ايــم. ايـــڇ. پــنـــهـــــور ترجمو: ستار هڪڙو زراعت کي نئين ٽيڪنالاجيءَ جي گھرج آهي زراعت جي عالمگيريت گھٽ اڀياس، گھٽ اهميت ۽ گھٽ ڄاڻ ڪري پاڪستان لاءِ انيڪ نتيجا آڻيندي. پاڪستان 1995/96 ۾ ڊبليو. ٽِي. او. (ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن، W.T.O) تي صحيح ڪـئي، پر گذريل ڏهن سالن ۾ چئن حڪومتن ان سلسلي ۾ ڪي به اڀياس نه ڪرايا آهن، جيڪا شرم جھڙي ڳالھ آهي. اڄ اسان کي پنهنجن فصلن جي جامع اڀياسن، انهن جي ڏيساور ۾ امڪاني مارڪيٽن، برآمدي واپار ڪندڙ ڏيهن سان اسان جي چٽاڀيٽيءَ، موافق ڏيهَن ۾ اگھن ۽ مارڪيٽن جا گَس، ۽ روانگي واپار جي مقصد لاءِ پنهنجن مخصوص فصلن جي في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ لاءِ رٿون گھربل آهن. جيڪڏهن اسان پنهنجي في ايڪڙ پيداوار اسريل ڏيهَن جي برابر نه ڪئي، ته تمام گھڻو نقصان ڀوڳڻو پوندو. اسان جي آبادگارن کي وڏيءَ غربت سان منهن ڏيڻو پوندو، جنهن جو اسان جي مجموعي زرعي ۽ ڪپڙي جي صنعتن تي اثر پوندو. ڪجھ اسرندڙ ڏيهن جي مکين فصلن جي في ايڪڙ پيداوار اسان کان ٽيڻي آهي، پر پاڻ ان وٿيءَ کي ڀرڻ لاءِ ڪجھ به نه ڪيو آهي يا تمام گھٽ ڪم ڪيو آهي. ان ڳالھ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته انهن شين ۾ سڌارو اچي سگھي ٿو، پر مروج طريقن سان انهن جي حاصلات اڻ اتسائيندڙ آهي، ڇو ته اسان پنهنجن شاگردن کي صحيح سکيا ڏيڻ ۾ ناڪام ويا آهيون. اسان وٽ اڪثر جديد ٽيڪنيڪل ڪتاب موجود نه آهن، پر جيڪڏهن ڪجھ ڪتاب موجود به آهن ته استادن جو ڌيان گھٽ آهي ۽ شاگرد ان لائق نه آهن ته اڪيلي سر انهن ڪتابن جو اڀياس ڪري سگھن. گذريل ڏهن سالن کان وٺي اسان جي ترجيحون، ٿوري عرصي ۾ گھڻي کان گھڻي مختلف فصلن جي في ايڪڙ پيداوار ۽ ان جي معيار کي وڌائڻ جي حاصلات ڏانهن رهيو آهي، جن ۾ ڪڻڪ، ڪپھ، ساريون، مڪئي ۽ داليون شامل آهن، ميون ۾ انب، زيتون، پپيتا، صوف، زردآلو، انگور، آڙو، لچي، چيڪو، ترنجي ميوه، بنا ٻج جي گري فروٽ، ڀاڄيون، گل ۽ جڙي ٻوٽيون ۽ انهن سڀني فصلن جي بي موسمي پوک پڻ شامل آهي. هن مقالي جو بنيادي نقطو زراعت کي ڪَلدار (Mechanization) ڪرڻ آهي. سڄي ڏکڻ ايشيا ۾ اهو مدي خارج تصور آهي ته زراعت کي ڪلدار بنائڻ مهانگو ۽ اڻڪفائتو آهي، جنهن سان راهڪ (ڪُڙمي) بيروزگار ٿيندا. افسوس جي ڳالھ اها آهي ته اهڙو ويچار ۽ رويو ڪجھ رٿابندي ڪندڙن جي ذهنن ۾ پڻ سرجي ٿو. 1965ع ۾ مون پنهنجي وَوڻن جي فصل جي سموري ڪم کي لاباري کان سواءِ ڪلدار بڻايو. سڀئي ڪم جھڙوڪ، ٻيجاري لاءِ ٻارا ٺاهڻ، کرا ڪڍڻ، کرن تي ٻج پوکڻ، ٻج کان هڪ انچ هيٺ ٻنهي پاسن کان ٻه انچ پري ڀاڻ ڏيڻ، پنج ڀيرا اندرئون ئي اندر هر ڏيڻ، ٽريڪٽر وسيلي 40 فُوٽ ڊگھي ڦوهاري سان پنج ڀيرا جيت مار دوا ڏيڻ ۽ گندگاهه ڪڍڻ وغيره، ڪلدار طريقي سان ڪيا ويا جن ٽريڪٽر جا 7.5 ڪلاڪ ورتا. جملي خرچ مجموعي آمدنيءَ جو 16.66 سيڪڙو بيٺو. 50 ايڪڙن جي آباديءَ لاءِ ٻن ماڻهن کي پاڻي ڏيڻَ ۽ ٻئي هلڪي ڦلڪي ڪم لاءِ رکيو ويو. ٻج جي شرع1/3 گھٽ بيٺي (ڇھ پائونڊ في ايڪڙ). فصل جي پيداوار ٻج ۽ ڀاڻ کي مناسب هڪجيتري وٿيءَ تي هڻڻ ۽ مشينن سان گندگاهه ۽ بيمارين کي ختم ڪرڻ سان ٻيڻي ٿي وئي. ان سڄي عمل جو راز روڪراپ ٽريڪٽر ۽ ان سان گڏ کِراهرن (Ridgers)، پوکهرن (Planters)، ڀاڻوندن ((Fertilizer attachments ۽ چاليھ فٽ ڊگھي ڦهاري، جنهن کي ٻوٽي جي گھرج موجب هيٺ مٿي ۽ ان جي نوزل جو رخ بيهاري سگھيو ٿي، ناڙي کيڙهرن، ٻهارن ۽ سانگن ۾ هو. هي هڪ ڪامياب عمل هو، جيت مار ڪيميائي دوائن جو ٻوٽي جي گھرج موجب استعمال روائتي طريقي جي استعمال جي اڌ جيترو ٿئي. مٿيان اوزار مڪئي، ڀاڄين، ارنڊي، مڱيرن ۽ ٻين سڀني قطاري پوکن وغيره کي ڪلدار طريقي سان پوکڻ ۾ استعمال ڪري سگھجي ٿو. ان ريت جملي خرچ مجموعي آمدنيءَ جو 30 سيڪڙو بيٺو. 60 جي ڏهاڪي ۾ صرف ٻن قسمن جا ٽريڪٽر اسٽينڊرڊ ۽ روڪراپ موجود هئا جيڪي ٻاهران گھرايا ويندا هئا. هنن ٻنهي قسمن جي ٽريڪٽرن ۾ فرق اهو هو ته روڪراپ ٽريڪٽر جي اڳيَن ۽ پويَن ڦيٿن جي موڪر ساڳي هئي، جڏهن ته اسٽينڊرڊ ٽريڪٽر ۾ اڳين ڦيٿن جي موڪر پوين ڦيٿن جي ڀيٽ ۾ گھٽ هئي يا بلڪل هڪ ٻئي جي ويجھو لڳل هئا. ٽپيري سائيڪل يا رڪشا وانگر، باقي ٻنهي ٽريڪٽرن منجھ هڪجھڙائي هئي. روڪراپ ٽريڪٽر سوڙها پر ساڳي اوچائيءَ وارا هئا جن جي موڪر مختلف فصلن لاءِ 60، 64، 68 ۽ 72 يا 72، 76، 80 ۽ 84 انچن تائين گھٽ وڌ ٿي پئي سگھي. مختلف زرعي اوزار پڻ ٿوري انگ ۾ ٻاهران گھرايا ويا. جڏهن کان پاڪستان ۾ ٽريڪٽر ٺهڻ لڳا، ته روڪراپ ٽريڪٽرن ڏانهن ڪنهن به ڌيان نه ڏنو. اسٽينڊرڊ ٽريڪٽرن ۾ خرابي اها آهي ته انهن جي اڳين ڦيٿن جي موڪر پوين ڦيٿن کان گھٽ هئي، جن سان کراهر هڪ دفعو کرا ٺاهي سگھيو ٿي پر ٻيهر ان سان کرن ۾ ڪم نه پئي ٿي سگھيو، ڇو ته ان سان اڳ ٺهيل کرا ڊهي ٿي ويا، جنهنڪري ٻي ڪلداري نه پئي ٿي سگھي. ان کان پوءِ ڪلداري طريقي سان پوک ڪرڻ ختم ٿي وئي جنهنڪري ملڪ گذريل 30 سالن کان ڀوڳيندو رهيو. هن سڄي مسئلي جو حل اهو آهي ته 30 کان 100 هارس پاور جا روڪراپ ٽريڪٽر ٻاهران گھرائڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ پاڪستان ۾ ٺهندڙ ٻنهي قسمن جي ٽريڪٽرن (روڪراپ ۽ اسٽينڊرد) جي ماڊلن جي اسمبيلي لائين ۾ تبديلي آندي وڃي ۽ ٻين زرعي اوزارن کي ٻاهران گھرائڻ جي مڪمل آزادي هجي. ڪلداري (mechanization) جي عام اقتصادي اصطلاح موجب، جنهن لاءِ ووڻن جي فصل کي ئي مثال طور وٺون ٿا ته اهو ياد رکڻ گھرجي ته کرن جو ڪڍڻ ۽ سوارڻ جو ڪم هڪئي وقت ڪيو وڃي جنهن ۾ هڪ ايڪڙ لاءِ هڪ ڪلاڪ لڳي ٿو. ٻج هڻڻ ۽ ساڳئي وقت ڀاڻ جي ملائڻ ۾ اڌ ڪلاڪ لڳندو. جيڪڏهن ٻيهر ڀاڻ ملائڻو هجي ته 20 منٽ لڳندا ۽ 40 فوٽ ڊگھي ڦوهاري سان دوا ڇڻڪڻ ۾ هر دفعي 15 منٽ ۽ جيڪڏهن ان کي پنج ڀيرا ڪيو ويو ته صرف ڏيڍ ڪلاڪ لڳندو. جيڪڏهن ووڻڻ جي ڪاٺن جي واڍي هجي ته ان ۾ اڌ ڪلاڪ ٻيو لڳندو، اهڙي طرح ووڻڻ جي پوري پوکائيءَ ۾ چونڊي کان سواءِ هڪ ايڪڙ ۾ اڌ ڪلاڪ لڳندو پر ان ڪم لاءِ سکيا ضروري آهي. ڪلدار طريقي سان کرن ۾ گُڏ ڏيڻ گندگاهه ڪڍڻ جو فائدو اهو آهي ته ان سان گندگاهه مار دوائن تي ايندڙ خرچ بچي ٿو ۽ زمين ۾ موجود مٽيءَ کي ذرخيز بنائڻ ۾ مدد ڏيندڙ جيوت انهن دوائن ڪري مري وڃي ٿي، جنهنڪري زمين جي ذرخيزي گھٽجي ٿي. گندگاهه مار دوائون سال ۾ هڪ دفعو ڦٽندڙ گندگاهه ٻوٽن کي ته ختم ڪن ٿيون پر هر هر ڦٽندڙ ٻوٽن کي نه، جنهن جو بيٽل ۽ ايندڙ فصلن تي اثر پئي ٿو. اڻ ٽيڪنيڪل رٿابندي ڪندڙن ۾ پنهنجن خيالي پلائن کي بي لغام ڇڏڻ جو فيشن آهي، جنهن جو هڪ مثال اهو آهي ته گذريل اڌ صديءَ کان وٺي ننڍي آبادگار لاءِ ننڍو ٽريڪٽر ئي چيو وڃي ٿو. بدقسمتيءَ سان وڏي ٽريڪٽر جي اڌ طاقت واري ننڍي ٽريڪٽر جي قيمت ان جي مقابلي ۾ اڌ نه ٿي ٿئي. ان کان سواءِ تيل، پرزن، مرمت جي خرچ جي لاڳت ۽ ڪم ۾ پڻ، اهو اڌ برابر نه آهي. انهن سڀني ڳالهين کان سواءِ زمين جي ڪم ۾ ننڍو ٽريڪٽر وڏي ٽريڪٽر جي ڀيٽ ۾ اڌ کان به گھٽ آهي ۽ ان جي عام طور لاڳت وڏي ٽريڪٽر جي 75 کان 80 سيڪڙو بيهندي جنهنڪري ان کي رکڻ ۽ ڪم وٺڻ اڻڪفائتو آهي. سنڌ لاءِ 50 کان 60 هارس پاور جا ٽريڪٽر مناسب آهن. 80 کان 100 هارس پاور جا وڏا ٽريڪٽر وڌيڪ ڪفائتا هوندا پر ڏيهي ٽريڪٽر ٺاهيندڙ ڌريون انهن کي ٻاهران گھرائڻ جي مخالفت ڪري رهيون آهن يا اها تجويز ڏئي رهيون آهن ته سرڪار انهن مٿان ڳرا محصول (ٽيڪس) لڳائي ۽ سرڪار معصوميت سان ملڪي ۽ معاشي مفادن کي نظر انداز ڪندي، ان مان هٿ ڪڍي ٿي.
زراعت تي تحقيقي ڪم ڪندڙن ۾ ايم ايڇ پنهنور جو نالو سڀني کان مٿاهون آهي۔ سندس ڇپيل ڪتاب ان سلسلي ۾ رهنما ۽ ڪارآمد ٿي سگهن ٿا پر افسوس جو اسان وٽ جديد ٽيڪڻالاجي ۽ تحقيق تي ڪم بلڪل نه پيو ٿئي۔ اهوئي سبب آهي جو اسان اڃان تائين زرعي ملڪ هوندي به زراعت ۾ ڪو خاص نالو ناهيون ڪڍي سگهيا۔ سهڻو ليک