رنجيت
سينيئر رڪن
شل نه اسان سنڌين کي ڪوئي مفت جي ڳالهه ٻڌائي اصلي فقير وانگر چنبڙي وينداسين (منهنجو مطلب ڦلپوٽي فقير ڏانهن نه آهي) مونکي ڪنهن دوست ٻڌايو ته تون پاڪستان ته ڇا پر دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ مفت ۾ ڪال ڪري سگهين ٿو.. مون کيس چيو ته چريو ٿيو آهين ڇا..... اگر ايئئن هجين هان ته مان ته هن مهل تائين امير هجان هان ڇو جو مان جنهن ڏينهن پنهنجي موبائل ۾ ايزيلوڊ ڪرائيندو آهيان اهو سنڌ ۾ پنهنجي دوستن ۽ مٽن مائٽن سان ڳالهائي ان ڏينهن ئي پورو ڪندو آهيان ڀلا 100 جي ايزيلوڊ تي اچي به ته 90 رپيو ٿو نه ۽ 12 روپيا اهي به انڊيا جا مطلب 17 روپيا پاڪستاني مونکي هڪ ڪال جا پوندا آهن........ تڏهن ان دوست چيو ته تون چريو آهين اڄ ڪالهه VOIP ڪالس آهن تون انهن جو استمعال ڪر يا وري پنهنجي مائٽن کي انٽرنيٽ سيکار.......... جيڪڏهن اهو به نه ٿو ڪري سگهين ته وٺ هيءَ ويبسائيٽ ۽ بس رڳو جعلي اي ميل اڪائونٽ ٺاهي هر دفعي 4 منٽ مفت ۾ ڳالهاءِ......... مان ته ڏاڍو خوش ٿيس ۽ وري بعد ۾ رنس اهو به ٻه دفعا........ هڪ دفعو ان دوست کي JW Marriotممبئي جو مشهور ***** فائيو اسٽار هوٽل آهي . اڙي دوست کي ان هوٽل ۾ نه ٻاهران چانهه پيئاري جنهن چانهه جا 3 روپيه ورتا.......... خير اها ڳالهه در گزر ڪئي ۽ مان گهر آيس نيٽ هلائي ويبسائيٽ کولي اڪائونٽ ٺاهيو ۽ مفت ۾ 4 منٽ پنهنجي دوست سان ڳالهايو........ مان ته اصلي خوش ٿيڻ لڳس ڇو جو مونکي اصلي ڪوهه نور ملي ويو پوءِ مان جڏهن ٻي اي ميل ٺاهي ۽ ان ويبسائٽ تي اڪائونٽ کوليو ته نڀاڳي سائيٽ چيو ته توهان هڪ آئي پي ايڊريس تي هڪ دفعو اڪائونٽ ٺاهي ٿا سگهو........ بس سائين پوءِ ته ان دوست تي ڏاڍا خار لڳا.... پرابلم اها آهي ته مون وٽ ڪيبل نيٽ آهي جنهن ڪري هڪ آئي پي يوز ٿيندي آهي بس اهوئي هڪڙو پرابلم آهي ان سائيٽ جو باقي سائيٽ زبردست آهي فري ڪال جي لاءِ
مفت ۾ ڪال ڪرڻ جي لاءِ هتڙي ڪلڪ ڪريو
مفت ۾ ڪال ڪرڻ جي لاءِ هتڙي ڪلڪ ڪريو