معصوم سنڌي ـ سنڌ جي خوشحالي جا خواب ته اڀرا سڀرا ماڻهو ئي ڏسن ٿا پر جيڪي اسان جا دانشور آهن يا جيڪي ڪُل وقتي سماجي ڪارڪن سڏائين ٿا، تن جي ڪارنامن کان خلق گهٽ واقف آهي. پري ڇو وڃون اهو نظارو ۽ لقاءُ ڏسڻو هجي ته حيدرآباد هليا اچو. اتي توهان کي انهن دانشورن ۽ سماجي ڪارڪنن جي ”ڪارنامن“ جي ڀَلي ڀت پروڙ پئجي ويندي. چمچاگيريءَ جي چُلهي تي رکيل دانشوريءَ جون ديڳڙيون ۽ اجهوڪي ملندڙ خوشحالي – آسودگيءَ جي دونهين ۾ ڪاراٽجي ويل غريب ماڻهن جي آس، خلق کي گمراهه ڪرڻ جو آسان طريقو ٻيو ڪهڙو!!؟ جڏهن وزيرن مشيرن جا ميڙا مچن، تڏهن توهان انهن دانشورن کي اتي ڏسو ته تعجب اچيو ويندو، اک ٽيٽ ڪري ورن ۽ کيسن مان درخواستون ڪڍي وزيرن ۽ مشيرن حوالي ڪيون وينديون، انهن درخواستن ۾ سنڌ جي پارت لکيل نه پر پنهنجي پيٽ جي لوڙ لکيل هوندي آهي. جيڪي دانشور ۽ سماج سڌارڪ سنڌ جي غربت جي خاتمي تي ساندهه ست ڪلاڪ يکي هڻن ٿا، توهان کي خبر آهي ته اها يکي هو ڇو ٿا هڻن؟ پڪ سان اوهان کي پتو نه هوندو، سٺو ٿيو جو سڻس نه ٿا رکو نه ته توهان به سندن نقش قدم تي هلڻ جا هيراڪ ٿي سگهو ٿا، جيئن انهن ڌنڌوڙي دانشورن ۽ سماج سڌارڪن فل ٽائيم ”جي حضوري“ ڪرڻ لاءِ ڪجهه ”بيروزگار پڙهيل ڳڙهيل“ نوجوانن جي سروس حاصل ڪئي آهي. غربت گهثائڻ جون ڳالهيون عام سڙڪن ۽ شهرن جي مکيه لنگهه يا چوسولن تي ڪرڻ هنن دانشورن لاءِ معيوب آهي، تڏهن ته هي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي عاليشان هوٽلن ۾ سيمينار ڪوٺائي اتي ئي يکي هڻن ٿا . ساندهه ڪلاڪن جا ڪلاڪ سنڌ جي غربت ۽ ذهني پسماندگي تي ڳالهائيندڙ ڌنڌوڙي دانشورن کان ڪير پڇي ته توهان پنهنجي ئي پاڙي ۾ ڪيترن غريبن ۽ بکايلن کي کاڌو پيتو فراهم ڪريو ٿا؟ توهان پنهنجي ئي ڀرپاسي مفلس خاندانن جي گهڻن ٻارن کي تعليم ڏياري آهي؟ سماجي تبديليءَ لاءَ توهان ڪهڙا ڦاڙها ماريا آهن؟ اهي سوال جڏهن اوهان کانئن ڪندئو ته هو ڪن ڪڍي دوڏا ڦوٽاري ٺهه پهه چئي ڏيندا: ” اسان ۾ ايتري سگهه ڪٿي آ، اهو ڪم اسان مڊل ڪلاس نه پر اپر ڪلاس ۽ سرڪار جو آهي“ اهو ٻڌي توهان پاڻ پريشان ٿي ويندا ۽ هنن تي ئي اوهان کي رحم ايندو پر ترسو ! توهان کي جيڪڏهن مان هنن جو آئينو ڏيکاريان ته پڪ سان اهو رحم رنج ۾ ئي بدلجي ويندو. هاڻي مان توهان کي ٻڌايان ٿو ته اهي ڪيترا سگها آهن هر شئي ۾، پئسي ۾، ڪار بنگلي ۾، عيش عشرت ۾، کاڌي پيتي ۾، اهي چاهن ته پنهنجي پنهنجي پگهار مان غريبن جا پنج پنج گهر هلائي سگهن ٿا پر هي ايئن نه ڪندا ڀلا هي ايئن ڪن به ته ڇو!؟ هنن کي ڪهڙي گتي آهي جو وتن گپ چڪ ۾ هٿ وجهندا. سنڌ هنن لاءِ وڏي کان وڏو واپار آهي ۽ انهن واپاري دانشورن ۽ ڌنڌوڙي اين جي اوز وارن جون پگهارون لکن ۾ آهن ۽ ڀاڙ الڳ کائن. حيدرآباد هجي يا ڪراچي، سکر هجي يا لاڙڪاڻو، شڪارپور هجي يا شهدادڪوٽ، هي مخلوق جتي به رهي ٿي، ڳجهه ڳوهه ۾ هر سنڌ دشمن رٿائن ۾ پڻ ملوث آهي. پري ڇو وڃون. جمعو جمعو اٺ ڏينهن اڳ جي ڳالهه آهي، مهاجر صوبي جي ٻڙڌڪ بعد ڪاوڙيل قوم کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ وزيرن جي چوڪڙي کي ڇيڪ ڇڏيو ويو ته وڃي ظاهري طور مهاجر صوبي جي خلاف ٿي ماڻهن جو اعتماد واپس وٺو ۽ اندروني طور تي ”ڌنڌوڙي دانشورن“ کي ٽيسٽ پڻ ڪيو ته اهي گهڻي ۾ ڇڪجي اچن ٿا، ڳالهه جو ڳارو ڳچيءَ ۾ تڏهن پين جڏهن ڪٿان سوشل ميڊيا کي ڪنهن ٻاڦ ڏني ته اڇا ڪارا ظاهر ٿي پيا. وري ڪجهه ڏينهن اڳ جي ڳالهه آهي ذوالفقار آباد رٿا تي حيدرآباد ۾ الف يا بي مذاڪرو ڪرايو، ان ۾ پ پ جو هڪ دانشور ڏاند به ڪراچي مان سيڙجي خدشا ختم ڪرڻ آيو هو، ان مذاڪري ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو، اهو ته هڪ الڳ داستان آهي پر ان مذاڪري ۽ ان ڏاند دانشور جي معرفت ”مٿين“ سان جن جن رابطا ڪيا، سا هڪ اندروني پر ڊيڄاريندڙ وارتا آهي. ذوالفقار آباد شهر ٺهي ٿو، ان جا ٺيڪا ڪير حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي؟ اهو جيڪڏهن راڄ کي ٻڌايون ته ڀنڀور کي باهه لڳي ويندي! ڇا به ٿئي، سنڌ کي حلوو سمجهي کائيندڙ ۽ سنڌ کي واپار سمجهي وکر کپائيندڙ ڌنڌوڙي دانشور ۽ اين جي اوز جا هٽ هلائيندڙ سنڌ دشمن ايجنڊا تي ئي عمل پيرا آهن، هنن کي غريب ۽ لاوارث سنڌين جهڙا گڏهه ٻئي هنڌ ملندا ئي نه! — sindhimasoom@yahoo.com ”سنڌ جرنل جي ٿورن سان“
سائين ملڪاڻي صاحب اوهان حقيقت لکي آهي ائون اوهان جي ڳالهه تي سوره آنا مطفق آهيان ۔اڳي مون هڪ ڪالم هلال پاڪستان ۾ لکيو هو ۔ سماجي سوچ ۔۔۔۔ان ۾ اوهان جي سوچ ۽ مون جي سوچ وڃي ملن ٿيو واقعي اها ئي ڳالهه آهي ته اين جي او وارا اسان کي ۽ انهن مارون ماڻهن کي ئي انڌاهه لکايو وري تاڻيون به انهن کان پيا وڃائين سائين اوهان جي لکائي تي لک لک وڌايون