سنڌ سلامت جو ساٿ ۽ مان

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ علي ظفر طرفان آندل موضوعَ ‏5 جولائي 2012۔

  1. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    دوستو ڪجهه ڏينهن اڳ ئي مون سنگت سان ناراض ٿي سنڌ سلامت تان الوداع ٿيڻ جو سوچيو۔
    ان جا سبب ڪجهه به هجن پر هڪ ڳالهه جيڪا مان سدائين محسوس ڪندو هيم اها اها هئي ته سنڌ سلامت جي شروعات ۾ سنڌين جو نيٽ تي نه اچڻ ۽ سنڌين جي سائيٽن جي کوٽ هجڻ سان گڏو گڏ گهٽ سنڌين جو سنڌي ٻولي ۾ لکڻ اسان کي مجبور ڪندو رهيو ته ڪو اهڙو پليٽ فارم ٺاهجي جتي اها کوٽ پوري ڪري سگهجي۔
    پهرين مرحلي ۾ سنڌ سلامت کي لانچ ڪيونسين۔۔ ان ۾ ڪيتريون پريشانيون، مالي مشڪلاتون ۽ ڏکيائون هيون انهن جي ڳالهه ڪرڻ نه چاهيندس جو انهن جو ڦل سامهون ڏسي اهو وقت وسري ويو آه۔
    ٻئي مرحلي ۾ فيس بوڪ جهڙي وسيع نيٽ ورڪ تي سنڌي ٻولي کي عام ڪرڻ ۽ دوستن ساٿين کي سنڌي لکڻ تي مجبور ڪرڻ به هڪ وڏو ڪم هو پر الله جي مهرباني سان پهرين جي مقابلي ۾ هاڻي بي انتها سنڌين جو سنڌي لکڻ ٻڌائي ٿو ته اسان جون ڪوششون بيڪار نه ويون۔
    هن وقت سنڌ سلامت پنهنجي ڍڳو پير پيران واري شروعات کان منزل ڏانهن کنيل وک کي ڊوڙ ۾ تبديل ڪري چڪي آهي۔ ۽ هتي ايندڙ مهربان دوست منزل جي هن سفر کي جاري ۽ ساري رکيو ويٺا آهن هوڏانهن فيس بوڪ تي موجود سنڌي به سون کان مٿي چڙهندي لکن ۾ پهتا آهن ۽ سنڌي ٻولي ٻنهي پليٽ فارمن تي عام ۽ جام آهي۔ ان ڪري سنڌين جي هيڏي هجوم ۾ پاڻ کي ننڍڙو ٿي ڀانيم۔ مٿان وري ڪاروباري مصروفيتون ايتريون جو وقت ڪڍڻ ڏکيو ٿيڻ لڳو۔
    اڃان صورتحال کي قابو جي ڪوشش پئي ڪيم ته لڳو ته سنڌ سلامت کي چيچ ۾ وٺي هلائڻ جي شروع ڪندڙن ساٿين کي هاڻي شايد منهنجي ضرورت نه رهي آهي۔ ڳالهه ته ڏکاري هئي جنهن جو اظهار ڪرڻ کان رهي به نه سگهيم پر جڏهن منهنجو سنڌ اچڻ ٿيو ته سنڌ سلامت سٿ کي هڪ مُٺ ٿي گڏ ڏسندي خوشي ٿيم۔ ڳالهه ايتري به نه هئي پر انهن دوستن جي قرب، محبت ۽ سچي پيار ۾ ڪاٿي به ڪا کوٽ نه لڳي۔ هنن مونکي جيڪا محبت ڏني ان ۾ ڪا ڏيکاوٽ نه هئي۔ سنن بي پناهه قرب ۽ محبت ۾ ڪاٿي به اها ڳالهه نوٽ نه ڪيم ته ڪو منهنجي ناراض ٿي سنڌ سلامت ڇڏڻ تي انهن جي محبت ۾ گهٽتائي آئي هجي۔ بلڪه هنن جي اهڙي ڀرپور موٽ ۽ وقت ڪڍي مون لاءِ ميڙاڪا ڪوٺائي منهنجي اندر ۾ پيدا ٿيل ان کي خال کي به ڀري ڇڏيو جيڪو هن وقت مون کي پنهنجي هٽ ڌرمي محسوس ٿي رهيو آهي۔

    مان پنهنجي اهڙن چاهيندڙن ۽ محبت سان موٽ ڏيندڙ دوستن اڳيان شرمندو ٿيڻ لڳس ان ڪري دل هٿان مجبور ٿي واپس ورڻ جو سوچيم ۽ ان لاءِ هتي پاڪستان ۾ وقت بلڪل نه هجڻ باوجود به هي ليک جوڙي ورتم ته متان ڪا ٻي مجبوري مون کي روڪي وجهي ۔
    هتي مان سنڌ سلامت جي سموري سنگت خاص طور ادا ذيشان رشيد، سائين غلام مصطفي ميمڻ، ادا سليمان، پياري عرس پريو، ادا حفيظ لغاري، چاچي ڪريم بخش، غلام مرتضي وساڻ سميت انهن سمورن دوستن جو ضرور شڪريو ادا ڪندس جن مون کي محبتي موٽ ڏني۔

    دوستو مصروفيتن کان فارغ ٿيندي ئي وري ميڙاڪا مچائبا ۔ تيسين

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    ادا مهرباني ۔
    وسلام
     
  3. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    ڀلي ڪري آيا منهنجا دوست، هي اڱڻ توهان ئي جوڙيو آهي ته پو توهان هن کان ڌار ڇو رهو، اوهان جا قرب جو واپس وريا آهيو۔
     
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ادا توهان کي ٻيهر ڀليڪار
    اڄوڪي ڀلاري رات تي دعا آهي ته شل سڀ سنڌي ڀائر خلوص ء سچائي واري قرب ء محبت ۾ هميشه قائم رهن ۔۔۔۔۔۔۔۔ آمين

     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    پر مين ڳالھ ته اوھان وڇڙيا ئي سنڌسلامت کان نه ھئا۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    وڌيڪ لکڻ ۽ ڪا ڊگهي تمهيد بجاء بس چند سٽون پيش آهن۔

    رتي رُس مَ تن سين جن ريء سريء نه ساهه
    هو جهيڙين تون جهڪو ٿي پاند ڳچيء ڳل پاء
    وڃي پاڻ پرچاء متان رٺو ئي رهجي وڃين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    دوستن ۽ سنڌ سلامت جي ساٿين جي خلوص کي سمجهڻ ۽ انهن جي پيار جي صحيح پرک ڪرڻ تي اوهان کي جس هجي ۽ اوهان کي ڀليڪار ڪجي ٿي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو