پيارا ذيشان رشيد اوهان پاران هي نئون سافٽويئر ذين فورو متعارف ڪرائڻ کان پوءِ جتي کوڙ ساريون سٺايون ٿيون آهن اتي ڪجهه شيون اهڙيون به آهن جيڪي هڪ طرح اوهان ته مثبت نتيجن جي پيشِ نظر تبديل ڪيون پر سچ پُڇو ته مون سميت ڪافي دوستن کي اهي تبديليون هضم نه ٿيون۔ خاص ڪري تازه ترين وارو ٽيب۔
پهرين ايئن هو ته تازه ترين موضوع ۾ اهي موضوع هوندا هئا جيڪي هڪ مخصوص وقت کان پهرين (مثلا 24 ڪلاڪ ، 48 ڪلاڪ يا 72 ڪلاڪ) پهرين جا موضوع هوندا هئا۔ هاڻي انهي کي تبديل ڪري تازه ترين موضوع ۾ پوسٽ ٿيل موضوع جي ٽائيم موجب ترتيب ۾ ته رکيا ويا آهن پر اوهان هڪ دفعو اهي پڙهي ڇڏيا ته وري تازه ترين ۾ ظاهر نه ٿيندا۔ توڙي جو اها مڃڻ جهڙي وضاحت/ دليل آهي ته هڪ دفعو پڙهڻ کان پوءِ اُهو موضوع تازه نه رهيو پر اڪثر ايئن به ٿيندو آهي جو موضوع پڙهندي بجلي وئي، غلطي سان بندا ٿي ويو يا وري ٽائيم نه هجڻ سبب پوءِ جواب ڏيڻ جو ارادو ڪيو۔ انهي سڀني شين ۾ ڏکيائي اها ئي اچي ٿي ته وهان موضوع ڏسي چُڪا سو هاڻي اهو هتي نه رهندو۔ جڏهن ته وي بليٽن ۾ ايئن نه۔
۽ منهنجي ذاتي راءِ اها آهي ته موضوع پڙهڻ سان پڙهيل ته ٿي وڃي ٿو پر پراڻو نه ٿو ٿئي۔ پراڻو ٿيڻ لاءِ موضوع ڏسڻ نه پر وقت گذرڻ جو شرط هُجڻ کپي۔ هاڻي ڳالهه کُٽائيندي عرض ڪندس ته جيڪڏهن ٽيڪنيڪلي ممڪن ئي ناهي ته ٺهيو پر جي اهو ٿيڻ ممڪن آهي ته اڄ ئي ڪيو وڃي نه ته عرس پريو جهڙا دوست ته اڳي ئي انتظاميه کي پاڪستان گورنمنٽ جو لقب ڏيئي ويٺا آهن۔
۽ ها هن موضوع جي تائيد يونس ملڪاڻي ۽ سليمان وساڻ ته ضرور ڪن جو مون کي ذاتي طرح خبر آهي ته هو به اها تبديلي چاهين ٿا۔