪافي متاثر ڪيو آهي..... قُرب توهان جا ڀاءُ....
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو جو لکيل ليک ۽ محبت ٻرڙو اڪيڊمي جي روح روان ۽ ڀلوڙ ليکڪ ۽ شاعر سائين رياضت ٻرڙو جا قرب آهن جنهن ذريعي اسان لاء هي سٺو ليک مليو هي هڪ بهترين ليک آهي۔ اچو ته زندگيء جي مثبت ڳالهين کي وڌايون ۽ مثبت عملن جي تعريف ڪرڻ سان گڏ سٺن ماڻهن جي سٺن عملن کي پروموٽ ڪيون۔
سڀني دوستن جا وڏا قرب۔ عرض ته هي ننڍڙو ليکُ منهنجي ڀا ڊاڪٽر محبت جو لکيل آهي۔ مون صرف ڪمپوز ڪري اپلوڊ ڪيو آهي ته جيئن سنڌ واسين تائين پهچي۔ هي ليک بنيادي طور اسان کي اهو سوچڻ تي مجبور ٿو ڪري ته وقت ڪيئن نه گذرندو ٿو وڃي ۽ اسان جي زندگي، جيڪا انتهائي قيمتي آهي، ان کي ڪيئن ان گذرندڙ وقت ۾ بهتر کان بهتر طرح گذاري سگهون ٿا، ته جيئن سڀني ماڻهن جي زندگي ۾ بهتري ۽ چڱائي ٿئي۔