• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٺَڳُ ٺڳي، جَڳَ کي،

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مگسي
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مگسي

سينيئر رڪن
چون ٿا ته ڪنهن شاهوڪار جي، پيريءَ ۾ پُٺ پڌري ٿي، تنهنڪري شهر جا ماڻهو، توڙي آس پاس جا، کيس مبارڪون ڏيڻ ويا ۽ ڪيترا ته مصرين جا ٿالھ ۽ ٻيا تحفا کڻي ويا. هڪڙو مهاڻو، جو سندس در جو دائما دعاگو هو، سو به ٻه پلا کڻي، وٽس ويو، شاهوڪار جي دل ۾، هن غريب مهاڻي جي غريباڻي تحفي ايڏو ته اثر پيدا ڪيو، جو کيس ڏھ ڪَلدار رپيا ڏنائين. جڏهن ڪنهن لوڀيءَ، هيءَ ڳالھ ٻڌي، تڏهن خيال ڪيائين ته: شاهوڪار کي مبارڪ ڏيڻ لاءِ، هڪرو سادو سُودو تحفو کڻي وڃان ته جئين ان جي عيوض ڪجھ وڌيڪ ڪمائي اچان. اهو خيال ڪري، هڪڙو متارو دُنبو، اڍائي رپين ۾ خريد ڪري، شاهوڪار وٽ تحفي طور کڻي ويو. شاهوڪار ته هن کي ڌُرئون ئي سڃاڻندو هوم سو عجب ۾ پئجي ويو ته ڪئين اڄ هن دُنبو آندو آهي! پچيائينس ته، ”دُنبو گھڻي ۾ خريد ڪيو اٿئي؟“ چيائين ته، ”سائين، اڍائي رپين ۾“. شاهوڪار قصي کي تاڙي ويو، سو هن کي چيائين ته، ”تون به تحفو آندو آهي، پر مان توکي، ان کان به سٺي چيز ٿو ڏيان.“ لوڀي ڏاڍو خوش ٿيو. پر جڏهن ڏٺائين ته شاهوڪار، هن لاءِ، هڪ پلو آندو آهي، تڏهن تَرو ئي لڳي ويس. شاهوڪار چيس ته، ”تو گھيٽو، اڍائي رپين ۾ آندو آهي ته مون وري هي پَلو، پنجن روپين ۾ ورتو هو، جو تو کي ڏيا ٿو“ : لوڀيءَ دل ۾ چيو ته، ”مون به گھڻن کي ٺڳيو، پر هن ته مون کي به ٺڳي ورتو“. جڏهن ماڻهن ۾ اها ڳالھ عام ٿي، تڏهن ڪنهن ائين چيو.
مطلب: جيڪو گھڻو لوڀ ڪندو، سو ضرور نقصان پائيندو
 
Back
Top