هڪ حڪيم وٽ مريض علاج لاءِ آيو،مريض جي چڪاس سان حڪيم محسوس ڪيو ته سندس ساڄي ٽنگ ڪمزوري جي ڪري نيري ٿي وئي آهي، ان حڪيم مائٽن سان صلاح ڪري ان مريض جي اها ٽنگ ڪپي ڇڏي۔۔۔ وري ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مائٽ مريض کي وٺي آيا، کاٻي ٽنگ به نيري لڳي رهي هئي، مريض جي جان کي خطرو ڄاڻائيندي حڪيم اها ٽنگ به ڪپرائي ڇڏي، ٽيون چڪر جڏهن حڪيم جي اڳيان مريض کي کڻي آيا ته حڪيم معائني کان بعد چيو، ”يار ! تنهنجي اصل مرض جي ته هاڻي خبر پئي آهي، اصل ۾ تنهنجي گوڏ جو رنگ لهي ٿو“
ههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههه کلي کلي پيٽ ۾ سور ته ڪون پيو پر اصل کل بيهي ئي ڪون ٿي ۔۔۔ ڏسجي ته کل بيهي ته ڪٿي ڪٿي ٿو سور پوي ۔۔۔۔ ههههههههههههههههههههههههههه
حڪيم مريض کي تپاسيندي ڪجه ڪک ڏنا ۽ مريض جي مائٽن کي تاڪيد ڪيائين ته ڪک کائڻ کانپوءِ هي اُڃ جي دانهن ڪندو پر ياد رکو مريض کي پاڻي ڪنهن به صورت ۾ نه ڏجو ، جي پاڻي مريض کي اوهان پياريو ته پوءِ منهنجي ذميواري نه هوندي ۔ مريض جيئن ئي ڪک کاڌو ته اُڃ جي دانهنون شروع ڪيائين سڄي رات پاڻي پاڻي ڪري نيٺ دم ڌڻي حوالي ڪيائين ،مريض جي مائٽن حڪيم سان رجوع ڪيو ته مريض مري ويو ، حڪيم رڙ ڪندي چيو ته مريض کي پاڻي ته نه پيارو هيوَ ؟؟ مائٽن جواب ڏنو ته نه ، حڪيم وراڻيو ته چڱو ٿيو جو پاڻي نه ڏنوَس نه ته وڏو نقصان ٿئي ها ۔
لڳي ٿو ته سڀ مريض نيم حڪيمن وٽ ڦاٿا هوندا ۔۔۔۔۔ اڃان کل بيٺي ئي نه ته مٿان وري رضوان اصل ٻرندڙ ۾ تيل وڌو آهي ۔۔۔ هاڻ ته پيٽ جي مالش ڪرائڻي پوندي ۔۔۔۔ ههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههه
حڪيم مريض کي دوا جو وزن سمجهائيندي دوا ڏني ۽ مريض جي مائٽن کي چيائين ته شام جو حوال ضرور ڏجو ، پر مريض ٻئين وزن ۾ راهه ربّاني وٺي ويو ۔ مريض جي مائٽن حڪيم سان سربستو احوال ڪيو ، حڪيم فلسفيانه انداز ۾ چيو مُڙس مئو پر وزن جي خبر ته پئجي وئي ۔
ها ادا خبر ئي نه ٿي پئي ته اهي حڪيم آهن ڪٿان جيڪي رڳو ماڻهو پيا مارين جيارين ڪوبه ڪونه پيا ته ڪو جئيي هن دنيا جهان ۾ پر لڳي ٿو ته ادا رضوان ۽ ادا مست واقعي ئي نيم حڪيمن جي ور چڙهيل آهن پر اهو هڪ سٺو مذاق ونڊ ٿيل آهي واقعي کل اها شئي آهي جيڪا رڪجڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي۔ ههههههها هههههههههههههههها
هاهاهاهاها ۔۔۔۔۔ اصل کِل بيهڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي ۔۔۔۔۔ مست ته مست پر جمالي صاحب جا ٽوٽڪا به لاجواب هئا۔