• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا سنڌي قوم پاڻ بچائي وٺندي؟

نثارابڙو

نائب منتظم
295488_10150997822933948_1640990427_n.jpg
ڇا هنن بلائن جي هوندي سنڌي قوم پاڻ بچائي وٺندي؟
+ ڌاريا مٽ مئيءَ جا نه ٿيا
+ جهالت ۽ لاعلمي
+ رشوتي انصاف ۽ مسلح ادارا
راشي حڪمران، سياستدان
+ ڌاڙيل ۽ پاٿاريدار
+ راشي عملدار ۽ آفيسر
قومي شعور جي ڪمي
+ غدار مير پير، وڏيرا ۽ جاگيردار
سوچيو، غور و فڪر ڪري پاڻکي بلائن ۽ براين مان آزاد ڪرايو ...
 
بلڪل به نه ، اهڙي حالتن ۾ اسان ترقي ۽ بهتري بجاء پستي ۽ تباهي طرف وينداسين، بلڪه وڃي چڪا آهيون۔ اسان وٽ هاڻي جهالت ڪاهي پئي آهي ۽ ان جا ذميوار اسان جا پنهنجا ماڻهو ۽ اسان جي خاموشي آهي۔ اسان ڪجهه پيسن عيوض پنهنجي ضمير جو سودو ڪري ٿا ڇڏيون۔

سواء تعليم جي اسان پنهنجي تقدير نه ٿا بدلائي سگهون۔ پر هي سسٽم، هي رواج ڪيئن تبديل ٿيندا ۽ اسان کي ڇا ڪرڻو آهي ۽ ڪيئن ڪرڻو آهي، اهي ۽ ان جهڙا ڪيئي سوال حل طلب آهن۔
 
زخمي ڌرتي جي سيني تي ديو ڏسان ٿو گهمن فرن ٿا
قسم آ تهنجي ڏنل فڪر جو غريب ماڻهو ٻڏن ترن ٿا
ڀاگين ڀاڻ ويا ٿي خالي ورا گهرن جا پٽي کڻي ويا
باقي اسان وٽ رهيو به ڇاهي خبر به نه آ ته ڇا گهرن ٿا
قوم سڄي کي وٺڻيون پونديون ڪيڙن مار دوائون سائين
جهوني ڦٽ ۾ چمبڙيل ڪيڙا رت پيئڻ لاءِ چرن پرن ٿا
قسم آ تهنجي ڏنل فڪر جو غريب ماڻهو ٻڏن ترن ٿا
 
Back
Top