سماج ڇا آهي ؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ غلام مصطفي ا طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2012۔

  1. غلام مصطفي ا

    غلام مصطفي ا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 مئي 2012
    تحريرون:
    108
    ورتل پسنديدگيون:
    227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    143
    ڌنڌو:
    انساني حقن واري تنظيم ۾ ڪوآردينيٽر جي حيثيت.
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ

    238 اٽيچمينٽ ڏسو

    سماج ڇا آهـــــي؟


    مختلف وطني جاگرافين جي مخصوص پيداواري طريقن تي مشتمل اجتماعي زندگيءَ جي ڪاروهنوار جي تنظيم کي سماج يا معاشرو چورائي ٿي.
    مثال طور پوري انساني برادري مختلف معاشرتي يا سماجي يا سماجي ڍانچن ۾ ورهايل آهي، هر قوم جو سماجي معاشي ڍانچوانهيءَ جي سماجي معاشي ارتقا جي مخصوص ڏاڪي کي ظاهر ڪري ٿو. جيئن اوائلي معاشرو ابتدائي ڏاڪو اهي، غلام داراڻو معاشرو قبائليت جي صورت ۾ سماجي ارتقا جو ٻيون ڏاڪو آهي جاگيرداراڻو معاشرو سماجي ارتقا جو ٽيون ڏاڪو آهي. صنعتي سرمائيداراڻو معاشرو سماجي ارتقا جو چوٿون ڏاڪو آهي، ۽ خودڪاريت تي مشتمل خودڪار معاشرو سماجي ارتقا جو پنجون ڏاڪو آهي. ڪو به سماجي نج پج هڪڙي پيداواري طريقي تي مشتمل ناهي هوندو. بلڪل انهيءَ ۾ پراڻي سماج جي باقيات ۽ نئين سماج جا ٻج موجود هوندا آهن. هر هيٺئين ڏاڪي وارو سماج ترقي ڪري مٿئين ڏاڪي وارن سماجن ۾ تبديل ٿيڻ جو رجحان رکندو آهي.
    اهڙيءَ طرح هڪ ئي سماج ۾ مختلف پيداواري قوتن جي وچ ۾ سماجي عبور دوران نون ۽ پراڻن طبقن جي صورت ۾ ڇڪتاڻ به رهندي آهي. جيئن سرمائيدار ۽ جاگيردار طبقن جي ڇڪتاڻ، رڪشا ۽ ٽانگي وارن جو تضاد وغيره اچي وڃن ٿا. هر نئين سماج جون پيداواري قوتون پراڻي سماج جي پيداواري قوتن سان دشمن تضاد جي صورت ۾ وجود رکنديون آهن. اهڙيءَ طرح هڪ .ئي سماج جون پيداوري قوتون هڪ ٻئي سان وحدت، ڇڪتاڻ يا ڪشيدگيءَ ۾ رهنديون آهن.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو