چاچا ڪريم سچل ڳوٺ جي هڪ هر دل عزيز شخصيت آهي۔ پاڻ وڪالت جي شعبي ۾ هڪ ڪامياب ڪيريئر اُڪاري هاڻ رٽائرڊ لائيف گذراين ٿا۔ ۽ شايد رڳو گذاري وڃڻ جو انتظار ڪن ٿا۔ مون کيس اڪثر چيو آهي ته گذاري وڃڻ کان پهرين ايترو سارو جيڪو پڙهيو اٿئو انهي آڌار اوهان ڪجهه لکو جنهن مان نئين ٽهي فيضياب ٿئي۔ پر سائين اصل ٺپ جواب۔ ايترا جواز ۽ بهانا جو ٻڌي ٻڌي هاڻ ٻڌڻ ۽ چوڻ ڇڏي ڏنو اٿم۔
سچل ۾ ٻه قسم جا ماڻهو آهن۔ هڪ چاچا ڪريم ٻيا اسان سڀ۔ ۽ ٻنهي سان هڪ هڪ مسئلو آهي۔ چاچا ڪريم جو مسئلو هر ڳالهه چئي ٻڌائڻ جو شوق آهي ۽ اسان سڀني کي نه ٻڌڻ جي بيماري آهي۔ چاچو چوندو آهي مون کي ٻڌو اسان چئون ٿا اسان کي لکي ڏي۔
هڪ دفعي چاچا کان ڇتي ڪوري جي باري ۾ پڇيم۔ چاچا شروع ٿيو ته مون ڪجهه ئي دير ۾ چيو چاچا بس ڇڏيوس، مون ڇتو ڪوري کي سمجهي ورتو ته هو ڇا هوندو؟ پر چاچا بيهڻ وارو ناهي۔ هن ڳالهه پوري ڪري دنگ ڪئي۔
چاچا ۾ کوڙ سارين ڀلين ڳالهين مان هڪ اها به آهي ته هو سنڌ جو درد رکي ٿو۔ سنڌ خلاف ٿيل ڪنهن به ڪم تي آواز اُٿارڻ پنهنجو فرضِ اولين سمجهي ٿو۔ تازو 22 مئي 2012 تي ٿيل محبتِ سنڌ ريلي حملي خلاف چاچا ٻارين ٻچين سچل ڳوٺ ۾ مظاهرا ڪيا. چاچاڪم ته ڏاڍو ڏاڍو سٺو جو اسان بي حسن ۽ لاغرضن کي ماري ويو پر ٻي ڏينهن جو ڏِسون ته سندن فيس بوڪ جي اسٽيٽس ۾ وٺو وٺ هُجي ته بس مان اجهو ٿو ايجنسين هٿان اغوا ٿيان۔ اِجهو ٿا مون کي وردين وارا کڻي وڃن۔ اصل وصيتين تي وڃي پُهتو۔ پر اسان پوءِ به پنهنجي بي حسي ۽ لاغرضي پاڻ سان سؤلي ڪري سنڀالي رکي هئي۔ نيٺ مايوس ٿي چاچا پنهنجي ڳالهه ۾ وزن وِجهڻ لاءِ پنهنجي ممڪنه غائب ٿيڻ جي ذميواري رحمان ملڪ تي وجهي ڇڏي۔ رحمان ملڪ کي ته الاءِ اها خبر پئي يا نه ته چاچا هُن تي پنهنجي ڪيل ڏوهه کان پهرين ئي هُنکي ملزم قرار ڏيئي ڇڏيو آهي پر پنهنجي يار سليمان اصل ڪم لاهي ڇڏيِس۔ چئي چاچا تون گهر هلي آرام ڪر تو کي ڪير کڻندو۔ چاچا به سُر کي سمجهي ويو ته هاڻي ڳالهه وڌائڻ سان ٿيندو ڪجهه ڪونه۔ سو پنهنجي اغوا جا خدشات پاڻ تائين محدود ڪندي چُپ ٿي ويو۔
چاچا کي سنڌ سلامت سکڻ جو به جُنون جي حد تائين شؤق آهي۔ شل نه ڏسي سليمان وساڻ کي ڪمپيوٽر تي ته اچي پاسو وٺندو ۽ چوندو ڪمپيوٽر سيکار۔ پر سليمان ڪري ته ڇا ڪري۔ ذيشان رشيد سنڌ سلامت جا روز اهڙا ٿو هار سينگار ڪري جو سنڌ سلامت جو ايڊيٽري لڏو به پريشان هوندو آهي۔ سو چاچا ڪريم جيستائين سنڌ سلامت جي الف ب ت ث پڪي ڪري ٿو ته سنڌ سلامت جي نئين الفا بيٽ اچيو وڃي۔
هفتو ڏيڍ پهرين رات جا ڏهه ٿيا هُجن۔ آئون سليمان سنڌ سلامت تي ويٺا ڳالهايون ته چاچو اچي پُهتو۔ اها ئي باءِ ڊفالٽ فرمائش ته سنڌ سلامت سيکاريو۔ سليمان سيکارڻ شروع ڪيو۔ سليمان جي اک اسڪرين تي منهنجي ٻنهي تي ۽ چاچا ڪريم جي اک۔۔۔۔۔۔! هِڪ نه پر ٻئي اکيون بند۔۔۔۔۔۔۔ مون به چُپ ڪري ويٺي ڏٺو يا بلڪه انتظار ڪيو ته سليمان ڇا ٿو چئي؟ جڏهن ڪجهه دير ۾ چاچا جا پُرنم کونگهرا سليمان جي سماعتن تائين پُهتا ته ڇرڪجي پوئٽي ڏسي ته چاچا سُتو پيو آهي۔”ي__________ار حد ٿي وئي۔“ سليمان مٿي تي هٿ هڻندي چيو۔
چاچا ڪلاڪ کن ننڊ جو ٺاهوڪو جهٽ هڻي اٿيو ۽ معصوميت سان پُڇڻ لڳو ابا ڪٿي پُهتا۔ مون چيو چاچا جتي به پُهتا سين پر دلي ڪافي دور است۔ اوهان هلو گهر هلي سُمهو۔ چاچا هڪ وڏي اوٻاسي ڏيندي چيو ”ها سائين اوهان ڪٿي ٿا سيکاريو مون کي؟“
چاچا هيستائين سنڌ سلامت تي لکڻ جي ڪافي ڪوششن باوجود انهي ڪري به ناهن لکي سگهيا جو سنڌي جو ڪي پيڊ سمجهه ۾ نه ٿو اچين۔ جيڪي ڪجهه مواد هنن جي نالي سان اپلوڊ ٿيو به آهي ته آن لائين اسڪرين ڪي بورڊ تي مائوس سان ڪلڪ ڪري لکيو اٿن۔ سو ظاهر آهي ته موضوع ايترا ئي هوندا۔ باقي سنڌ سلامت سکڻ جو شؤق جام اٿن پر ماريو انهي ڳالهه آهي ته سکڻ مهل ننڊ اچيو وڃي۔
ڪلهه رات سليمان وساڻ جي مدد سان هڪ مرنداسين اُتي، جتي ڪو سڃاڻو نه هوندو نالي سان ليک پوسٽ ڪيو اٿن۔ انهي جي مرڪزي صفحي تي آيل ڏيک ڏسي مون کان ته کِل نڪري وئي۔ ڇو ته جڏهن موضوع جو عنوان ٽائيم سان گڏ پڙهيم ته ڪجهه هيئن پڙهڻ ۾ آيو۔
اڄ 13:33 تي مرنداسين اُتي، جتي ڪو سڃاڻو نه هوندو!