• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت ٽيگنگ سسٽم

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
فيس بوڪ جي هڪ وڌيڪ آپشن وانگر سنڌ سلامت تي پڻ ڪنهن به رڪن کي ڪنهن به موضوع يا تحرير ۾ ٽيگ ڪري سگهبو۔۔ ان لاءِ ڪنهن به رڪن جي نالي لکڻ کان اڳ انگريزي سنيٽيڪس @ کي شامل ڪرڻ سان ان رڪن کي تحرير ۾ ٽيگ ڪري سگهبو۔۔۔ (مثال طور: @سليمان وساڻ)
هن تبديلي کي لڳائڻ کان اڳ ان ڳالهه جو به يقين ڪيو ويو آهي ته جيئن فيس بوڪ تي ڪنهن رڪن کي ٽيگ ڪرڻ وقت ان رڪن جو اڌورو نالو لکڻ سان رڪنن بابت صلاحون ڏنيون وينديون آهي۔۔۔ ته جيئن پنهنجي مطلوبا رڪن کي چونڊي سگهجي۔۔۔ هتي به بلڪل ان طرح رڪن چونڊڻ جي صلاح جو انتظام ڪيو ويو آهي۔۔۔

fumfxs.png

اهڙي طرح فيس بوڪ وانگر هاڻي سنڌ سلامت تي پڻ رڪن ٽيگ ٿيڻ جي صورت ۾ ان رڪن کي هڪ اطلاع نامون موڪليو ويندو ته توهان کي تحرير ۾ ٽيگ ڪيو ويو آهي۔۔۔ فيس بوڪ وانگر ٽيگ ٿيل رڪن جي نالي کي سندس پروفائيل سان پڻ لنڪ ڪيو ويندو۔۔۔ ان طرح سان رڪنن کي مختلف موضوعن ڏانهن توجه ڏياري سگهبي ۔۔

348o806.png

توڙي جو ائين ڪرڻ سان سنڌ سلامت تي ڪافي سلجهايون ۽ بهتريون ٿيڻ جون اميدون آهن پر رڪنن تي پڻ اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته ٻين رڪنن کي غير ضروري طور ٽيگ ڪرڻ کان پاسو ڪن۔۔۔ ۽ صرف ضرورت وقت ئي کين ٽيگ ڪن۔۔۔ وڌيڪ تفصيل لاءِ حاضر آهي وڊيو۔۔۔

دوست سليمان وساڻ کي گذارش آهي ته هن طرف توجه ڏين۔۔۔
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ذيشان رشيد

ادا اوهان وارو ٽيگ سسٽم ڪم ڪونه پيو ڪري۔ يا وري مون وٽ ڪو مسئلو آهي۔ چيڪ ڪري ٻڌايو
پيارا اهو مسئلو اسان سان به آهي۔ ذيشان شايد اهو رڳو مخصوص برائوزرس لاءِ رکيو آهي۔ فائر فاڪس تي نه ٿو هلي۔ ايڪسپلورر تي نالا شو ته ٿين ٿا پر ايڊ نه ٿا ٿين هن پيڊ تي۔
 
ذيشان رشيد

ادا اوهان وارو ٽيگ سسٽم ڪم ڪونه پيو ڪري۔ يا وري مون وٽ ڪو مسئلو آهي۔ چيڪ ڪري ٻڌايو
ادا سليمان وساڻ ۔۔۔ هن تحرير ۾ توهان مونکي ٽيگ ڪيو ته مون وٽ اطلاع نامون پهتو۔۔۔ ان جو مقصد توهان کي ايڊ ڪرڻ به اچي ويو ۽ مون کي ٽيگ به درست طريقي سان ڪري ورتو۔۔۔
هاڻي هن ئي تحرير ۾ وري مون توهان کي ٽيگ ڪيو آهي جي توهان وٽ اطلاع پهتو ته مطلب ٽيگنگ سسٽم ڪم ڪري پيو۔۔۔
باقي مسئلو ڇا ۾ آهي۔۔۔ ؟ وڌيڪ وضاحت ڪري سگهو ته ڪو حل ڪڍجي۔۔۔
 
پيارا عبدالحفيظ لغاري مون هي ٽيگنگ سسٽم گوگل ڪروم، سفاري برائوزر ۽ انٽرنيٽ ايڪسپلورر ۾ چيڪ ڪيو جتي بلڪل درست ڪم ڪري رهيو آهي۔۔۔ ها البته فائر فاڪس برائوزر ۾ @ کان پوءِ ٻه اکر ٽائيپ ڪرڻ سان رڪنن جي صلاح وري لسٽ نه کلي۔۔۔ پر جڏهن فائرفاڪس کي اپڊيٽ ڪندي ورجن 14 تي آندم ته صلاح واري لسٽ پڻ کلندي نظر آئي۔۔۔۔
دوستن کي صلاح آهي ته هن کي برائوزرس جي جديد ورجنن تي آزمائي ڏسن۔۔۔
 
ذيشان رشيد

ادا اوهان وارو ٽيگ سسٽم ڪم ڪونه پيو ڪري۔ يا وري مون وٽ ڪو مسئلو آهي۔ چيڪ ڪري ٻڌايو
ادا سليمان وساڻ ۔۔۔ هن تحرير ۾ توهان مونکي ٽيگ ڪيو ته مون وٽ اطلاع نامون پهتو۔۔۔ ان جو مقصد توهان کي ايڊ ڪرڻ به اچي ويو ۽ مون کي ٽيگ به درست طريقي سان ڪري ورتو۔۔۔
هاڻي هن ئي تحرير ۾ وري مون توهان کي ٽيگ ڪيو آهي جي توهان وٽ اطلاع پهتو ته مطلب ٽيگنگ سسٽم ڪم ڪري پيو۔۔۔
باقي مسئلو ڇا ۾ آهي۔۔۔ ؟ وڌيڪ وضاحت ڪري سگهو ته ڪو حل ڪڍجي۔۔۔

اڙي يار ذيشان رشيد مون پاڪستاني طريقي سان ٽيگ ڪيو آهي، اهي اڳيان ، پويان وارا ڪوڊ لڳائي۔
 
هاهاهاها۔۔۔ يار سليمان وساڻ ڪنهن رڪن کي نئين طريقي سان ٽيگ ڪرڻ وڌيڪ آسان آهي۔۔۔ پاڪستاني طريقي جي مقابلي ۾۔۔۔ ان جو ثبوت اهو آهي جو هن ٽيگنگ طريقي ڪار کي عرس به آسانيءَ سان سمجهي چڪو آهي۔۔ جنهن کي سمجهائڻ لاءِ مون کي زري گهٽ گنجو ٿيڻو پوندو آهي۔۔۔:D
 
اوهان دوستن کي شابس آهي جو اها نشاني ڏئي ٿا وڃو مون وٽ ته سنڌي ڪرڻ سان به نشاني نٿي اچي ته انگريزي ڪرڻ سان به، خئير ڪاپي پيسٽ ڪري ٿو ڏسان ۔۔۔ ڪم ٿئي ٿو يا نه ۔۔۔

سليمان
 
يار رشيد اوهان مون کي پيا چئو يا ٻين لفظن ۾ مون تي پئي کليؤ پر ڏٺئو نه ته سليمان ڪيئن ٽيگ ڪئي ۽ نثار صاحب ڪيئن @ جي نشاني آندي،

بهرحال اوهان جي ڳالهه 100 سيڪڙو صحيح آهي ته هي ڪم نون ۽ ايڊوانس ورجنس (برائوزرس جا) تي ٿيندو۔
 
اڙي يار ذيشان رشيد شاباس اٿئي جو اها وڊيو تيار ڪئي اٿئي۔ مان ٽيگ جو سسٽم ته سمجهي ويس پر هاڻي به نالن جي لسٽ ڪانه ظآهر ٿي پر پوء به ٽيگ ڪري وينداسين، اهو سمجهڻ ڪو راڪيٽ سائنس به ناهي پر اسان جي دوست عرس پريو جي پارت اٿئي
 
هن ٽيگنگ طريقي ڪار کي عرس به آسانيءَ سان سمجهي چڪو آهي۔۔ جنهن کي سمجهائڻ لاءِ مون کي زري گهٽ گنجو ٿيڻو پوندو آهي۔۔۔

اڙي يار ذيشان رشيد شاباس اٿئي جو اها وڊيو تيار ڪئي اٿئي۔ مان ٽيگ جو سسٽم ته سمجهي ويس پر هاڻي به نالن جي لسٽ ڪانه ظآهر ٿي پر پوء به ٽيگ ڪري وينداسين، اهو سمجهڻ ڪو راڪيٽ سائنس به ناهي پر اسان جي دوست عرس پريو جي پارت اٿئي

بس ادا سليمان ڳالهه ته سمجهه ۾ اچي وئي پر رات جو 230 جو چوي ٿو ته چانهه پيار پوءِ اڃان گنجو نه ڪيانس ۔۔۔۔۔ هن دفعي بچي ويو جو پاڻي ڪون ڀرايو مانس هههههههههه۔۔۔۔ ايندو واري ۾ ۔۔۔۔۔
 
پر ٽيگ ڪرڻ کانپوِ انجو نياپو ڪٿي ملندو ۔۔۔؟؟؟؟ ٻيو سوال ته ليک ۾ انگريزي ڪيئن لکجي ۔۔۔۔؟؟؟ ڇاڪاڻ ته اها نشاني جنهن سان نالو ٽيگ ٿئي ٿو اهو جيستائين انگريز کي چالو نه ڪبو تيستائين اها ڪيئن لکبي ۔۔۔؟؟ ۔۔

سنڌ سلامت تي يا اي ميل ۾ ۔۔۔۔ ڇاڪاڻ هاڻ جيڪي اوهان ٽيگ ڪيو آهي اهو سنڌ سلامت تي مونکي ڪون مليو آهي۔ ان بابت رهنمائي ڪندا ۔۔۔۔

باقي ڪم اوهانجو تمام اعلا آهي ۽ تعريف جي قابل آهي ۔۔۔۔۔

جيڪڏهن ان جو اشارو به سنڌ سلامت تي ئي ملي وڃي ته واهه واهه
 
Back
Top