232 اٽيچمينٽ ڏسو ڪتاب هن وقت ڪتابن جهڙو ارزان ۽ مدامي ميوو! ڪو ورلي ٻيو هوندو. هينئر ڪتاب ائين آهن جيئن پيڄاريءَ ۾ ليون. ڪتابن جو مان هوندو هو اڳي. ڇاپخانن جو رواج هاڻي پيو آهي. اڳي هٿ سان ڪتاب لکبا هئا جي ڪاتب وڏي جفاڪشيءَ، محنت ۽ لکڻ ۾ گهڻي وقت صرف ڪرڻ بعد ڪڍندا هئا. مصنف ڪتاب لکيو ڪاتبن کي ڏيندا هئا، جي انهن جون گهرج آهر ڪاپيون، گهڻن پيسن وٺڻ سان تيار ڪيو ڏيندا هئا. سڀڪو پڙهيل ڪونه هوندو هو. جيڪي ڪتابن جا شوقين هئا سي مايا ملڪيت کان وڌيڪ ڪتابن جي حفاّظت ڪندا هئا. گهڻو ڪري وڏا نواب ۽ امير ڪتاب خريد ڪندا هئا. جن وٽ ڏهه ڪتاب هوندا هئا، تن کي ماڻهو وڏو عاقل، قابل ۽ نواب ڪري ليکيندا هئا. علمي خزانو گهڻا ڏوڪڙ ڏيئي گڏ ڪرڻ ڪري اهڙو بي مانو ڪونه هوندو هو، جهڙو اڄ ڪلهه ڪتاب آهن سستا ۽ سهانگا، جنهن ڪري 500 ڪتابن جو خريد ڪري پڙهڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي. ڪتابن جي تعداد وڌڻ سان سندس قسم پڻ وڌيا آهن. اڳئين زماني ۾ ادبي، مذهبي ۽ قانوني ڪتاب عام جام لکبا هئا پر مذاقي رواجي ڪتاب بلڪل عدم موجود هوندا هئا، ڇاڪاڻ جو انهن جي لکڻ جي نه ضرورت هئي ۽ نه فرصت. طبابت ۽ حڪمت تي ڪتاب انهي پيشي وارن لاءِ ضروري هوندا هئا، پر هاڻي سائنس جي ترقيءَ ۽ ريلوي، ريڊئي وغيره جي رواج رائج ٿيڻ ڪري، انهن متعلق ڪتاب پڻ لکيا ۽ پڙهيا وڃن ٿا. تاريخ، سياست، سير و سياحت ۽ فطرت جي گوناگون حقيقت پروڙڻ جو شوق جو گهڻي وقت کان انسان ذات کي دامنگير هو ۽ هاڻي به آهي، تنهن تي ڪتاب مهيا ٿي سگهن ٿا. ڪتاب مصنف جي دل جو خون آهي، جو هو اکرن جي صورت ۾ پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪري ٿو. مصنف پنهنجا تجربا ۽ مشاهدا الفاظن ذريعي ظاهر ڪري ٿو، جنهن مان پڙهندڙ فائدو حاصل ڪري ساڳيون ڀلون چوڪون ڪرڻ کان بچي سگهي ٿو. ڪتاب ناڻي جي ٽجوڙيءَ کان به بهتر آهي. جيئن شاهوڪار ٽجوڙيءَ ۾ ٽڪا گڏ ڪندو آهي، تيئن تجربيڪار، ڪتاب ۾ تجربه لکندو آهي. جيئن ٽجوڙيءَ ۾ رکيل پيسا آئيءَ ويل ڪم اچي سگهندا آهن، تيئن ڪتاب ۾ درج ٿيل حقيقتون ۽ احوال پڙهندڙن کي ڏکئي وقت تي ڪم اچي سگهن ٿا. ٽجوڙيءَ مان چور پيسا چورائي سگهن ٿا، پر ڪتابن ۾ سمايل احوال چورائي نٿا سگهن. ڪتاب دماغي قوت آهن. جيئن انسان جي بدني طاقت ۽ قوت قائم رکڻ لاءِ قوت ضروري آهي، تيئن ذهن ۽ عقل جي قوت برقرار رکڻ لاءِ، دماغي کاڌو ضروري آهي. جيڪي انسان سارو ڏينهن هٿ جي هاج ڪن ٿا، تن کي فرصت وقت وندر جي گهڻي ضرورت ٿئي ٿي. ڪمي ڪاسبي فرصت جو وقت ناٽڪن يا گتن تي گذاريندا آهن، پر هنن لاءِ فرصت وقت سٺن ڪتابن پڙهڻ کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي عمدي ۽ فائديمند وندر ٿي سگهي ٿي؟ ناٽڪ ۽ گتا هنن جي کيسي لاءِ ڪئا آهن. ناٽڪن ۽ گتن تي هنن جو مشقت سان ڪمايل پيسو ضايع ٿئي ٿو، پر ڪتاب پڙهڻ ڪري نه فقط کين وندر مهيا ٿئي ٿي، پر ساري ڏينهن جي ٿڪاوٽ ڀڄي ٿي ۽ دماغي قوت پڻ وڌي ٿي. ڏينهن جي جان ماري ۽ بدني پورهئي بعد ڪتاب پڙهڻ مان جو حظ حاصل ٿئي ٿو، تنهن جي انهن کي ئي پوري خبر هوندي، جن اهو نسخو آزمايو هوندو. ڪتاب پڙهڻ مان هن کي گهڻائي فائدا آهن. پڙهندڙ جي بدني ٿڪاوٽ ڀڄي ٿي، هن کي دماغي قوت حاصل ٿئي ٿي، اجاين فضول خرچن جي بچت ٿئي ٿي، ڳڻتين کان نجات ملي ٿي، مصنف جي خيالي دنيا جي عجيب و غريب باشندن سان ملاقات ٿئي ٿي، ۽ ڪتاب ۾ درج ٿيل حقيقتن پڙهڻ سان سندس واقفيت وڌي ٿي ۽ اها واقفيت کيس خوش گذارڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ننڍي عمر وارن لاءِ ڪتاب رهبر آهن ۽ وڏي عمر وارن لاءِ وندر، ڪتابن ۾ مصنف جيڪي پنهنجي حياتيءَ ۾ تجربا ۽ آزمودا پرايا آهن، سي درج ڪن ٿا، تنهن ڪري ننڍي عمر وارا انهن ساڳين ڳالهين سکڻ لاءِ انهن ساڳين واقعن ۽ آزمودن مان لنگهڻ جي عيوض پنهنجو قيمتي وقت بچائي، ڪتاب ۾ درج ٿيل حقيقتن کان آگاه ٿي، زندگي خوشگوار نموني ۾ بسر ڪري سگهن ٿا. پير مرد جيڪي مانا کائي مٿي چڙهيا آهن ۽ دنيا جي لاهين ۽ چاڙهين کي بخوبي ڏسي ۽ آزمائي رهيا آهن، تن لاءِ ڪتاب پڙهڻ اهڙو آهي جهڙو پنهنجي زندگيءَ جو ناٽڪ ڏسڻ. ڪتاب مصنف جي دماغ جي نچوڙي ڪڍيل رس آهي. انهي رس کي چوسي ماکي ڪڍڻ، پڙهندڙ جو ڪم آهي. ماکيءَ جون مکيون گلن تي ويهي جيئن رس چوسي وٺنديون آهن ۽ ساڳئي وقت، گل کي ڪو نقصان ڪونه پهچائينديون آهن، تهڙي طرح سان ڪتاب ۾ درج ٿيل ڳالهين کي جهٽي، انهن تي عمل پيرا ٿي، ڪتاب کي ڪو به ضرر نه پهچائڻ گهرجي. سڀيئي ڪتاب هروڀرو اهڙا ڪين آهن، جن کي منڍ کان پڇاڙيءَ تائين پڙهي ويهي مغز گهٻجي. بيڪن جو فرمودو آهي، ته ڪي ڪتاب فقط چکڻ جهڙا آهن يعني سرسري طرح پڙهڻ جهڙا آهن، ڪي وري ڳهڻ جهڙا آهن يعني تڪڙو تڪڙو پڙهي وڃڻ جهڙا آهن، ته ڪي وري چٻاڙي هضم ڪرڻ جهڙا آهن. يعني چڱي طرح اونهي اڀياس ۽ گهري مطالع ڪرڻ جهڙا آهن. ريلوي گائيڊ کي باريڪ نظر سان پڙهڻ سراسر بيوقوفي ٿيندي. ڇاڪاڻ جو اهو ڪتاب فقط چکڻ جهڙو آهي، يعني اهڙو آهي، جنهن کي وقت سر ڪم ڪڍڻ لاءِ کولي پڙهڻ جو ضرور پوي ٿو. ناولن ۽ ٻين رواجي ڪتابن تي سرسري نظر وجهڻ ئي ڪافي آهي. باقي فلسفه ۽ ادب جي ڪتابن کي غور سان پڙهي، انهن جي تهه تائين پهچي، تت پروڙڻ ۽ درج ٿيل حقيقتن کي دل سان هنڊائڻ ۽ انهن تي ويچار ڪري ڪي نتيجا ڪڍڻ، لازمي آهي. دنيا ۾ پائدار دوستي ۽ وفادار سنگتي مشڪل ملن ٿا. ڪتاب سچا ساٿي ۽ وفادار دوست آهن. انهن کي ڪاوڙائڻ جو انديشو ڪونهي. هو رُسن ڪونه ٿا، پوءِ کڻي توهين هنن سان اڍنگا پير کڻو، ڪتاب وقت تي توهان جي مدد ڪن ٿا ۽ جيڪڏهن توهين ڪڪ ٿي انهن کي ڦٽو ڪريو ٿا ته به آئيءَ ويل ۾ هو بنا رنجهه ڪنجهه جي، توهان جي خدمت ڪن ٿا. توهان کي رهبر جي ضرورت ٿئي ٿي، ته هو رهبري ڪن ٿا ۽ مشڪلات ۾ منجهائيندڙ مسئلن حل ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا. کڻي چئجي، ته ڪتاب توهان جا زر خريد ٻانها آهن. اڳئين زماني ۾ بادشاهن کي اهڙا عاقل غلام هوندا هئا، جي وقت سر صلاحون مصلحتون ڏيندا هئا. انهي ڪري موجوده زماني ۾ ڪتابن جا مالڪ، انهن خوش نصيب بادشاهن کان گهٽ ڪين آهن، جن کي عاقل غلام هوندا هئا، بختاور آهن اهي، جيڪي ڪتابن مان موزون فائدو حاصل ڪري، شهنشاهي مرتبه ماڻين ٿا. غلام محمد شهواڻي جي ڪتاب گلدسته اقوال تان ورتل
ڪتاب سان عشق آهي ۽ منهنجو محبوب به هڪ ڪتاب ئي آهي ۔۔۔ پڙهيو پيو پڙهان ۔۔۔ عمر ساري ڪتاب علم ڏي ٿو ۔۔۔ عشق علم کي روشن ڪري ٿو ۔۔۔ پهريان به پڙهندا هياسون پر جڏهن عشق ٿيو ته پڙهائي ذهن ۾ ويهڻ شروع ڪيو ۔۔۔ ڪتابن سان ياري ڄڻ ته پارس سان ياري ۔۔۔ لڳي ته سون۔۔۔۔ اهڙو سون جنهنکي نه وقت وڃائي، نه باه ساڙي، نه چور چورائي تمام سهڻو ۽ ڪارائتو ليک ۔۔۔