حسين بن منصور حلاج جون آخري جهلڪيون؛ جڏهن کيس ڦاسيءَ جي ڦندي جي هيٺان وٺي ويا ته، حضرت شبلي کائنس پڇيو. “ تصوف ڇاکي چئبو آهي” پاڻ جواب ڏنائون. ” جيڪو ڪجهه تون ڏسي رهيو آهين، اهو تصوف جو سڀ کان هيٺيون درجو آهي، ڇاڪاڻ ته سڀ کان مٿاهين درجي جو ڪو واقف ٿي نٿو سگهي” ان کانپوءِ ماڻهن کيس پٿر هڻڻ شروع ڪيا سندس هٿ ڏاڪڻ سان ٻڌا ويا ته مشڪندي چيائين، ” ماڻهن منهنجا ظاهري هٿ ته ٻڌي ڇڏيا آهن، پر منهنجا اهي لڪل هٿ ڪير ٻڌندو، جن همٿ جو تاج آسمان جي سر تان لاٿو آهي” اهڙي طرح جڏهن سندس پيرن کي ٻڌو ويو ته، چيائين، “ منهنجا ظاهري پير ته ٻڌا ويا آهن، پر اڃان اهي لڪل پير باقي آهن، جن سان آءُ ٻنهي جهانن جو سفر ڪندو آهيان” انکانپوءِ پنهنجا رت سان ڀريل ٻئي هٿ، پنهنجي منهن تي گهمائيندي چيائين، “ منهنجي فتح چڱيءَ طرح ڏسي ڇڏيو، ڇاڪاڻ رت نوجوانن لاءِ سونهن وڌائڻ وارو تيل هوندو آهي، پوءِ ٻنهي هٿن کي پنهنجن ٺوٺن تائين ڦيريندي چيائين، ” آءُ نمازِ عشق جي لاءِ وضو پيو ڪريان، ڇاڪاڻ نمازِ عشق جي لاءِ رت سان ئي وضو ڪيو ويندو آهي” انکانپوءِ جڏهن سندس اکيون ڪڍيون ويون ۽ هاڻ زبان ڪترڻ جي تياري ڪئي وئي ته، چيائين، “ اي الله! منهنجا هٿ پير ختم ڪيا ويا آهن، اکيون ڪڍيون ويون آهن ۽ هاڻ سر به ڪٽيو ويندو، پر مان تنهنجو شڪرگذار آهيان جو تو مونکي ثابت قدم رکيو، ۽ توکان التجا ڪريان ٿو ته هنن سڀني ماڻهن کي به اها ئي دولت عطا ڪر جيڪا مونکي ڏني اٿئي.“ انکانپوءِ وري پٿربازي شروع ٿي ته، چيائين، “ هڪ جي دوستي به هڪ ڪري ڇڏي ٿي“ عشق ڇا آهي؟جڏهن کيس تخته ڦاسيءَ جي طرف وٺي ٿي ويا، ته ان جاءِ ته لڳ ڀڳ هڪ لک ماڻهون موجود هيا، هو ڦاسي گهاٽ ڏانهن ويندي هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي چوندو رهيو، ” حق، حق، حق ...... انا الحق” چونٿا ته ان وقت ڪنهن درويش کانس پڇيو ته، “ عشق ڇاکي چئجي” جواب ڏنائون، “ تون اڄ ڏسندي، سڀاڻي ڏسندي ۽ پرينءَ به ڏسندي“ مطلب ان ڏينهن کيس ڦاسي ڏني وئي، ٻي ڏينهن کيس ساڙيو ويو، ٽين ڏينهن سندس خاڪ هوا ۾ اڏاري وئي ... ڄڻ ته عشق جو مطلب ئي اهو هيو. (تذڪره اولياه ... فريد الدين عطار رح)
ها سائين انهن عشق جي امامن جو شان ئي نرالو هيو۔ اڄ به دنيا انهن عاشقن کي سلام ڪندي آهي ۔ اهڙن عاشقن مان مخدوم بلاول به هڪ هيو