نثارابڙو
نائب منتظم
ان ڪري،نوجوان دوستو! قومپرست ساٿيو !
==========================
اوهين هن گُگھ اونداھ ۾ جرڪندڙ ستارن جي ازلي جوت آهيو ،
ستارا، جي پرھ جا پيغامبر هوندا آهن،
ستارا، جي ڪنهن ڳوٺاڻي نارِ جي چُنيءَ جا چِٽ ڀانئبا آهن،
ستارا،جي اُماس رات ۾ آُهاءَ جي علامت هوندا آهن،
ستارا،جي سونهن ۽ سچ جو ساڀيان روپ هوندا آهن،
ستارا، جي امڙ جي اکين جا تارا آهن،
ستارا جي سنڌوءَ جي سينڌ ۾ سونهن جو سينڌور ڀريندا آهن،
ستارا.جن جو مانڊاڻ من موھيندڙ هوندو آهي،
ستارا جي اوندھ جي وجود تي وار آهن،جي سڄي رات سڙي،ٻري،ساڻيھ کي سوجھرو بخشين ٿا ۽ واٽهڙن کي واٽ ڏسين ٿا،
ستارا،جن جي جدا جدا وجود ۾ به جوت ساڳي آهي،
ستارا،جي نظم ۽ ضبط ،جزب ۽ ڪشش جي علامت بنيل آهن،
ستارا ،جي ڌرتي جي ڌڙڪندڙ دل جا رازدان آهن،
ستارا ،جي نه راه بدلائي ڄاڻن،نه ڏات لڪائي ڄاڻن.جن کي رات جي ڪا به سازش شڪار بنائي نٿي سگھي،...
اوهين هن اونداهي رات جا سدا ملوڪ ستارا آهيو
(عبدالحڪيم ارشد)