ام المومنين ڇو نه ٿو لکيو وڃي ؟؟؟

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ رضوان علي جمالي طرفان آندل موضوعَ ‏2 جولائي 2012۔

  1. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    امهات المومنين جو تعداد 13 آهي ۔ سڀني مڪاتب فڪر جا ڪتاب کڻي ڏسو ، تمام امهات المومنين جي نالي اڳيان ام المومنين لکيو آهي سوا ٻن جي ايئن ڇو ؟؟
    1 ام المومنين حضرت خديجته الڪبرى رضه
    2 ام المومنين حضرت سوده رضه بنت زمعه
    3 ام المومنين حضرت عائشه صديقه رضه
    4 ام المومنين حضرت حفصه بنت عمر رضه
    5 ام المومنين حضرت زينب رضه بنت خزيمه
    6 ام المومنين حضرت ام سلمه رضه
    7 ام المومنين حضرت زينب رضه بنت جحش
    8 ام المومنين حضرت جويريه رضه بنت حارث
    9 ام المومنين حضرت ام حبيبه رضه بنت ابو سفيان
    10 ام المومنين حضرت صفيه رضه بنت حُيئي
    11 ام المومنين حضرت ميمونه رضه بنت حارث
    12 حضرت ريحانه رضه بنت شمعون
    13 حضرت ماريه قبطيه رضه
    جناب حضرت ريحانه رضه ۽ جناب حضرت ماريه قبطيه رضه ، کي ڪنهن به مڪتب فڪر ام المونين نه لکيو آهي ڇو ؟؟؟؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
  3. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    دوست TAHIR SINDHI ۽ رحيم بخش بهتر راءِ يا جواب ڏيئي سگهن ٿا۔
    تمام دوستن کي گذارش آهي ،ته هن مسئلي تي منهنجي راهنمائي ڪن ۔
     
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    ڪوشش ڪيون ٿا منهنجا ڀا جئين ڪا معلومات ملي ته توهان تائين پهچائبي، ۽ سڀ کان پهرين ته اسان پاڻ اها معلومات حاصل ڪرڻ گهرون ٿا۔
     
  5. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    ريحانه بنت زيد ابن عمرو، جيڪا هڪ يهودي گهراڻي مان هئي ، بنو قريزا قبيلي وٽان جنگ دوران غلام ڪري مسلمان فوجن حضور صه وٽ پيش ڪيو، جنهن تي سائين جن فرماين ته جيڪڏهن اسلام قبول ڪري ته ان سان پاڻ نڪاح فرمائيندا، ۽ عزت وچان گهر واري هئڻ جو شرف عطا ڪندا پر تڏهن ان انڪار ڪيو، پر ڪجهه وقت کانپوء مسلمان ٿيڻ لا راضي ٿي وئي، اهاڪنيز طور ئي رهي ۽ فوت ٿي وئي تڏهن به ڪنيز طور ئي هئي، گهڻن جو چوڻ آهي ته ان رضه حضور صه جن سان نڪاح به ڪيو ۽ پو طلاق ورتائين، وڌيڪ رب کي خبر۔
    وري ڪن جو رايو آهي ته حضور صه جن ان کي آزاد ڪري ڇڏيو هو، جيڪا پو پنهنجي خاندان طرف هلي وئي هئي،

    گهڻي جاکوڙ کان پواها معلومات ملي سگهي آهي ته، حضور صلى الله عليه وسلم جن جي زندگي ۾ 13 ازواج مطهرات هيون، جن ۾ آخري حضرت ماريه قبطيه رضه جن جو ذڪر اچي رهيو آهي، باقي مون جيڪا معلومات حاصل ڪئي انهن ۾ ڪٿي به حضرت ريحانه رضه بنت شمعون جن جو ذڪر نه ٿو ملي، ته ڪا اها بيبي به سائين سڳورن صه جن جي زندگي ۾ آئي آهي، ٿي سگهي ٿو مون جيڪا معلومات حاصل ڪئي اها اڻپوڙي هجي، پر جڏهن وڌيل کوجنا ڪيم ته حضرت ريحانه رضه بابت ڪجهه معلومات ملي،

    حضرت ماريه قبطيه رضه جن بابت آهي ته ان کي مريم قبطيه جي نالي سان به سڏيو ويندو هو، جيڪا مصر جي بادشاهه حضور صه جن جي خدمت ۾ ٻه ٻانهيون تحفي ۾ موڪلي ڏنيو، جيڪي ٻئي ڀينرون هيون، جن مان هڪ ماريه قبطيه رضه سائين جن جي نڪاح ۾ آئي، جڏهن مديني پهتي ته سائين جن تي ايمان آڻي مسلمان ٿي، جنهن کان پوسائين جن سان نڪاح ڪيائين، هن بيبي مان سائين جن کي هڪ پٽ به ڄائو، جنهن جو نالوابراهيم رکيو ويو، جنهنڪري سائين جن جي ٻين بيبين طرفان هن سان گهڻو پيار ۽ پسند ڪيو ويندو هو، اتفاق سان سائين صه جن جو اهو پٽ جيڪو سخت بيمار ٿي پيو ۽ 18 ميهنن جي عمر ۾ رضاالاهي سان فوت ٿي ويو۔ ۽ حضرت ماريه قبطيه بابت آيل آهي ته اها سائين جن جي هڪ ڪنيز هئي، جيڪا مصر جي بادشاهه تحفي طور موڪلي هئي، جنهن تي سائين جن کيس اسلام قبولڻ لاچيو جنهن اسلام قبولڻ کانپوسائين جن ان سان نڪاح ڪري ان کي پنهنجي گهر واري هئڻ جو شرف عطا ڪيو۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    ادا منظور علي عباسي صاحب ايڏي معلومات ڏِيڻ لاءِ اوهانجا لک لائق ، آئنده به اهڙيون اميدون رکندس ۔ اوهان جن ڪتابن مان اها معلومات ڪٺي ڪئي انهن جا نالا بمع ليکڪ جي هتي ونڊ ڪيو ته اوهانجو احسان مند رهندس ۔
     
  7. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    منهنجا ڀا مون وٽ ان بابت ڪي ڪتاب ته موجود نه آهن، ڪجهه مون پنهنجي والد محترم کان معلومات ورتي، جيڪو پاڻ ديندار ۽ نيڪ نمازي گهڻن اسلامي ڪتابن جو مطالعو ڪندڙ پڻ آهي، ۽ وري مون پاڻ گوگل تي سرچ ڪري اها معلومات مختلف ويب سائيٽ تان ترجمو ڪري اوهان تائين پهچايم، اميد ته توهان گوگل تي امهات المومينن جي نالي سان گهڻو مواد سرچ ڪري سگهو ٿا ، جيڪو گهڻي قدر انگريزي ۾ آهي، پر ان ۾ مختلف عالمن جي تحقيق جا حوالا به ڏنل آهن جنهن مان مطمئين ٿي سگهجي ٿو ته اها معلومات ٺيڪ آهي۔ وڌيڪ توهان پاڻ سرچ ڪري سگهو ٿا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو