پوليس دادو ۾ به ”ڪارنامو“ ڪري ڏيکاريو!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2012۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    اسان وٽ ڄڻ ته پوليس اهلڪارن درميان مقابلو هجي ٿو ته جيڪڏهن سنڌ جي هڪڙي علائقي ۾ پوليس ڪي بي گناهه قتل ڪيا آهن ته ٻئي علائقي جي پوليس به اهڙو ڪو ڪارنامو ڏيکارڻ لاءِ بي چين هجي ٿي. اهڙو ڪارنامو نيٺ دادو پوليس ڪري ڏيکاريو، ۽ شايد ان جي بي چينيءَ کي ڪو چين ملي ويو! ڪاڇي جي شهر واهي پانڌيءَ جي رهواسين ۽ مختلف سياسي تنظيمن جي ڪارڪنن عورتن سميت دادو پهچي 45 ڏينهن اڳ واهي پانڌيءَ ۾ هٿيار بندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل ايس ٽي پي جي ڪارڪن بشير برهماڻيءَ جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ايس پي چوڪ دادو وٽ ڌرڻو هڻي انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪري ڇڏيو. اي ايس پي جي اڳواڻيءَ ۾ 3 موبائيلن ۾ سوار پوليس ڌرڻي واري هنڌ پهچي پهرين مظاهرين تي لٺبازي ڪئي، بعد ۾ احتجاج ڪندڙ مظاهرين تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن جي نتيجي ۾ واهي پانڌيءَ جو رهواسي 28 سالن جو نوجوان ايس ٽي پي جو ورڪر عاشق علي برهماڻي قتل ٿي ويو. 3 عورتن سميت 10 مظاهرين زخمي ٿي پيا، جن کي رتورت حالت ۾ سول اسپتال دادو آندو ويو، جن کي ٻانهن ۽ ڄنگهن ۾ گوليون لڳل هيون.
    ڪنهن دور ۾ پوليس جي تعريف ۾ ٺاهيل ترانو ڏاڍو مشهور ٿيو هو ته، ”پوليس ڪا هي فرض مدد آپڪي.“ پوءِ پوليس واقعي به ماڻهن جي مدد ڪرڻ ڪارناما ڪرڻ شروع ڪيا. جهڙي قسم جو منظر دادو ۾ ٿيل ڪارروائيءَ جي حوالي سان مٿي بيان ڪيو ويو آهي، سو ڪنهن ريت اهو ثابت نٿو ڪري ته پوليس کاتو ماڻهن جي مدد لاءِ قائم ٿيل آهي، پر لڳي ٿو ته اهو کاتو ماڻهن جو انگ گهٽائڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي، جيڪو ڪٿي ڪنهن شهريءَ کي ڏوهارين کان بچائڻ ۾ ته ناڪام آهي، پر پنهنجي هٿان ماڻهو مارڻ ۾ سدائين ڪامياب وڃي ٿو. هن اداري جي اهلڪارن کي اوهان ڪي ڏوهاري پڪڙڻ لاءِ موڪليو، ڏوهاري ڪڏهن به نه پڪڙبا، پر جيڪڏهن هن کي ڏس ڏيندا ته ڪٿي ڪي بي ڏوهي شهري انصاف لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن ته هي اتي پهچي ماڻهو ماري به احتجاج ختم ڪرائيندا. ڇاڪاڻ جو انهن کي خبر آهي ته جيڪڏهن ڪو بي ڏوهي هنن جي هٿان مري پيو ته ان جي جاچ وري به سندن پٽي ڀائي ڪندا ۽ پٽي ڀائي سدائين پٽي ڀائين کي بچائيندا ئي رهيا آهن. ڪالهه جڏهن هڪڙي پاسي دادو ۾ احتجاج ڪندڙن تي فائرنگ ٿي رهي هئي، ٺيڪ ان وقت ڄامشورو ۾ پوليس هٿان قتل ڪيل چئن پورهيتن جي جاچ رپورٽ به پڌري ٿي رهي هئي. اها جاچ رپورٽ ڪالهه شايع ٿي آهي، جنهن رپورٽ ۾ مقتول پورهيتن کي ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي. جيڪڏهن پٽي ڀائين پاران پوليس اهلڪارن جي بچائڻ جا ايئن بندوبست ٿيندا ته پوءِ پوليس کي ڪير روڪيندو ته اها بي گناهه شهرين کي نه ماري!؟ جيڪڏهن دادو ۾ ٿيل پوليس ڪارروائيءَ جي جاچ به ڪرائي ويندي ته اها رپورٽ به ڄامشوري واري رپورٽ کان گهڻو مختلف نه هوندي. پٽي ڀائي اهو ئي ٻڌائيندا ته مظاهرين مٿن حملو ڪيو، ۽ هنن پنهنجي تحفظ ۾ گوليون هلائي عاشق برهماڻيءَ کي قتل ڪيو.
    جيستائين ڄامشوري واقعي جي رپورٽ جو تعلق آهي ته ان ۾ پورهيتن کي کڻي ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي، پر اهو به چيو ويو آهي ته ٽن ڄڻن کي گرفتاري بعد قتل ڪيو ويو. جيڪڏهن ان ڳالهه تي به هلجي ته پوليس کي ڪهڙو اختيار آهي ته اها گرفتار ٿيل ماڻهن کي قتل ڪري. جيڪڏهن ڪير ڏوهاري آهي ته ان کي به پوليس ڪورٽ ۾ پيش ڪري، نه ڪي پنهنجي ڪورٽ ڪري. هاڻي اهي روايتي جاچون بند ٿيڻ کپن، هاڻي ماڻهن جي رت سان مذاق ختم ٿيڻ کپي، هاڻي معصومن جي خون ۾ ملوث پوليس اهلڪارن مان ڪن کي سزائون به اچڻ گهرجن.
    روزانه ڪاورش
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو