سنڌ سموري سون سنڌ سڄي سرهاڻ
سنڌ ڀٽائي گھوٽ جي سنڌ ڀٽائي ساڻ
موج ڀريو مهراڻ سدا وهي سنڌ ۾ ...
ٿر سنڌ جي خوبصورت حصو، ٿري سنڌ جا سٻاجهڙا ماڻهون۔۔۔ اتان جون سموريون برادريون، محبتي ۽ مهمان نواز۔۔۔ جن مان هڪ مڱڻهار به آهي۔۔ هن برادري اسان کي کوڙ شخصيتون ڏنيون جن ۾ مائي ڀاڳي هجي يا شفيع فقير پر سندن آواز جو جادو آهي جو اڄ به ٽٽي نه ٿو۔۔۔اڄ نيٽ گردي دوران رَيت، رِيت ۽ سنگيت نالي هڪ ڊاڪيومينٽري نظر مان گذري جنهن ۾ سنڌ جي انهن خوبصورت آواز جي مالڪن جو ذڪر ٿيل هيو۔۔ سندن ريتون، سندن رسمون ٻڌائن سان گڏ، ٿر جي مشڪل حالات کي پنهنجي آواز ۾ خوبصورتي سان لڪائي ڏک ڏولا وسارڻ ۔۔۔ هن ڊاڪيومينٽر صاف سمجهايل آهي۔۔
ٿر نه ڪالهه بدليو، نه اڄ ۽ نه وري حالتون ٻڌائين ٿيون ته سڀاڻي بدلبيون۔۔۔ جي بدليون به ته هتان جي خوبصورتي جو سبب بڻجندڙ چرند، پرند ۽ پڪي رنگ سان رچيل خوبصورت چهرا ڪڏهن به تبديل نه ٿيندي ۽ نه وري سندن روايتون، رسمون جيڪي کين اوچو بڻائينديون آهن۔۔۔
ان اميد سان هتي هن ڊاڪيومينٽري جا ٻئي حصا لڳائجن ٿا ته جي وقت هجي ته دوست ضرور ڏسن۔۔۔ (خوبصورت ۽ هن بهترين ڊاڪيومينٽري جي اردو ۾ هجڻ کي اميد ته سنگت نظر انداز ڪندا)