خيالن جي پاڪيزگي عبادتِ الاهي سان مشروط آهي اها ته هڪ حقيقت آهي ته خيالن جو تعلق انسان جي خواهش سان جُڙيل آهي ۔ خواهش جو تعلق انسان جي نفس سان آهي ۔ انسان جو نفس جنهن جي لاءِ ٽي مختلف مقام يا نفس جون ٽي قِسمون بيان ڪيون وينديون آهن ۔ جن مان هڪ نفسِ عماره ، نفسِ لوامه نفسِ، مطمعنه۔ عماره جي معنى گهڻن حڪمن هلائڻ ورو۔ جنهن لاءِ قرآن ۾ تيرنهني سپاري ۾ اقرارِ زوليخان جي شروعات آهي جنهن ۾ جنابِ زوليخان حضرت يوسف عليه اسلام تي لڳايل الزامن جو اقرار ڪندي چوي ٿي ته بيشڪ آءُ اقرار ٿي ڪريان ته نفسِ عماره جيڪو هميشه بُرائي جو حڪم ڏيندو آهي ۔ ٻيو درجو يا ٻيو قِسم جنهن کي نفسِ لوامه جنهن جي اصطلاحي معني روڪڻ وارو ملامت ڪرڻ وارو ٽوڪڻ وارو ۔ اوهان جي پنهنجي ذات ۾ غور ڪريو ته اوهان کي محسوس ٿيندو جڏهن به انسان ڪنهن شي جي باري ۾ سوچيندو آهي ته ان جي غلط يا ضحيح هجڻ جي تصديق ان جي ذات مان ٿيندي آهي جنهن کي شايد مصري شاه چيو هو اسان عاشقن وٽ آهي دل جو ڪتاب ڪافي جنهن ۾ اصول اصلي لاريب لا خلافي سالڪين جو چوڻ آهي ته هي اها ڪتاب آهي انسان جي اندر جا انسان تي سچ ئي سچ ڳالهائيندي هن ڪتاب ۾ انسان جو سڄو اعمال نامو لکيل آهي ان ڪتاب کي يومِ محشر هن جي ڳلي ۾ لٽڪايو ويندو جنهن ۾ زره برابر بُرائي و زره برابر ڀلائي موجود هوني ۔ جيئن قرآن ۾ پڻ اهو زڪر آحي ته اسان حساب واري ڏينهن توهان جي ڪتاب توهان جي ڳلي ۾ لٽڪائينداسين پڙهو ان کي جا اوهان جي حساب لاءِ ڪافي آهي ۔ جي اوهان غور ڪريو تها ن جي تصديق توهان پاڻ به ڪندو۔ انللاءِ مرزا غالب چيو هو مانا ڪه هماري گناه معاف ڪردين گي مگر اس دل ڪي ندامت ڪا ڪيا ڪرين جي ماڻهون ان ڪتاب کي پڙهن ٿا تن جو ماحول ڇا هوندو سي ئي ڄاڻن ٿا علامه اقبال جو هڪ ٻيو شعر ممڪن نهين تجھ ڪوو ڪتاب سي فراغ تو صاحبِ ڪتاب هي مگر ڪتاب خوان نهين يعني اها ڪتاب تو وٽ ته آحي پر تون ان کي پڙهندڙ ناهين۔ ان حق جي ڪتاب کان پروردگار ڪنهن کي به محروم ناهي رکيو سوره الرحمٌان ۾ پروردگا ان جو زڪر ڪيو آهي ته رحمان قرآن نازل ڪيو انسا کي خلق ڪيو۔ قرآن جو سيڪوئنس اهو ٻُڌائي ٿو انسان جي تخليق کان پهريان ان کي حق جو علم عطا ڪندڙ آهي پوءِ ن کي خلق ڪندڙ آهي مون صحيح بخاري ۾ هڪ حديث شريف پڙهي هئي ته جي ڪو انسان ڪنهن اهڙي جاءِ تي پيدا ٿيو آهي جنهن سج جي روشني به ناهي ڏٺي نه ڪنهن ظاهري طرح سان ان تائين ڪا هدايت پهتي آهي پر حق ان تائين پهچي چڪو آهي ۔ سالڪن جو اهو پڻ چوڻ آهي ته اها هدايت يا حق باطني طور تي هر انسان ۾ ودعيت ٿيل آهي جنهن کي ضمير نفسِ لوامه يا خدا جي آواز چيو وڄي ٿو۔ نفس جو ٽيون درجو نفسِ مطمعنه جنهن جو مطلب اطمينان يا اصطلاح ۾ اطمينانِ قلب دلي سڪون هي انتهائي اعلى درجو آهي انسان جي نفس جو هي اهو درجو آهي جنهن کان رب راضي آهي ۽ هُو پنهنجي رب کان راضي آهي ۔ هتان باطل خيالن جي گزرگاه ممڪن ناهي ۔ هي شعور جي اها منزل آهي جا انسان کي پنهنجي خالق سان جوڙي ٿي ( جو دم غافل سو دم ڪافر) هاڻي انسان جي زندگي انهن تنهي پيچرن تي گزري رهي آهي ۔ جيسيائين انسان جا احساس جيسيتائين پاڪ نه ٿا ٿيند تيسيتائين ان جي عمل جي پاڪي جو سوال ئي نه ٿو پيدا ٿئي ۔ هو ظاهر ۾ ته پاڪباز نظر ايندو ليڪن ان جي اندر ۾ ڪا ٻي رٿ هوندي ۔ جنهن لاءِ شايد مرزا غالب جو شعر آهي بي خودي بي مقصد تو نهين غالب ڪڇ تو هي جس ڪي پرداداري هي ڪنهن سالڪ کان اسان سوال ڪيو هو ته ڇا انسان جو نفسِ عماره انسان کي ڀلائي جو حڪم ڏئي يا جي ان کي نماز جو حُڪم ڏئي ته ڇا اهو به غلط هوندو ته سلڪ چيو بلڪل هن کان چڱائي جو سوال ئي نه ٿو ٿئي اصل ۾ انهي کي تابيعدار بڻائڻ ئي بندگي آهي نه ڪي هن جي تابيعداري سان بندگي ٿيندي ۔ جي هي انسان کي مسجد به وٺي وڃي ته ان ۾ به ڪانه ڪا بُرائي لازم هوندي ۔ يا هن کان ريا ڪاري ڪرائيندو يا مانهن جي سامهون پاڻ کي عابد زاهد ظاهر ڪري انهن کي ڌوڪوڏيندو ۔ يا مسجد مان موٽندي پنهنجي پُراڻي چپل اتي ڦٽو ڪري ڪنهن جي نئين چپل کنيون ايندو ۔ اصل نامز بُرائي ۽ ڀلائي کان روڪيندي آهي اها قرآني آيت پڻ آهي ۔ جيئن قرآن ۾ موجود آهي ته حيف آهي اهڙن نمازين تي جي پنهنجي نمازِ حقيقي کان غافل آهن۔ ان سالڪ انهن آيتن جي تشريح ڪندي اها ڳالھ سمجهائي ته جنهن نفس ۾ بُرائي جو خيال به نه اچي اهو نفس اهڙو آهي جنهن جي هر وقت نماز قائم آهي ۔ڍ جيڪو نفس برائي جي خيالن کان ته آجو ناهي پر جڏهن هُن کي بُرائي ميسر اچي ٿي ته هو ان کي برائي سمجهندي خوفِ الاهي کان ٺڪرائي ٿو ڇڏي هي اهو نفس آهي جيڪو وقت جو نمازي آهي ۔ جنهن نفس ۾ بُرائي جو خيال به اچي ٿو ۽ هو برائي ڪري به ٿو پر ان کي پڇتاءُ آهي ان پڇتاءُ جي ڪري هو توبه ڪري ٿو هي اهو نفس آهي جنهن نماز قضا ڪري پڙهي آهي ۔ ۽ اهو نفس جيڪو برائي به ڪري ٿو ۽ توه به نه ٿو ڪري هي اهو نفس آهي جيڪو طارق الصلات آهي هن ڪڏهن نماز پڙهي ئي ناهي ۔ هڪ سالڪ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته انسان جڏهن پنهنجي ذات م سير ڪندو آهي ته پنهنجي علائقي ۾ هن کي ڪئي شيطاني چوڪيو ملنديون آهن ۔ مثال پهرين چوڪي دولت جي حوس جي چوڪي آحي ته ٻي چوڪي غرور و تڪبر جي چوڪي آهي ته اڳيان رياڪاري و عُجب جي چوڪي آهي ۔ انسان کي پنهنجي ذات ۾ سفر ڪرڻ لاءِ هر چوڪي کي فتح ڪرڻو پوندو ۔ جڏهن هڪ چوڪي فتح ڪندو ته ٻي چوڪي جو سير ان کي ملندو نه ته انهي چوڪي تي شيطان جو شڪار بڻجي ويندو ۔ ۽ هر چوڪي تي شيطاني لشڪر هوندو آهي ۔ جڏهن شيطاني لشڪر پهرين چوڪي تان شڪست کائيندو آهي ته شڪست خورده لشڪر ان کان اڳين چوڪي تي ٻئي لشڪرسانوڃي گڏبو آهي اهڙي طرح انسان جڏهن حوس و ريا و عجب ُ غرور و تڪبر وغيره جي چوڪين کي پار ڪري يا فتح ڪر اڳتي وڌندو آهي ۽ جڏهن آخري چوڪي ايندي آحي ته اها آخري چوڪي هوندي آهي خيالن جي چوڪي هيڏانهن انسان جي سير و سلوڪ جو سفر پنهنجي معراج ڏانهن وڌي ررهيو هوندو آهي ته هوڏانهن شيطان جنهن جا ستر هزار شيطاني ته ستر هزار رحماني جال آهن اهو سڄي جو سڄي جو سڄو شڪست خورده لشڪر وڃي خيالن جي چوڪي تي گڏ ٿيندو آهي ۔ سالڪن جي مطابق هي تمام مشڪل ترين چوڪي آهي۔ پر ڪي سالڪ اهي به اهن جن جو چوڻ آهي جلي محبت ڪي وه آگ ميري سيني ۾ خيال جو غير ڪا آئي تو راک هوجائي ۔ جيئن قرآڻ ۾ صوره واالشمس ۾ پروردگار سڀ کان وڌيڪ قسمون کڻي فرمائي ٿو ته بيشڪ اسان هر انسان تي ڀلائي ۽ بُرائي کي عيان ڪري ڇڏيو آهي ان فلاح پاتي جنهن پنهنجي من کي پاڪ ڪيو اهو برباد ٿي ويو جنهن پنهنجي من جي آواز کي دٻائي ڇڏيو ۔ شايد ان جي لاءِ علامه اقبال چيو آهي اپني من ۾ ڊوب ڪر پا جا سُراغِ زندگي ميرا نهين بنتا تو نه بن اپنا تو بن سو سائين هر گناه جي جڙ خيال کان ئي شروع ٿيندي آهي ۔هاڻي هن موصوع تي اڃان گهڻو ڪجھ لکي سگهجي ٿو پر وقت جي ڪمي ۽ اوهان قارئين جي بوريت کي ملحوظِ خاطر رکندي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون۔ ته آخر خيالن کي پاڪ ڪيئن ڪيو وڃي ۔ ته سالڪن و عارفن جو چوڻ آه يته خيال جي پاڪي جي هڪ ئي صورت آهي ۽ اها آهي انسان جي شعور جي بيداري جڏهن انسان جي شعور ۾ ان نهج جي بيداري ايندر آهي ته هو ڏسندو آهي هر عمل جي موت ۾ ان جو نجام ته هو پنهنجي سوڇ جي عمل ۾ به ان جو نجام ڏسندو آهي۔ اسان جي عبادتن ۾ جي شعور جي اها بلندي اچي وڃي ته هي مذهب اسلام اسان مسلمانن کي دنيا جي مهذب ترين قوم طور پيش ڪري ۔ پر هن وقت ته اسان جي عجيب حالت آحي جيئن ڪنهنتجزيه نگار چيو ته اسلام عظيم ترين و نفيس ترين دين آهي پر مسلمان بدترين قوم آهي
” ته آخر خيالن کي پاڪ ڪيئن ڪيو وڃي ۔ ته سالڪن و عارفن جو چوڻ آهي ته خيال جي پاڪي جي هڪ ئي صورت آهي ۽ اها آهي انسان جي شعور جي بيداري جڏهن انسان جي شعور ۾ ان نهج جي بيداري ايندر آهي ته هو ڏسندو آهي هر عمل جي موت ۾ ان جو نجام ته هو ڪنهن تجزيه نگار چيو ته اسلام عظيم ترين و نفيس ترين دين آهي پر مسلمان بدترين قوم آهي ۔“ ادا ڏاڏل شينو اسلام عليڪم۔ اسان جيڪي پنهنجي پاڻ کي وڏي فخر سان مسلمان ٿا چئون ، ڪو به اهڙو ڪم يا عمل نه ٿا ڪيون جيڪو مسلمان جي شايانه شان هجئي۔ اسان پيار نبي سائين جي ٻڌايل هدايتن تي عمل ڪرڻ کي وساري ويٺا آهيون۔ نفس تڏهن ئي پاڪ ٿيندو جڏهن اسان پياري نبي صلي الله عليه وسلم جن جي سنت تي عمل ڪنداسين پاڻ مان هٺ ڪڍنداسين ۽ نوڙت پيدا ڪندا سين۔ بيشڪ اسان جو مذهب اسلام هڪ سچو ۽ پاڪ دين آهي ۔ هن دين کي اختيار ڪرڻ وارن جي رهنمائي لاء قران پاڪ ۽ حضور صلي الله عليه وسلم جن جي حديث پاڪ ۾ صحيحي رستي جي ڄاڻ ڏني ويئي آهي۔ توهانجي ليک جو مرڪزي موضوعه تمام گهڻو پر اثر آهي۔ توهانجي خيالات کان اسان سوء فيصد متفق آهيون۔۔ الله پاڪ هميشه اوهان کي پنهنجي حفاظت ۾ رکي۔
سائين ميمڻ صاحب اوهان جي مهرباني اوهان اسان جي لکڻ کي مان ڏنو ۔ انشاءِ الله ان موضوع جي ٻئي حصي ۾ ان ڳالھ تي تفصيلي بحث ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا سين ته الله جي بندگي ڇا آهي ۔ بندگي جو شعور ڇا آهي ۔ اوهان اسان جي ڪا اصلاح ڪرڻ ڇاهيو ته اوهان اسان لاءِ محترم آهيو اسان کي گهرجي ته اوهان جهڙن قابل دوستن کان سکندا رهون ۔ وسلام