تهذيب ۽ ثقافت ڇا آهن؟ تهذيب........... انساني محنت مان پيدا ٿيل ڪارگر مهذب نوعيت جون تخليقون، ايجادون تهذيب چورائن يا سڏجن ٿيون. دراصل تهذيب ۽ ثقافت کي اسان الڳ الڳ سمجهندا آهيون، پر حقيقت ۾ تهذيب ۽ ثقافت لازم ۽ ملزوم آهن. ثقافت............. ثقافت تهذيبي شين جي استعمال ۽ انهن جي اعلٰي مشاهداتي سلسلي جي فني صورت کي ثقافت چئبو آهي. تنهن ڪري ثقافت کي تهذيب جو روح چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو. جيئن ذهن پنهنجي جسماني عمل جي تشريح ذهانت زريعي ڪندو آهي، تيئن تهذيب به پنهنجي عملن جي تشريح ثقافتي مشاهدي زريعي ڪندي آهي. جهڙيءَ طرح پوري هندستان جي تهذيبي زندگيءَ جو آغاز موهن جي دڙي جي شهري زندگيءَ کان شروع ٿيو آهي، ساڳئي طرح ثقافتي زندگيءَ جو آغاز به اتان ئي ٿيو آهيس. اها موهن جي دڙي دراوڙن جي قديم شهري متمدن زندگي ئي هئي جن عالم انسانيت کي متمدن تهذيب يافته زندگي گذارڻ جو ڏانهن سيکاريو ۽ معاشرتي انصاف جي روشنيءَ ۾ ماڻهپي تي مبني زندگي جو فلسفه حيات پهچايو.