سنڌ سلامت ساٿ سلامتدوستو السلام عليڪم، يا علي عليه السلام، حق موجود جيئي لطيف جيئي سنڌ!ڪھڙا حال آھن سنگت جا اُميد ته سرھا ھوندا ۽ پنھنجي پنھنجي ڪمن ڪارين ۾ مصروف ھوندا جيئين ته اڄ ادا سليمان اسان کي ياد ڪري سرعام فيس بوڪ تي سرعام تصوير شيئر ڪري اسان کي ياد ڪيو، سائين جن جا لک ٿورا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ حقيقت ته اھا ته جنھن قوم ۾ سائين سليمان جھڙا جوان مرد آھن اُھا قوم ڪڏھن به پوئتي ورڻي نه آھي سائين جن پاڻ جستجو ۾ رڌل ھوندا آھن ۽ ساڻ دوستن کي به ھمٿائيندا آھن، منھنجي سستي جو ڪو خاص سبب نه آھي بس موڊ ڪونه ٿو ٿئي، سائين جن جي حڪم جي تعميل ڪندي مان ٻيھر فعال رھڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس۔۔۔۔۔۔وس وارن دوستن کي اپيل ته سي ايس چار جي لنڪ ڏين۔
ڀليڪار ان لاءِ نه چوندس ته پنهنجي گهر اچڻ تي ڀليڪار نه چئبي آهي ۔۔۔ ها سلام چئبو آهي ۔۔۔ سو سلامتي هجي اوهانتي ۔۔۔ ٻي ڳالهه ته صبح جو ڀليل شام جو واپس ايندو آهي ته انکي ڀليل ناهن چوندا ۔۔۔ اوهان جو ساٿ اسانجي لاءِ اهم ۽ خوشي ڏيندڙ آهي ۔۔۔ هونءَ ته اوهان جي طبيعت ۾ بيچيني محسوس ٿيندي آهي پر اها بيچيني عارضي به آهي، ڇاڪاڻ ته علم جي جستجو ڪندڙ لاءِ اهي مرحلا هوندا آهن، اميد ته اوهان پنهنجي علم کي وڌائيندا ۽ ڄاڻ جي دائري کي وسيع کان وسيع تر ڪندا۔ شاه چواڻي ته؛ قيام ملن ته به ويجها ڀائنج سپرين۔ اوهانجي موجودگي اسانجي خوشيءَ جو سبب ۔۔۔ اميد ته اها خوشي برقرار رهندي ۔۔۔۔۔۔
لڳي ٿو توهان جي سستي توهان کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي نه ته سي ايس چار جا ته کوڙ سارا لنڪ توهان پاڻ به ڳولهي سگهو ٿا۔۔۔ منهنجي استعمال هيٺ سي ايس 3 آهي جنهن جو پورٽيبل ورجن پي ايم ڪري ڇڏيو اٿم۔۔۔
عاشق سائين وعليڪم سلام ۽ سدا جيئي سنڌ اوهان کي فيسبوڪ اسٽيٽس جي اپڊيٽ تي اڪثر ڏسندو آهيان ۽ سوچيندو آهيان ته فيسبو تي ايندڙ هزارين ليک، لنڪ ۽ اپڊيٽس اچڻ کانپوء اسٽيٽس هٿ ناهن ايندا۔ جڏهن ته سنڌي فورم سنڌ سلامت ۽ سنڌ سجاڳ جو ڪم مگھفوظ ۽ گوگلنگ ذريعي سولائي سان سرچ ٿيندو آهي۔ تنهنڪري دل چاهيو ته اوهان جهڙي دل گهريي دوست لاء ٻه اکر لکيم، جيڪي اوهان جي سچائي، خلوص ۽ محنت اڳيان ڪجهه به ناهن۔ شال سدا مرڪندا رهو ۽ شاد ۽ آباد رهو۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت