پنهنجي وقت ۾ اسلامي خلافت جو مالڪ، رسول پاڪ جو جانشين، جرنيلن جو جرنيل ۽ جنت جو وارث امام علي عليه السلام پنهنجي ظاهري دورِ خلافت ۾ معمول جي گشت موجب ڪوفي جي بازار مان گذري رهيو هو، عام ماڻهن جي معمولاتِ زندگيءَ جو مطالعو ڪندي، انهن جي ڏکن تڪليفن جو احوال وٺندي، مولا امير گذرندي گذرندي ان بازار ۾ پهتو جتي گوشت فروخت ٿي رهيو هو، هر دڪاندار وانگر هڪ عام دڪاندار پڻ مولا کي سلام ڪيو ۽ کين پنهنجي دڪان تي رکيل گوشت طرف متوجه ڪندي چيائين ته : ”اي برادرِ رسول ! اڄ منهنجي دڪان تي ڀلي ڍور جو گوشت آيو آهي، مان چاهيان ٿو ته ان مان ڪجهه گوشت اوهان جي نظر ڪريان“۔۔۔ مولا امير عليه السلام وراڻيو: ”بيشڪ ! مان تنهنجي گوشت جي تعريف يا ان تي اعتراض نه ٿو ڪريان، پر هينئر منهنجو کيسو مون کي ان ڳالهه جي اجازت نه ٿو ڏئي ته مان توکان هي گوشت وٺي سگهان“ (مولا علي عليه السلام اسلامي خزاني، بيت المال مان ڪابه رقم نه کڻندا هئا ۽ خلافت جي عرصي دوران به محنت مزدوري ڪري پنهنجي ڏيهاڙي ڪمائي گهر جو گذر سفر ڪندا هئا) دڪاندار وراڻيو: ”مولا ! اوهان کي پئسن لاءِ ڪير ڪمبخت چوي ٿو، اوهان هي گوشت اڄ کڻي وڃو ۽ جڏهن اوهان جي دل چوي اوهان پئسا مون کي ڏئي وڃجو۔“ ان جاءِ تي پيرن جي پير، مولا علي عليه السلام هڪ بهترين جملو فرمايو، جيڪو اسان سڀني جي لاءِ نمونهءِ عمل ۽ مثال آهي۔ مولا فرمايو: ”اي شخص! جيڪڏهن مان توسان ان گوشت جي لاءِ اوڌر ڪريان ته ڇا ان کان اهو بهتر ناهي ته مان تو سان پئسن جي اوڌر ڪرڻ جي بدران پنهنجي پيٽ سان اوڌر ڪريان، جنهن کي مان سڀاڻي (اڳئين جهان ۾) ان کان بهتر غذائون کارائي سگهان ٿو“ هي ڪنهن عام ڪائونسلر، يوسي ناظم يا وڏيري جا نه پر ان اسلامي مملڪت جي مالڪ جا لفظ آهن جنهن مملڪت جون حدون براعظم آفريڪه، عرب ممالڪ ۽ ٻين وڏن وڏن ملڪن تي مشتمل هيون، جن مان ٿيندڙ ڪمائي جي ڪا حد ناهي، پر ان هوندي به ايتري قدر سادگي، پنهنجي هٿن سان ڪمائي کائڻ، اوڌر جهڙي معمولي شئي کان پرهيز ڪرڻ جي اها خاصيت ڏسون ٿا ته اسان کي اڄ جي جاهل حڪمرانن جي موجودگيءَ تي سخت افسوس ٿئي ٿو، جيڪي پنهنجي پرائي مال جي پرواهه ڪندي بنا ملڪ جي پاڙن کي پٽي رهيا آهن ۽ مان ته سمجهان ٿو ته شايد انهن کي ئي ياجوج ماجوج چوڻ گهرجي۔۔ مولا علي عليه السلام جهڙي حڪمران جي ان طرزِ عمل مان اها ڳالهه به سمجهه ۾ اچي ٿي ته حاڪم تي جائز ناهي ته هو ڪنهن کان اوڌر وٺي يا ڪنهن جو احسان کڻي، ڇو ته مبادا سڀاڻي ان احسان يا اوڌر جي بدلي هو ڪنهن اهڙي ناجائز شئي جي فرمائش ڪري وٺي، جيڪا انصاف ڀريل حڪومت جي راهه ۾ رڪاوٽ هجي ۽ حاڪم جي دين ۽ دنيا برباد ڪرڻ جو سبب ٿي وڃي۔ جهڙي نموني مولا علي عليه السلام ۽ ٻيا اسلامي خلافت جا وارث بنا ڪنهن پروٽوڪول جي عام ماڻهن سان ملندا، انهن جا ڏک درد معلوم ڪندا هئا، اها ڳالهه به قابلِ فخر آهي، جڏهن ته اڄ جا صدر، وزيراعظم، صوبائي وزير اعليٰ يا وزير ته ٺهيو پر هڪ يُو سيءَ جي ادنا ڪائونسلر سان ملڻ لاءِ ماڻهن کي جتن ڪرڻا پون ٿا ۽ اهي جيڪي پنهنجي سيڪيورٽي ۽ پروٽوڪول جي نالي تي شاهه خرچيون ڪن ٿا اهي ڪنهن کان لڪيل ناهن۔۔۔
مولا فرمايو: ”اي شخص! جيڪڏهن مان توسان ان گوشت جي لاءِ اوڌر ڪريان ته ڇا ان کان اهو بهتر ناهي ته مان تو سان پئسن جي اوڌر ڪرڻ جي بدران پنهنجي پيٽ سان اوڌر ڪريان، جنهن کي مان سڀاڻي (اڳئين جهان ۾) ان کان بهتر غذائون کارائي سگهان ٿو“ اميرالمومنين علي عليه سلام کانسواءِ ٻيو ڪو به اهڙو قول ۽ فعل نه ٿو ڪري سگهي ۔ هيءَ منهنجي دعوى ۽ للڪار آهي ۔