هڪ ڳوٺ ۾هڪ بزرگ رهندو هو، جنهن جي سندس وسنديءَ ۾ هر ڪو عزت ڪندو هو، پر سندس گهرواري ناشڪري هئي، هر ڳالهه ۾ کيس هيٺ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي۔ ماڻهو ان جي عزت ڪندا هئا پر گهر واري بدزباني ڪرڻ جو ڪو موقعونه ڇڏيندي هئي ۽ کيس ڪا اهميت نه ڏيندي هئي۔۔نيٺ تنگ اچي ان بزرگ شخص هڪ ڀيري الله پاڪ کان ڪرامت جي دعا گهري ته جيئن سندس گهر واري به سندس اها ڪرامت ڏسي سندس عزت ڪري ۽ ان جي دل ۾ سندس عزت ويهي وڃي۔۔بزرگ جي دعا قبول ٿي ۽ کيس اڏڻ جي ڪرامت ملي پوءِ اهو بزرگ اڏام ڪندو پنهنجي گهر مٿان گذريو۔ شام جو جڏهن اهو بزرگ گهر آيو ته سندس گهر واري چيو: تون ته وڏو بزرگ ٿيندو ٿو گهمندو وتين، بزرگ ته اڄ مان ڏٺو، جيڪو اسان جي گهر جي مٿان اڏام ڪندو پيو وڃي۔۔۔ان بزرگ کلندي چيو: چري اهو مان ئي ته هيس۔۔۔۔گهر واري جلدي ۾ وراڻيو۔۔۔ ”ها ! مان به چوان ته اهو اڏڻ وارو ٽيڙهو ٽيڙهو (پاسيرو ) ڇو ٿو اڏامي؟“