جِي. ايم. مهڪرِي/نصرت بانو سائنسي ذهن انساني ذهن بابت نفسي علم جي اصولن هيٺ جيڪي لکين تجربا ڪيا ويا آهن، انهن اها ڳالهه ثابت ڪري ڇڏي آهي ته ماڻهوءَ جي هر چڱي ڀلي ٻار جو دماغ فطري طرح سائنسي آهي ۽ ڏاڍي تيزيءَ سان هر هنرمندي سکڻ ۽ سمجهڻ ۾ ماهر آهي. رڳو ايترو ئي نه، پر پنهنجو پاڻ نيون شيون ٺاهڻ ۽ ايجاد ڪرڻ ۾ ڀڙ آهي. ان ڪري ماڻهوءَ-ذات حيوانن جي دنيا کان ڌار ۽ ٻي نموني جي مٿير ۽ موچاري آهي، پر خرابي اها آهي ته ايڏي مٿير ۽ ماهر ساڃاهه ۽ ڏات سولائيءَ سان دَٻجي بيڪار ٿي سگهي ٿي ۽ ٿي رهي آهي. حضرت عيسى عليه سلام ماڻهن سان ڳالهائيندي چيو هو ته توهان مان هر هڪ ديوتا (God) آهي، يعني هر ماڻهو ايڏين (ديوتا جيڏين) ڀرپور ڏِيائُن ۽ ڏاتن جو مالڪ ۽ وس وارو آهي. جيڪڏهن انهن ڏاتن کي ڦٽايو نه وڃي ته اسان مان لڳ ڀڳ هر هڪ سائنسي ذهن ظاهر ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي اولاد کي ڊيڄاري ۽ دڙڪا ڏئي ماٺ ۽ مايوس نه ڪري ته ٻار سوالن جو وسڪارو لائي ڏيندو، ته هِي ڇو؟ هُو ڇو؟ هِي ڪيئن؟ هُو ڪيئن؟ يعني هر ڳالہه سان ڇو، ڇا، ڪيئن، ڪڏهن، ڪٿي وغيره شامل ڪري، اهڙا سوال پڇندو جو وڏن جون به متيون منجهايو ڇڏي. اهڙيءَ طرح ماڻهوءَ-ٻار ڄاڻڻ گُهري ٿو، ڄاڻڻ گُهري ٿو ۽ ڄاڻڻ گُهري ٿو. اهي ئي سوال، اها ئي ڄاڻ سائنسي ذهنيت جو جياپو آهي. ان کان سواءِ سائنس جو نالو نشان ئي نه هجي ها ۽ ماڻهو ٻين جيتن، جانورن، ڍورن-ڍڳن جيان حياتي گذاري ڇڏي ها. جيڪڏهن ماڻهو ماڻهوءَ جي فطري سائنسي، ذهنيت کي تباهه ۽ برباد ڪري، ٻارن کي دٻائي ۽ ڊيڄاري، انهن جي کوجنا ڪندڙ طبيعت کي نه ڇڏي ته اسان جي دنيا ئي نرالي ٿي پوي. مغربي ملڪن ۽ جپان وغيره ۾ ٻارن جي انهيءَ ذهنيت کي اجاريو ويندو آهي، جڏهن ته اسان وٽ ان جي ابتڙ آهي. اهو ئي سبب آهي ۽ رڳو اهوئي سبب آهي، جو اُتي ايڏي اسان کي وائڙو ڪندڙ ترقي ٿي رهي آهي ۽ هاڻي ته سمنڊ جي پاتار ۾ ۽ تارن ڀري پولار ۾ وڃي رهڻ-وسڻ تي ڌيان ڏنو ٿو وڃي، ۽ هتي اسان وٽ ايئن آهي جو ماٺڙي ڪريو، وات ڦاڙيو پيا ڏسون. هتي ٻارڙن جي سائنسي ذهنيت کي تباهه ڪيو پيو وڃي، آخر ترقي ٿئي، ته ڪيئن ٿئي؟ مون کي مون پرين، ٻڌِي وڌو ٻارِ ۾، اڀو ايئن چون، متان پاند پسائين. (شاهه)
ڪڏهن ڪڏهن ٻارن جي سوالن تي دنگ رهجي ويندو آهيان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مونکي ياد آهي ته هڪ دفعي منهنجي ننڍڙي ماروٽ مونکان سوال ڪيا ۽ مان کيس جواب ڏئي سمجهائڻ لڳس، سوال اڻ کُٽ هئا پر هڪ سوال منهنجون به متيون منجهائي ڇڏيون، جڏهن هن پڇيو ته مرد ته گنجا ٿين ٿا پر مان ڪا مائي گنجي ناهي ڏٺي ڇو ؟؟ ۽ مان لاجواب ٿي ويس ۔۔۔۔۔۔۔ اوهان جي بهترين شيئرنگ آهي۔
فڪر انگيز ليک ۔۔۔ٻار مڇ جو وار ۔۔۔ اها چوڻي سنڌيءَ جي سمجهڻ جي قابل آهي ۔۔۔ ڇاڪاڻ ٻار جو نئون ذهن ايترو تڪڙو ۽ ڏاهو هوندو آهي جو انکي جيڪا شئي سمجهائبي جلد سمجهي ويندو آهي ۽ حضم ڪري ويندو آهي ۔۔۔ انڪري ان صلاحيت جو فائدو وٺندي قومون پنهنجن ٻارن جي اصلاح لاءِ جتن ڪنديون آهن ۔۔۔ پر وري به ڳالهه اچي ٿي ، اسان جي قوم تي ۔۔۔۔ اسانجي قوم جا والدين ۽ تعليمي ادارا اهو ڪردار ادا نه پيا ڪن جنهن سبب هي انڌير تمام گهرو آهي ۔۔۔ لک قرب محترم دوست ۔۔۔۔