مست
سينيئر رڪن
هن وقت پاڪستان جي ٻن صوبن ۾ وڏي پئماني تي ٻه احتجاج هلي رهيا آهن،
هڪ طرف سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ نوابشاهه يونيورسٽيءَ ۾ استادن ۽ ملازمن طرفان وائيس چانسلر خلاف ۽ ٻئي طرف پنجاب ۾ ڊاڪٽرن طرفان صوبائي انتظاميه خلاف احتجاج هلي رهيو آهي،
يونيورسٽين ۾ هلندڙ احتجاج سبب مستقبل جي معمار شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو آهي ته ٻئي طرف پنجاب ۾ ڊاڪٽرن جي هلندڙ احتجاج سبب 15 کان وڌيڪ مريض علاج نه ٿيڻ ڪري پنهنجي حياتيءَ تان هٿ کڻي ويا۔۔
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هلندڙ احتجاج جو مُک ڪارڻ هتان جو ڪرپٽ ۽ رٽائرڊ وائيس چانسلر آهي جيڪو ”جمهوري حڪومت“ ۾ ويٺل ڪارندن جي مُٺ گرم ڪري هڪ عظيم وائيس چانسلر کي هٽائي رات پيٽ ۾ ڪُرسي تي اچي ويٺو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هلندڙ ڪيترائي تحقيقي پروگرام، نوان ٺهندڙ ڊپارٽمنٽ ۽ ٻيا ترقياتي ڪم روڪرائي يڪدم فيسن کي 50 کان 200 سيڪڙو تائين مهانگو ڪري ويٺو،

هن سيمسٽر جي هلندڙ امتحانن جي آخري هفتي ۾ اچانڪ پنهنجيون موڪلون پاڻ مراديون ختم ڪري ميڊم پروين شاهه کي ايڪٽنگ وي سي جي عهدي تان هٽائي جڏهن اها سياسي پاورفل شخصيت يعني وي سي نذير مغل اچي پنهنجي ڪرسيءَ کي تخت وانگر سنڀالي ويٺو ته سوٽا ۽ سيوا جي اڳواڻن ٻيهر ان يونيورسٽيءَ ۾ بائيڪاٽ جا پرچم بلند ڪيا جيڪا هن ئي سال جي شروع ۾ رڪارڊ 50 ڏينهن بند پئي هئي،
جن شاگردن ويچارن جا سڀ پيپر ٿي ويا، هڪ ليب يا وري هڪ پيپر رهيل هو، انهن جي تڪليفن ۾ اضافو ٿي ويو،
وي سي پنهنجي ساٿاري استادن جي ذريعي پيپر جاري رکرايا پر اهي پيپر ايئن ٿي رهيا آهن جيئن هڪ دوست جي ڳالهه وانگر ته اسان ڪنهن نجي سينٽر تي ڪاليج جا پيپر ڏئي رهيا هجون ۽ ڪاپيءَ جي ڌم ڌمان لڳي پئي هئي، مجبورن اهڙن پيپرن کي ڪجهه ڊپارٽمنٽن ۾ ڪينسل به ڪرڻو پئجي ويو۔۔۔۔
نوابشاهه يونيورسٽيءَ ۾ وري استاد وائيس چانسلر توڙي انتظاميه جي ان انوکي قدم خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن جنهن جو ڪو مثال نه ٿو ملي يعني يونيورسٽيءَ جي سڀني استادن کي هڪ ئي وقت نوڪريءَ مان فارغ ڪرڻ جهڙو قدم۔۔ ان قدم سان ان انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ جي بند ٿيڻ جا خدشا سامهون آيا۔۔۔
ٻئي طرف پنجاب ۾ وري ڊاڪٽرن جو اهو چوڻ آهي ته سندن پگهارون ۽ الائونس نه وڌايا ويا آهن، ميڊيڪل جي شعبي کي پرائيوٽائيز نه ڪيو وڃي ۽ حڪومت ان ڪم کي پنهنجي سرپرستيءَ ۾ وٺي۔ جڏهن حڪومت ڪيتري ئي عرصي تائين مذاڪرات ۽ ٽوڪن هڙتال تي به ڪن نه ڌريو ته پوءِ مجبورن ڊاڪٽرن کي مسيحا مان مجرم بڻجڻو پيو،
توهان سڀني جي راءِ ۾ مٿئين ڳالهين ۾ ڪهڙيون ڌريون ذميوار آهن۔۔۔۔
اسان جي سنڌ سلامت جي هن پليٽ فارم تان اهڙي ڳالهين جي اشو کي ضرور کڻڻ گهرجي ڇو ته اهو اسان جي مستقبل جو سوال آهي۔۔۔
اسان جي سنڌ سلامت جي هن پليٽ فارم تان اهڙي ڳالهين جي اشو کي ضرور کڻڻ گهرجي ڇو ته اهو اسان جي مستقبل جو سوال آهي۔۔۔