• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت فورم جا بٽڻ سنڌي زبان ۾...

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
ڪجهه ڏينهن اڳ ادا ابوزين جن کي گذارش ڪئي هيم ته سنڌ سلامت جا موجوده بٽڻ جيڪي انگريزي ۾ لکيل آهن کي تبديل ڪري سنڌي ۾ ڪرڻ جو ارادو آهي ... ۽ جيئن ته توهان فوٽو شاپ بهتر طريقي سان ڄاڻو ٿا ان ڪري هن ذميداري کي پورو ڪيو ....
اڄ اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي ٿئي ته ادا ابوزين جي محنت سان تيار ڪيل سنڌي بٽڻ سنڌ سلامت فورم تي سجايا ويا آهن يقينن سنڌ سلامت فورم تي اها تبديلي توهان کي پسند آئي هوندي...
مهرباني ادا ابو زين...
 
سائين صحيح ڳالهه آهي۔۔۔ مون کي واقعي تبديلي محسوس ٿي۔۔۔
هڪڙو اقتباس وارو بٽڻ ۽ ٻيو جواب ڏيو وارو بٽن
 
ڪجهه ڏينهن اڳ ادا ابوزين جن کي گذارش ڪئي هيم ته سنڌ سلامت جا موجوده بٽڻ جيڪي انگريزي ۾ لکيل آهن کي تبديل ڪري سنڌي ۾ ڪرن جو ارادو آهي ... ۽ جيئن ته توهان فوٽو شاپ بهتر طريقي سان ڄاڻو ٿا ان ڪري هن ذميداري کي پورو ڪيو ....
اڄ اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي ٿئي ته ادا ابوزين جي محنت سان تيار ڪيل سنڌي بٽڻ سنڌ سلامت فورم تي سجايا ويا آهن يقينن سنڌ سلامت فورم تي اها تبديلي توهان کي پسند آئي هوندي...
مهرباني ادا ابو زين...

منهنجي ڦوٽو شاپ تي ڪا خاص گرفت ته نه آهي، ڪافي عرصو ٿيو آهي، انهيءَ کي استعمال به ناهي ڪيو. جڏهن بٽڻن جي تبديلي ڪرڻي پيئي ته يقين ڪريو، ڪافي مونجهارو پئي محسوس ڪيم. بهرحال توهان جا لک قرب جو اسان کي انهيءَ لائق سمجهيوَ، باقي اصل محنت ته توهان جي ئي آهي، اسان ته صرف ٻانهه ٻيلي آهيون.

هڪڙو ڀيرو وري مهرباني سائين وڏا.
 
سائين واقعي تبديلي نظر آئي ليڪن اها خبر نه هئي ته اها تبديلي ڪنهن ڪئي آهي پر هاڻي خبر پئي ته ادا ابوزين جن اهو ڪم سرانجام ڏنو آهي تمام سٺي ڳالهه آهي ادا ابو زين کي عرض آهي ته مون وٽ لفظ چڱو صحيح نظر نه ٿو اچي ان جو ڪو حل ٻڌائيندا ته مهرباني ٿيندي
 
Back
Top