شهيد سنڌ محترم بشير خان کي ارپنا ائين سنڌ سان سلهاڙيل رهي ڪو ڏيکاري ائين سنڌ لئه درد دل ۾ رکي ڪو ڏيکاري ائين سنڌ سان سچو پيار ڪري ڪو ڏيکاري ائين سنڌ لئه پٿون پير ڪري ڪو ڏيکاري ائين سنڌ لئه سور سهي ڪو ڏيکاري...... مون ۽ پوري سنڌ سوچو به نه هو ته ...هن سان ازلي محبت ڪندڙ مهان انسان ائين جدا ٿي ويندو... جيڪو جا ڳي ته سنڌ سمهي ته سنڌ ،گهمي ته سنڌ ... نه کٽندڙ فڪري لاڙو سنڌ کان سواءِ جنهن ماڻهو وٽ ٻيو ڪجه به نه هو... سندائين سنڌ لاءِ سوچڻ ،سنڌ لاءِ لوچڻ،،جيڪو ٻڌي ته سنڌ جو راڳ،گهري ته سنڌ جو ڀاڳ مسلسل جدوجهد جو نالو .... جيئن هوش سنڀاريئن ته سنڌ امڙجي ڏکن هن کي پاڻ ڏانهن پروڙ ۾ وجهي ڇڏيو هر پل هر ساعت هر گهڙي صرف سنڌ جي سوچ ته سنڌ مان ڌاريا ڪيئن ڀڄائجن ،سنڌکي خوشحال ڪيئن بڻائجي ،سنڌ جو ڦرلٽ جو پيسو ڪيئن روڪجي سنڌي سٻاجها منهنجا مارو ڪيئن امير ٿين ....انهيءَ سٽاءَ جي سوچ ۾ ڪئي داٻا دڙڪا لالچون لوڀ آيا ...پر هن منهنجي سنڌ جي سچي عاشق کي تر برابر ٿيڙي نه سگهيا... سنڌ جي هر اشو تي پاڻ سڀ کان اول اڳيان اڳيان جدوجهد ۾ اڳڀرا هوندا هئا غلامي جي زنجير ن کي پنهنجي قياص جي ڪارائي سان وڍڻ شروع ڪيو... ۽ساڳي ڪارائي هر سنڌي کي هٿ ۾ ڏيئي پاڻ اڳين جهان هليو ويو.... ۽ ائين چوندو ويو ته اي سنڌ تون مياري نه ٿجاءِن تنهنجي آجپي ۽ خوشحالي لاءِهي سر ڏينو ن وحدت مان ڪثرت جا قافله بنايون ٿو وڃا سوين بلڪ ڪروڙين سر پيدا ڪيون ٿو وڃا... مون کي پڪ آ ته تنه جا هي حلالي پٽ تنهنجي سينڌ کي ميرو ٿيڻ نه ڏيندا... سدائين دشمن سنڌ سان مهاڏو اٽڪائيدا ۽ جهيڙيندا ،جهونگاريندا ،هڪلون ڪندا همٿ ڪندي.....